CPSD - Commentary

ٽرمپ جو ٽوئيٽ: ڇا اهو هڪ دور جو خاتمو آهي؟


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام لڳايو آهي ته پاڪستان ،آمريڪا کان اربين روپيا ڊالر پرڏيهي امداد حاصل ڪرڻ جي دوران ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو ورتو. سال جي پهرين ٽوئيٽ ۾ هن پاڪستان تي اهو به الزام لڳايو پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏيندو آهي. اهو هڪ واضع اشارو آهي ته ڊگهي عرصي کان قائم پاڪ_آمريڪا لاڳاپا ختم ٿيڻ جي ويجهو آهن

پاڪستان ان ٽوئيٽ جي ردعمل ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن فنڊن جو حساب ڪيو ويو ۽ مسٽر ٽرمپ جي ڪاوڙجڻ جو سبب ” افعانستان ۾ آمريڪي شڪست“آهي . ٻئي پاسي آمريڪا 250 ملين ڊالر (185ملين پائونڊ) امدادي رقم کي روڪڻ تي غور ڪري رهيو آهي جيڪا ان آگسٽ ۾ اسلام آباد موڪلڻ بدران روڪي رکي آهي

آمريڪي صدر ٽرمپ ٽوئيٽ تي لکيو ته آمريڪا 15 سالن ۾ پاڪستان کي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بي وقوفي ڪئي. انهن آمريڪا کي ڪوڙ ۽ دوکي سواءِ ڪجهه نه ڏنو ، هو سندن اڳواڻن کي بي وقوف سمجهندا رهيا. هن جو اهو به چوڻ هو ته انهن دهشتگردن کي محفوظ پناهگاهون مهيا ڪندا رهيا جن کي هو افغانستان ۾ نشانو بڻائيندا رهيا،هاڻي ائين نه هلندو

پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجه آصف جيو ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيوته ، هنن پهريان ئي آمريڪا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو هاڻي وڌيڪ ڪجهه نه ڪندا، ٽرمپ پاران ”نومور“ جو نعرو هاڻي ڪا به معنيٰ نٿو رکي. پاڪستان آمريڪا کان وصول ڪيل امداد جي تفصيل عوامي سطح تي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي

ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ٽرمپ جو ٽوئيٽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي ناخشگوار داستانن جي انتها آهي. اهي ٻئي ملڪ جيڪي ثابت قدم اتحادي رهي چڪا آهن. آمريڪا پاڪستان ۾ جيو اسٽريٽيجيڪ جي اهميت کي ڏسندي داخل ٿيو هو، جيئن يو ايس ايس آر خلاف عالمي سطح جي جنگ کٽڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ آيو. جڏهن ته مملڪت پاڪستان کي پنهنجي بقاءَ لاءِ اوڀر پاڙيسري ملڪ ڀارت طرفان خطري جي سبب هڪ مضبوط حامي جي ضرورت هئي

پر، ٻنهي ملڪن جا تڪراري مفاد رستي ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندا آهن، خاص ڪري آمريڪا طرفان پاڪستان جي خطرناڪ دشمن انڊيا کي مسلسل اضافي هٿيار ۽ رقم ڏيڻ جون ڪوششون به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجنديون هيون. آمريڪا کي جڏهن مناسب لڳندو آهي ته گڏيل لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندو رهندو آهي جهئن سويت افغان جنگ دوران ۽ افغانستان تي آمريڪي قبضي دوران جڏهن ان کي پاڪستان جي ضرورت هئي

هيءَ ان کانپوءَ جي فوجي مهم هئي جنهن جي ڪري ٻنهي اتحادين ۾ وڏي ڏار نظر آئي. اهڙي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ ڪيترائي اهم واقعا ٿيندا آهن. عالمي سطح ي به اسان هڪ ڀيرو به قطبي نظام جي واپسي سان گڏ ٿيندڙ اسٽريٽيجڪ تبديلي کي ڏسي سگهون ٿا، وري ٻيهر تازي دم سان روس ۽ اڀرندڙ چين ، آمريڪا جي اثر رسوخ تي قبضو ڄمائي رهيا آهن. رياستي سطح تي گڏيل آمريڪا کي بحران کي منهن ڏئي پئي ڇاڪاڻ تي ٻاهرين ملڪن ۾ روڪ رقم جي کوٽ اقتصادي زوال سان وڃي ملي ٿي ۽ انتهائي قومپرست جذبن ۾ اضافو زينوفبيائي سياسي رويي کي مٿي اڀارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي

پر شايد اهو به انفرادي سطح تي آهي جيڪو واقعن ۾ صاف ظاهر ٿي ويندو آهي. ٽرمپ جي شخصيت شديد سياسي دٻاءَ هيٺ آهي. ان جي اقتدار جي پهرين سال ئي ان کي آمريڪي صدر جي حيثيت سان مقبوليت گهٽ آهي. ان جي جماعت تازو ئي هڪ اهم چونڊن ۾ پنهنجي مظبوط تڪ ۾ شڪت کاڌي آهي. جڏهن ته هو پاڻ ڏکي جاچ مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ ان ڳالهه جو خدشو آهي ته هو پنهنجو عهدو وڃائي ويهي

ان شديد دٻاءَ جي تحت ٽرمپ ڪيترين ئي پرڏيهي پاليسين جا فيصلا ڪري چڪو آهي. ان جو تازي فيصلي ۾ يروشلم کي اسرائيل جي راڄڌاني، ايران تي حملو، اتر ڪوريا کي جنگ جون ڌمڪيون ۽ هاڻي پاڪستان تي حملو شامل آهي

ان سان اها ڳالهه به واضع ٿئي تي ته ٽرمپ جو تازو پاڪستان تي حملو هڪ وسيع منصوبي جو حصو آهي، هڪ طرف، صدر ٽرمپ پنهنجي عوام جو ڌيان ملڪي مسئلن کان هٽائڻ چاهي ٿو ۽ ٻئي پاسي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڪستان کي استعمال ڪري افغانستان ۾ آمريڪا جي ناقابل شڪست کي فتح يا گهٽ ۾ گهٽ ڊيڊ لاڪ برقرار رکڻ جو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو.اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا هڪ ٽوئيٽ سان گڏ ختم ٿي ويندا، برحال آمريڪا 1948 ۽ 2016 وچ ۾ تقريبن 87.3 بلين ڊالر پاڪستان ۾ خرچ ڪري چڪو آهي

ايتري وڏي سرماياڪاري صرف هڪ ٽوئيٽ جي ڪلڪ تي ضايع نٿي ڪري سگهجي . ان سبب ڪري ان ڳالهه جو يقيني تاثر ملي ٿو ته ملڪي ۽ غيرملڪي قدمن ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپا هڪڀيرو ٻيهر نازڪ دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن


PAK-US Foreign Policy Afghanistan Terrorism Pak-US Relationship