CPSD - Commentary

پاڪستان جي آزادي جو 71 هون سال


اهو ملڪ جنهن بابت ڪيترن ئي تجزيه نگارن جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجو وجود قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿيندو، ان جي باوجود هي ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيندي اڄ 71 سالن کي پهتو آهي. پنهنجي وجود ۾ اچڻ وقت هن ملڪ کي ڪيترائي مسئلا آڏو هيا، جنهن ۾ اڻ تجربيڪار ايڊمنسٽريشن جو هجڻ، پناهگيرن جي وڏي انگ ۾ آمد ۽ ان سان گڏ خطرناڪ سرحدن سميت ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل هو. پر ان جي باوجود قائد اعظم محمد علي جناح جي مثالي ‘اسٽيٽس مينشپ’ ۽ ٻين اڳواڻن توڙي عوام جي گڏيل جذبي سان ڪيل محنت، صبر ۽ ترقي سان پنهنجي وجود وڃائڻ جي خطري ۾ رهندڙ پاڪستان اڄ مضبوطي سان قائم ۽ دائم آهي. پاڙيسري دشمن ملڪ سان ٻه جنگيون، اندورني مسئلن سبب اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿي وڃڻ کان وٺي غير معمولي حالتن ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ اهي وڏيون چئلنجز آهن، جن کي تازي جنم ورتل پاڪستاني رياست منهن ڏنو، گڏو گڏ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پڻ هن ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو آهي. دشمن جي سازشن باوجود ملڪ جي بقا کي سلامت رکڻ ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ هن سماج جي رڳن جو حصو ٿي وئي آهي. اها ئي گڏيل همت ۽ جذبو هر پاڪستاني کي اها اميد ڏئي ته هو مستقبل ۾ اميد رکن، ان جي باوجود ته پاڪستان روزانو جي بنياد تي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پاڪستان جي حوالي سان گذريل ڪجهه سالن کي ڏسجي ته اهي مستقبل ۾ اڃان بهتري جي اميد ۽ آسري جو سبب بڻيل آهن. ان حوالي سان 2018ع جون چونڊون پڻ اهم هيون جنهن ۾ عوام پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڳتي آندو آهي. ان کان وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته پاڪستاني عوام نسلي سياست کي رد ڪندي متحده قومي موومينٽ کي سنڌ جي گادي ڪراچي ۾ رد ڪيو ۽ مسلم ليگ ن کي پنجاب ۾ رد ڪندي سندن بيانيي کي پڻ رد ڪيو ۽ پاڪستاني عوام پي ٽي آءِ کي ملڪ جي قومي پارٽي ڪري اڳتي ڪيو آهي. چونڊن ذريعي عوام پاران وڏي پئماني تي تبديلي جي خواهش جو عزم ڏيکاريو آهي، جنهن سان ايندڙ حڪومت جون پاليسيون جڙنديون ۽ سندن رويو پڻ جڙڻ جو امڪان آهي. ساڳي طرح سان هاڻوڪي چونڊن ۾ نالي وارن سياستدانن کي شڪست ۽ نون چهرن کي موقعو ڏيڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ تبديلي اچڻ جا چٽا امڪان آهن.

پاڪستان چين ايڪانامڪ ڪوريڊور سان لاڳاپيل منصوبن جي ڪم جاري رهڻ سان ملڪي معشت جي بهتري سان سان گڏ روزگار پيدا ٿيندو ۽ سڄي ملڪ ۾ ترقي جو سفر جار رهندو. هڪڀيرو ٻيهر جنم وٺندڙ عدليا نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو نيب جي اثرائتي ڪردار جي مدد سان وڏي پئماني تي بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نااهلي ۽ جيل کان وڌيڪ مني لانڊرنگ ڪندڙ ۽ پنهنجا اثاثا لڪائيندڙ لاءِ اهو پيغام آهي ته هو اهڙو ڪم ڪرڻ کان اڳ هو سئو ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿيندا.

گذريل سالن ۾ تمام گهڻي تعريف جوڳي قانون سازي پڻ ٿي آهي. قومي اسيمبلي پاران سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ جبر ۽ ظلم جو شڪار کدڙن فقيرن جي تحفظ لاءِ قانون پاس ڪيو آهي، جيڪو انساني حقن جي فتح آهي. انهيءَ تاريخي قانون سازي سان کدڙن جي آبادي کي سرڪاري سطح تي رڪارڊ ۾ آندو ويندو، کين هر قسم جي متڀيد کان تحفظ ڏنو ويندو ۽ هو ملڪيت رکي به سکندا. جڏهن ته کين ورثي ۾ ملندڙ ملڪيت جا پڻ قانوني دعويدار هوندا. ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي ته مستقبل جي چونڊن لاءِ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائي وڃي. ان سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ جي مسئلن بابت آگاهه رهڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ساڳي طرح سان پارليامينٽ فيڊرل ايڊمنسٽريٽڊ ايرياز فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جو قانون پاس ڪندي ڏهاڪن کان ظلم جو سبب بڻجندڙ بيٺڪيت واري قانون کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهو قانون صحي طرح سان لاڳو ڪيو ويو ته فاٽا جو ڪي پي ۾ شامل ٿيڻ سان۽ ڏهاڪن کان پٺتي پيل ۽ قومي ڌارا کان ٻاهر رهندڙ قبائلي علائقن ۾ ترقي ۽ امن جي نئين تاريخ جنم وٺندي.

سڀ کان وڌيڪ جيڪا گذريل سال دوران سٺي ڳالهه رهي آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ لڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سٺ هزار قيمتي جانيون وڃائڻ ۽ بلين ڊالرن جي معاشي نقصان کانپوءِ پاڪستان سگهاري انداز سان دهشتگردن خلاف پاڻ پتوڙي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد ملڪ جي خودمختياري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. دهشتگردي جي واقعن، جاني نقصان ۽ ان سان لاڳاپيل معاشي نقصان ۾ لڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي. جنهن سان نه صرف پاڪستان اندر سياحت کي هٿي ملي آهي پر ملڪ ۾ لڳ ڀڳ ڏهن سالن جي عرصي کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ پڻ بحال ٿي آهي. انهن سڀني واقعن کانپوءِ هڪ نئين قومي جذبي جو اڀار ٿيو آهي، اميد آهي ته اهو جذبو پاڻ سان ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ سان گڏ ٻڌي ۽ ترقي جو نئون دو آڻيندو.