CPSD - Commentary

ايل او سي تي ڇڪتاڻ: هڪ خطري جي گهنٽي


لائين آف ڪنٽرول(ايل او سي) تي 3 ڏينهن اڳ ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 پاڪستاني فوجي شهيد ٿي ويا .آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني فورسزجي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 ڀارتي فوجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ايل او سي تي جاري موت ۽ تباهي جي وحشياڻي سلسلي جا اهي تازا موت آهن

پاڪ فوج جي اطلاعات واري واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب ڀارتي سرحدي فورسز لائين آف ڪنٽرول سان گڏ ڪوٽلي ۽ جندروٽ سيڪٽرز ۾ ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن پاڪستاني فوجي سرحد تي ڪم ڪري رهيا هئا

ڪجهه ڏينهن اڳ ڄمون ڪشمير جي ضلعي راجوڙي ۾ ايل او سي تي پاڪستان طرفان ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڀارتي غير ڪميشن يافته فوجي آفيسر مارجي ويو. ان کان پهرين ڪنٽرول لائين تي فوجي جهڙپن ۽ ڊرون موڪلڻ جي ذريعي سرحدي علائقن جي ڀڃڪڙي هڪ معمول بڻجي ويو آهي باوجود ان ڇڪتاڻ جي ته پاڪستان رينجرز جي قيادت ۽ ڀارتي سرحدي سڪيورٽي فورسز نومبر 2017ع ۾ معصوم زندگين جي حفاظت لاءِ 2003ع جي جنگ بندي جي معاهدي کي جذبي جي بنياد تي بحال ڪرڻ تي متفق ٿيا

ايل او سي تي تي حملن جا اهي تازترين واقعا هئا. پرڏيهي وزارت جي انگن اکرن موجب گذريل سال ڀارتي فورسز لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي 871 کان وڌيڪ سيزفائر جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 39 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 144 زخمي ٿي پيا.هلندڙ سال جي انگن اکرن موجب 2018 جي شروعاتي ڏينهن ۾ لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي 70 کان وڌيڪ ڀيرا سيزفائرجي ڀڃڪڙي ڪئي آهي

پاڪستان پنهنجي موقف تي قائم آهي ته ڀارت کي ٻن پاڙيسري ملڪن وچ ۾ 2003ع جي جنگ بندي معاهدي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي امن برقرار رکڻ گهرجي. پاڪستان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته هندستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن موجب گڏيل قومن جي فوجي مبصرن کي پنهنجو لازمي ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي

ايل او سي تي ڀارتي جارحيت اڪثر ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن لاءِ نقصانڪار هوندي آهي. 8 سيپٽمبر 2017 تي ، ڪشمير جي اتر ڪمانڊ جي جنرل آفيسر ان چيف (جي او سي سي) ليفٽيننٽ جنرل ديو راج انبو چيو هو ته جڏهن به ضرورت پئي ته سندن فوج ايل او سي پار ڪري پنهنجي دشمنن کي هدف بڻائيندي. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان کي پنهنجي دراندازي ڪوششن ۽ جيڪي ماڻهو مبينا طور تي ڀارتي ولاريل ڪشمير ۾ تشدد کي ڀڙڪائي رهيا آهن انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي

هن چيو ته جڏهن به هو چاهن ته ايل او سي کي ٽوڙي سرحد پار ڪر ي سگهن ٿا ۽ کين جڏهن ضرورت پئي ته بم حملو به ڪري سگهن ٿا . ”ادهم پور ۾ هڪ ٿري اسٽار جنرل پنهنجي اعليٰ ترين آفيسر جي ان بيان بعد چيو ته فوج کي چين ۽ پاڪستان سان گڏ ٻه طرفي جنگ لاءِ تيار رهڻ گهرجي

ڀارتي آرمي چيف جي تازن بيانن بعد سرحد تي هلندڙ جهڙپن ۾ وڌيڪ شدت آئي آهي. جيڪو هنن جي ارادي جو اظهار هو ته سندن فوج پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي ”ائٽمي دوکو“ چئي سگهي ٿي. ۽ جيڪڏهن ڀارتي فوج اجازت ڏئي ته ڪنهن به آپريشن لاءِ سرحد پار ڪري سگهن ٿا. اهو بيان ڪنهن حد تائين انهن جذبن جو اظهار آهي، جنهن جي ڪري ”ڪولڊ اسٽارٽ“ نظريو ٺهيو هو. اهو نظريو جوابي جوهري حملي لاءِ ضروري حدن کي پار ڪرڻ بغير ڀارتي فورسز پاران پاڪستان جي علائقن ۾ عام حملن لاءِ چوندو آهي

جتي ڀارت عوامي سطح تي هڪ ”ڪولڊ اسٽارٽ“ نظريئي جي وجود کان انڪار ڪري ٿو ته اتي ان جي خواهش آهي ته ٻنهي طرفن کان جوهري هٿيارن جي استعمال بغير روايتي فوجي طريقن جي استعمال سان پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي،اهو هر گذرندڙ ڏينهن وڌ کان وڌ واضع ٿيندو پيو وڃي. ان بيان بازي هندو بنياد پرست بي جي پي جي عروج بعد تيزي سان شدت اختيار ڪئي آهي. جنهن ملڪي اپوزيشن کي روڪڻ لاءِ ”سرجيڪل اسٽرائيڪس“ ۽ ”پاڪستان کي سزا ڏيو“ جي نعرن جو استعمال ڪيو

آخر ۾ اهو واضع آهي ته جارحاڻي فوجي پاليسي کي واڌارو ڏيڻ سان هندو انتهاپسندن جي ڀارتي هيگيمونڪ ڊيزائن کي اڀاري ٿو، جيڪو لائين آف ڪنٽرول سان گڏ موت ۽ تباهي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي


LoC India Pakistan Ceasefire violations Cold Start Hindutva