عالمي سيمينار اسٽريٽجڪ دٻاءُ : عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا

عالمي سيمينار اسٽريٽجڪ دٻاءُ: عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽل اسٽڊيز (سي پي ايس ڊي) پاران هڪ ڏينهن جو عالمي سيمينار اسٽريجڪ دٻاءُ،عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا جي موضوع جي نالي سان 12 مارچ 2019 تي ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ ڪوٺايو ويو . سيمينار ڪوٺائڻ جو مقصد اسٽريجڪ دٻاءَ ۽ ان جي ڏکڻ ايشيا ۾ گلوبل جيو پوليٽيڪل، جيو اڪنامڪ ۽ سڪيورٽي ڊائنمڪس ۽ انهن جي اثرن کي وڌيڪ سمجهڻ هيو. ان کان علاوه سيمينار جو مقصد پاليسي جي نقطي نظر کي سمجهڻ ۽ پاڪستان جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي آرڊر جي منتقلي ۾ اسٽريجڪ دٻاءَ کي مئوثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ سفارشن تي غور و فڪر ڪرڻ هو.

سي پي ايس ڊي صدر ليفٽيننٽ جنرل آغامحمد عمر فاروق سيمنار جي پهرين سيشن جي افتتاحي خطاب ۾ چيو ته نئين گلوبل آرڊر جي لاءِ آمريڪا ۽ انڊيا جو هڪ ٿيڻ خاص ڪري ڏکڻ ايشيا جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. جنرل عمر فاروق دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي فرق کي واضع ڪرڻ سان گڏ اسٽريجڪ دٻاءَ جي ٿيوري تي پڻ روشني وڌي. پهرين سيشن جي ٻئي مقرر مائيڪل ڪگل مين ” آمريڪي صدر ٽرمپ جي گلوبل آرڊر جي

. پهرين سيشن جي ٽئين مقرر سعودي عرب ۾ تعينات سابق پاڪستاني سفيروائيس ايڊمرل خام هاشم بن صديقي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسٽريجڪ دٻاءُ هڪ رياست طرفان استعمال ٿيندڙ ٽول آهي جنهن ۾ ٻين رياستن تي دٻاءُ وجهي ان کان منپسند ڪم ڪرايا وڃن ٿا. هن اسٽريجڪ دٻاءُ جي سفارتي، معاشي، نظرياتي ۽ نفسياتي پهلوئن تي روشني وڌي. پهرين سيشن جي آخري اسپيڪرپروفيسر ڊاڪٽر ظفر نواز جسپال موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي جيو پوليٽيڪل پوزيشن مضبوط آهي پر معاشي پاسو گهٽ هجڻ ڪري قومي سلامتي لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو. خطي ۾ انڊيا جي وڌيل ڪردارکي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان کي جيو اڪنامڪ مقصدن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

پاليسين تي ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي نئين انتظاميه بابت ڪيتريون ئي غلط فهميون پيدا ٿيل آهن، پهريون ته ٽرمپ انتظاميه بين الاقوامي سطح تي بي مثال ۽ انقلابي انجنيئرنگ ڪري رهي آهي. اهو سچ آهي ته آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ۾ واضع تبديلي آئي آهي، پراهو مڪمل طور تي صحيح ناهي ته اهو هڪ بي مثال انقلابي قدم آهي

ٻئي سيشن جي پهرين مقرر ميڪسم شيپاوالنڪو عالمي تحرڪ ۾ روس جي ڪردار تي روشني وڌي. هن روس جي 2015 جي قومي سلامتي جي حڪمت عملي تي ڳالهائيندي چيو ته روس جي دٻاءُ جي ڪراس ڊومين پاليسي پيڪيج پرڏيهي، معاشي، بچاءُ ۽ اطلاعات سان جڙيل آهي. سيشن جي ٻئي مقرر ڊاڪٽر هما ناز بقائي چيو ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا عالمي معاملن تي اثر رکندڙ تنظيمن جهڙوڪ گڏيل قومون، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ هڪ طاقتورڪردار رهيو آهي ، جيتوڻيڪ اڄڪلهه شنگهائي تعاون جهڙين تنظيمن جي اچڻ کانپوءِ فوجي پاليسين جو مرڪز ويسٽ کان ايسٽ ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. چين دنيا ۾ هڪ اهم طاقت طور اڀري رهيو آهي. ڊاڪٽر اشفاق حسن خان موضوع متعلق پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اڄ جي دور ۾ ملڪن جي وچ ۾ روائتي جنگ گهٽ وڙهي ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته هاڻي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هائبرد وار کي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هوته رياست جو طاقتور اميج ڏيکارڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ٽئين سيشن ۾ ڊاڪٽر معيد يوسف، پهريون مقرر هو جنهن ”علائقائي استحڪام ۽ سڪيورٽي جي موضوع تي ڳالهايو. هن جوچوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا هميشهه وقتي بحرانن ۾ ڦاٿل رهيو آهي ۽جٽادار امن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٻن پاڙيسري ملڪن ۾ ڊگهي عرصي کان جاري آهي. انڊيا جي وڌنڌڙ اثر ۽ طاقت تي ڳالهائيندي هن چيو ته انڊيا خطي جي سڪيورٽي ۽خوشحالي جو مرڪز آهي. انڊيا جا ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن سان لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي جو تعين ڪن ٿا. طارق کوسا صاحب پاڪستان جي اندروني سلامتي سان منسلق معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي اندروني سلامتي جي معاملن کي مذهبي انتهاپسندي، غير رياستي عناصر ۽ آمرن جي حڪمراني ۾ ورهايو سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته قائداعظم جي وفات کان پوءِ مذهبي ماڻهن جن پاڪستان جي پهرين مخالفت ڪئي ۽ بعد ۾ انهن ملڪ جي بيانيي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ ۽ سياسي سرگرمين کي دٻائڻ سان ادارن جي ترقي بري طرح متاثر ٿي آهي. ٽئين سيشن جي ٽئين مقررسفير عبدالباسط، ” سفارتي دٻاءُ، تڪرار ۽ ترقي جي چئلينجز“ تي خيالن جو اظهار ڪيو. سيشن جي آخري مقرراڳوڻي وفاقي وزير سلمان شاه چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جو مرڪز آهي. پاڪستان لاءِ پنهنجي اهميت مڃائڻ لاءِ اهو انتهائي اهم آهي ته پاڪستان معيشيت ۽ قومي سلامتي جي پهلوئن ۾ وڌيڪ صلاحيتون پيدا ڪري. ڊاڪٽر شاهه چيو ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ موجب 2050 تائين پاڪستان جي پر ڪيپٽيا انڪم 8 هزار ڊالر تائين ٿيندي جڏهن ته انڊيا جي پر ڪيپٽيا انڪم 42 هزار ڊالر تائين پهچي ويندي. ان تناظر ۾ ضروري آهي ته پاڪستان مئوثر قدم کڻي خطي ۾ وڌڻ تفاوت کي گهٽ ڪري.

سيمينار ۾ پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جي ماهر تعليمدانن، سفيرن، ۽ محققن موضو ع جي مختلف پهوئن تي روشني وڌي. سي پي ايس ڊي ۽ داداڀائي فائونڊيشن جي چيئرمين عبدالله داداڀائي، اسٽريجڪ ڪوئرزن، عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو.