گول ميز ڪانفرس :ڪانسٽي ٽيوشنل ايوليوشن آف پاڪستان

گول ميز ڪانفرس :ڪانسٽي ٽيوشنل ايوليوشن آف پاڪستان



سينٽر فار پيس، سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز طرفان پاڪستان جي آئيني ارتقا جي موضوع تي گول ميز ڪانفرس دادا ڀائي انسٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن ڪيمپس ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ سياسي شخصيات، قانون جي ماهرن ، وڪيل برادري، صحافين ۽ قانون جي شعبي جي استادن موضوع جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. پاڪستان جي آئين تي بحث لاءِ پروگرام کي ٻن سيشنز ۾ ورهايو ويو. تقريب جو پهريون سيشن آئين جي بنيادي اسلامي جمهوري اساس جو تحفظ ۽ ٻيو سيشن آئيني ترميمن جا فائدا ۽ نقصان تي مشتمل هئو.

پپهريون سيشن: آئين جي بنيادي اساس جو تحفظ

سدادا ڀائي انسٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار افتتاحي خطاب ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو، هن پنهنجي تعليمي تجربي جي روشني ۾ سي پي ايس ڊي جي ڪاوشن کي ساراهيو.هن آئيني ارتقا جي موضوع تي ڳالهائيندي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي نصحيت ڪندي چيو ته هر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي ” ان ڪانسٽي ٽيوشنل امينڊمينٽس“ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ته جيئن غير آئيني ترميمن جي خبر پئجي سگهي. موجوده دور ۾ هر وقت معاشي يا سماجي قدرن ۾ ڪا نه ڪا تبديلي اچي رهي آهي تنهنڪري آئين کي لچڪدار هجڻ گهرجي ته جيئن آئيني ترميمون عوام لاءِ سهولت ۽ حفاظت بڻجي سگهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ دادا ڀائي انسٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن جي قانون جي شعبي جي ڊائريڪٽر جسٽس سرمد جلال عثماني ” آزادي کان اڄ ڏينهن تائين“ جي پاڪستان جي آئين جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو . هن جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان هر ايندڙ حڪمران پاڻ کي طاقتور بڻائڻ ۽ غيرمشروط اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي آئين کي مسخ ڪيو. جسٽس عثماني جو وڌيڪ چيو ته آئين ۾ ترميمون صرف عوام کي سهولت ۽ سولايون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيون وڃن ڪنهن مخصوص فرد لاءِ نه. جسٽس عثماني جو چوڻ هو ته هاڻي آئين ۾ وڌيڪ ترميمن جي نه پرصرف ۽ صرف ادارن ۾ اصلاحن جي ضرورت آهي. هنن عدليه ۾ ججن جي تعداد جو مثال ڏيندي چيو ته هڪ جج 10 لک ماڻهن لاءِ ڪافي نٿو ٿي سگهي ، هو هڪ ڏينهن ۾ هزارين ڪيسن جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو.

ان سيشن جو ٽيون مقرر لاهور هاءِ ڪورٽ جو وڪيل جناب اسد جمال هو، هن پاڪستان جي آئين ۾ ٿيل ترميمن جو تقصيلي احوال پيش ڪيو ، اسد جمال، جسٽس سرمد جلال سان اتفاق ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اڪثر ڪري آئيني ترميمن جي پٺيان شخصي مفاد هوندا آهن . سيشن جي چوٿين مقرر اڳوڻي سفير جميل احمد خان صوبائي خودمختياري تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ پارلياماني نظام حڪومت بهتر رهندو، ماضي جو مثال بنگلاديش اسان سامهون آهي. ارڙهين ترميم تي ڳالهائيندي جميل احمد خان چيو ته عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ان تبديلي جو ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي. عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ آئين ۾ ترميم سبب ملڪ ڪنهن به بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو . سپريم ڪورٽ جي وڪيل پروفيسر ڊاڪٽر راڻا خان پهرين سيشن جي آخري مقرر هئي. پروفيسر راڻا خان چيو ته آرٽيڪل (اي) 170 تحت ججن جي مقرري کي وڌيڪ شفاف ڪرڻ جي ضرورت آهي . جوڊيشل ڪونسل ۽ پارلياماني ڪميٽي کي جج مقرر ڪرڻ لاءِ بار ڪونسل کان به ججن جا نالا وٺڻ گهرجن ته جيئن قابل ماڻهو اچي عدالتي نظام ۾ بهتري آڻي سگهن ۽ عوام کي تڪڙو انصاف ملي سگهي.

ٻيون سيشن : ترميمن جا فائدا ۽ نقصان

ٻئي سيشن جي شروعات اڳوڻي وفاقي وزير ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل تنوير حسين نقوي ڪئي. جنرل تنوير حسين ، لوڪل گورنمينٽ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ لوڪل گورننس نه هجڻ جي برابر آهي ، ان لاءِ غير موثر ۽ غير اختياري لوڪل گورنمينٽ جو نظام ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقن ۾ تبديل ڪرڻ جو مقصد پورو نه ڪري سگهندو ،پر موجوده نظام شهري علائقن کي ٻهراڙِي جي علائقن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. ان لاءِ صوبائي ۽ وفاقي ڪنڪرنٽ ليجسليٽو لسٽ جي طرح لوڪل گورنمينٽ ليجسليٽو لسٽ جي لاءِ به پاليسي جوڙڻ گهرجي ته جيئن لوڪل گورنمينٽ جا نمائندا پنهنجن پنهنجن ذميوارين کان آگاه ٿي سگهن.

ٻئي سيشن جي ٻئي مقرر وڪيل ۽ انساني حقن جي ڪارڪن جبران ناصر بنيادي حقن ۽ بلدياتي حڪومت تي خيالن جو اظهار ڪيو . جبران ناصرجو چوڻ هو ته بلدياتي گورننس جي تصور کي ڪچا رستا پڪا ڪرڻا، ڪچرو صاف ڪرائڻ ۽ سيوريج جو نطام بهتر بڻائڻ کان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته لوڪل گورننس جي نظام کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ان ۾ تعليم، صحت ۽ پبلڪ سروس شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست جو ان ۾ رهندڙ فردن سان معاهدو پورو ٿيندي نظر اچي. هن تجويز ڏني ته اسان کي ترقي يافته شهرن جي بلدياتي ماڊل کي اپنائڻ گهرجي . هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته لوڪل ايگزيٽو ۾ هميشهه عام ماڻهن جون سيٽون هجڻ گهرجن ته جيئن ايگزيٽو انتظاميا ۾ موجود نمائندن جو احتساب انهن جو لوڪل عوام ڪري سگهي.

ٽئين مقرر حامد خان عدالتي نظام ۾ ججن جي مقرري ۽ معزولي جي طريقيڪار کي اجاگر ڪيو . هن چيو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل وٽ غير مشروط طاقت جو هجڻ عدليا جي آزاد هجڻ تي سوال اٿاري ٿو .ڪو ئي طريقيڪار ئي موجود ناهي جو ڪنهن جج جو اوپن ٽرائل ٿي سگهي يا ڪنهن به جج جي معزولي جي سبب جي ڄاڻ پٽيشنر کي ملي سگهي . ان ڪري عدليا کي موثر ۽ آزاد بڻائڻ جي لاءِ سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ وڌيڪ تبديليون آڻڻ جي ضروت آهي .

سيش جي چوٿين مقرر قائد اعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي 1973ع جي آئين جي پسمنظر ۾ تعليم جي شعبي ۾ بهتري ۽ مشڪلاتن جي باري ۾ خيالن جو اظهار ڪيو . ڊاڪٽر محمد علي چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ تعليم جو شعبو صوبائي حڪومتن وٽ اچي ويو آهي ، ان باوجود تعليم جي شعبي ۾ هاڻي به وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪم ڪري رهي آهي ان تناظر ۾ صوبائي ۽ وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي متضاد پاليسين جي ڪري تعليمي ادارن کي پاليسي ٺاهڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون درپيش آهن. ڊاڪٽر محمد علي چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪونسل فار هائير ايجوڪيشن ٺاهڻ گهرجي جنهن ۾ سڀ ڌريون ويهي گڏيل پاليسي جوڙين .

ٻئي سيشن جي پنجين مقرر معروف وڪيل ۽ سياسي تجزيه نگار بابر ستار ”جمهوريت کان گڊ گورننس“ جي موضوع تي خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ اختيارن جي ورڇ ڪرڻ جو تصور ناهي ، وفاق صوبن کي اختيار منتقل نٿو ڪرڻ چاهي ، اهڙي طرح صوبائي حڪومت لوڪل گورنمينٽ کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ گڊگورننس ڪٿان ايندي. گڊگورننس جو لفظ آئين ۾ آيو آهي ته پوءِ گڊگورننس منصفاڻي قانوني ۽ آئيني حڪمن جي پورائي سان ئي ممڪن آهي . بلڪل اهڙي طرح آئيني حڪمن جو تعين ان ۾ موجود مواد تي لازم هوندو آهي . هن چيو ته قانون ڀلو ۽ برو به هوندو آهي بلڪل اهڙي طرح ترميمون به سڀ کان اهم شيءِ آهي، ان ۾ مواد موجود آهي . جيڪڏهن ترميم يا قانوني حڪم صحيح ناهي ته پوءِ انصاف ڪٿان ايندو .

اختتامي خطاب

تقريب جو آخري مقرر قانون جو ماهر تيمور ملڪ هو ، جنهن غور ۽ فڪر سان مقررين جو خطاب ٻڌڻ بعد چيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان ڪير آهيون ۽ اسان جو گڏيل مقصد ڪهڙو آهي؟ سپريم ڪورٽ چوي ٿي ته قرارداد جي مقصدن ۾ ڪا به تبديلي نٿي آڻي سگهجي. جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته پارليامينٽ سپريم آهي ته اها ڪنهن به قسم جي ترميم ڪري سگهجي ٿي . هن ارڙهين ترميم جي باري ۾ چيو ته ان ۾ ڪجهه شڪون صحيح ناهن جهڙي ريت ( اي) 160 جي تحت اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست جو فارمولو وفاق ۽ صوبن جي ڳالهه ڪري ٿو يا صوبن وچ ۾ ورهاست جي . جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته اسان هڪ نيشنل اسٽيٽ آهيون ته رياست جي سڀني ڌرين کي گڏ ويهارڻ گهرجي جئين نيشنل اڪنامڪ ڪونسل ، ته جئين جمهوريت کي وڌيڪ خطرن مان نه گذرڻو پوي. اسپيڪرن جي خطاب بعد ان موضوع تي بحث مباحثي جو سيشن ٿيو ، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ڀرپور حصو ورتو ۽ مقررن ڀرپور طريقي سان سوالن جا جواب ڏنا.