CPSD - Commentary

عدالت کان مٿانهان قتل: سلامتي ۽ انصاف وچ م توازن


نقيب الله محسود جي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي معاملي تي ٽي رڪني جاچ ڪميٽي واقعي جي ڪجهه دير بعد ئي آءِ جي سنڌ کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي ۽ جاچ ڪميٽي جي سفارش تي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي هٽايو ويو. سنڌ حڪومت رائو انوار کي عهدي تان هٽائي ، ايس ايس پي ملير جي چارج عديل چانڊيو کي سونپڻ جو نوثيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو هو

ميڊيا ذريعن موجب . حڪومت ايس ايس پي رائو انوار جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي آهي. جاچ ڪميٽي پنهنجي شروعاتي رپورٽ 20 جنوري تي آءِ جي سنڌ کي پيش ڪئي. جنهن ۾ مقتول جي بي گناهه هجڻ جي تصديق ڪئي وئي

دهشتگردي ٽوڙ شعبي ( سي ٽي ڊي ) جي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي ثناالله عباسي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي نقيب الله خلاف ايس ايس پي رائو انوار جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ثناالله عباسي چيو ته مقتول نقيب الله جو ڪنهن به دهشتگرد گروپ يا پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپو هجڻ جو ڪو به ثبوت نه مليو

نقيب الله جو عدالت کان مٿانهين قتل خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ معلوم ٿيو آهي ته جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت قتل ۾ ملوث سڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي وڌيڪ سفارش ڪئي ته ”انڪائوٽر اسپيشلسٽ“ رائو انوار جونالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو وڃي

ان قدم جو وڏو سبب عوام ۾ ڪاوڙ سان گڏوگڏ چيف جسٽس طرفان ورتل پاڻمرادو نوٽيس به هيو. سوشل ميڊيا تي به رائو انوار خلاف مهم هلي جڏهن ته ، سول سوسائٽي جي سرگرم ڪارڪنن، سياسي تنطيمن جي ڪارڪنن ۽ مختلف پشتون پاڙن مان پشتون قبائلي اڳواڻن سميت ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد پريس ڪلب تي ايس ايس پي رائو انوار جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

اهو المناڪ واقعو عام شهرين جي زندگي کي پوليس مقابلن يا عدالت کان مٿانهون قتل بدترين خطري طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو. اهڙي طرح جي قتل جا ڏوهاري عام طور تي پاڪستان جي عام شهرين کي ڏنل حقن جي ڀڃڪڙ ي ڪندي اڪثر جج ،جيوري ۽ عملدرآمد ڪندڙ انتظاميا هوندي آهي

رائو انوار جهڙا جهڙا ٻيا ڪيترائي پوليس آفيسر آهن جن کي ”انڪائوٽر اسپيشلسٽ قرار ڏنو ويندو آهي. رائو انوار عدالت کان مٿانهان قتل ۽ ڀتاخوري ٻنهي لاءِ سڃاتي ويندڙ هڪ بدنام شخصيت آهي.رائو انوار صرف گذريل هڪ سال ۾ 45 ڪوڙا مقابلا ڪيا

پوليس مقابلن جو رجحان صرف سنڌ ۾ نه پر سموري ملڪ ۾ آهي. پر پنجاب انهن مقابلن ۾ وڌيڪ بدنام آهي. پنجاب صوبي م سال 2017ع جي پهرين 10 مهينن ۾ 203 پوليس مقابلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 226 ڏوهارين کي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته سال 2016ع ۾ پوليس ساڳئي عرصي دوران پوليس مقابلن ۾ 292 ڏوهارين کي ماريو ويو

پوليس مقابلن جا حامي خاص طور تي ڪراچي آپريشن ۾ پرتشدد ڏوهارين کان شهر کي پاڪ ڪرڻ جو واحد رستي طور تي عدالت کان مٿانهان قتل جي واقعن جا حوالا ڏيندا آهن. اندروني ذريعن موجب پنجاب ۾ پوليس ناقابل اصلاح ڏوهارين جي خاتمي لاءِ هڪ معيار مقرر ڪيو آهي ۽ پوليس جي فائرنگ جي طريقيڪار ۾ وقت گذرن سان گڏ ترميم ڪئي ويندي آهي. هڪ ڀيرو جڏهن صوبائي انتطاميا يا اعليٰ آفيسرن کي اختيار ڏنو ويندو آهي ته ”انڪائوٽر جي معيار“ تحت ايندڙ ماڻهن کي فوري طور تي ختم ڪيو ويندو آهي.

ان نام نهاد پاليسي موجب ڦر وارداتن سان گڏ جنسي زيادتي جي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين ۽ ڀنگ جي ادائگي ڪرڻ بعد به مغوي کي ماريندڙ ڏوهارين جو جارحاڻو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح، جيڪو ڏوهاري پوليس اهلڪار تي گولي هلائي يا ڪنهن به گهر ۾ چوري جي ڪوشش دوران متاثر شخص کي قتل ڪرڻ وارا به ان زمري ۾ اچي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح ڪوڙن مقابلن کي ختم ڪرڻ جا حقدار آهن. پوليس ڀتي خورن جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ ۾ به بااختيار آهي.

ان جي حمايت ڪرڻ وارا ان ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته ڏوهاري عنصر ۽ هٿياربند جيڪي آساني سان عدالتي نظام جي سزا کان بچي وڃن ٿا، انهن لاءِ عدالت کان مٿانهان قتل اڪثر ڪمزوري مان چوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر ان راءِ جي مخالفن جي اها دعويٰ آهي ته ڪوڙن پوليس مقابلن جو فارمولو عوام ۾ تحفظ جو احساس وڌائڻ۾ بري طرح ناڪام ثابت ٿيو آهي. انهن موجب عدالت کان مٿانهان قتل وڌندڙ ڏوهن ۽ عسڪريت پسندي تي ضابطو آڻڻ جو ڪوئي ڊگهو يا مختصر حل ناهن

عدالت کان مٿانهين قتل جي سببن ۽ اثرن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ هڪ مستحڪم ۽ موثر عدالتي نظام ضروري آهي،نه ته ٻي صورت ۾ اهو سماجي ناانصافي ۽ عوام ۾ عدم تحفظ جو هڪ اهم ڪردار بڻجي سگهي ٿو