سي پي ايس ڊي_مشاهدو

يروشلم ۽ ٽرمپ جو فيصيلو: اسان کي اختيار اپنائڻ جي ضرورت آهي


اسرائيل ۽ فلسطين جو مسئلو، يروشلم ۾ 1967ع کان اسرائيلي آبادي جو رهائش پذير ٿيڻ 6 ڊسمبر تي هڪ نئون موڙ ورتو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يروشلم کي اسرائيل جي راڄڌاني تسليم ڪيو ۽ تل ابيب کان آمريڪي سفارتخانو يروشلم ۾ منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو

عالمي برادري پاران ان فيصلي کي صرف عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ اسرائيلي فوج پاران انساني حقن خلاف طاقت جو استعمال ڪرڻ بلڪه گڏيل قومن جي ٺهرائن، واعدن ۽ عالمي برادري جي ٻه رياستي حل واري تصور کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي وچ اوڀر ۾ تسليم ٿيل سرحدن ۾ امن، ڀائيچاري۽ سلامتي سان هڪ قابل حل طور سمجهيو ويندو آهي. وچ اوڀر ۾ ان پويان هڪ ڊگهي عرصي تائين امن جو تصور ڪيو ويندو هو.

اهڙي طرح فلسطين ۽ ڪشمير جي سرزمين ۾ انساني حقن جي لتاڙ، اسلام طرف وڌنڌڙ عدم تشدد، جيڪو اسلام فوبيا، نسل پرستي ۽ اڻبرابري جي نتيجي ۾ مختلف قسمن جي اسٽيڪ هولڊرن پارن اڳرائي وارو حملو آهي. ٽرمپ جي بيان کي هڪ ثبوت طور وٺي سگهجي ٿو ۽ اهو دليل ڏيڻ ۾ اهم مدد ملي ٿي ته هاڻي آمريڪا جي انتظاميا ۽ رياست جي نئين خيالن جو پڌرنامو مسلمانن لاءِ قابل فڪر گهڙي آهي. جيڪو سسٽم جي مايوسي کي اڀاريندو ۽ مسلمان ڪميونٽي جي اڳواڻن کي نظرانداز ڪرڻ، جيڪو عمل مسلم برادري جي اندر ۽ ٻاهر تشدد ۽ افراتفري جي صورت ۾ ٻرندي تي تيل هارڻ جي نتيجي طور نڪرندو

هاڻي به گڏيل عالمي ضمير کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ اهم آهي، جتي ذميواري ۽ اعتماد جو درست احساس ٿيندو آهي. جهڙي طرح انساني حقن جي لتاڙ ڪشمير ۽ فلسطين سميت ٻين علائقن ۾ منصوبابندي ۽ انهن وچ ۾ سهڪار ۽ استحڪام جي نقطي جي چوگرد ،استحام سان گڏ استدال ۽ هڪ جٽادار ڳالهين ذريعي اندروني ۽ ٻاهرين تشدد کان پاسو ڪرڻ گهرجي

فردن، تنظيمن، برادرين ۽ ملڪن کي چوڌاڙي ٿيندڙ ناانصافي خلاف اٿڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. انهن کان هٽڻ مسئلي جو حل ناهي پر اسان کي ان سان منهن ڏيڻو پوندو. علم کي بااختيار بڻائڻ، منفي بحث ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن معاملن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ان جا نتيجا ۽ موقعا نڪرندا، جيڪي اسان سڀني کي امن، سلامتي ۽ انسان ذات جي گڏيل ترقي لاءِ بهتر مناسب اختيارن لاءِ اپنائڻا پوندا


Jerusalem Palestine Israel Two States UN Europe Human Rights UN Resolutions