ڏکڻ ايشيا جا جوهري معاملا ڊاڪٽر رابعا اختر

ڏکڻ ايشيا جا جوهري معاملا ڊاڪٽر رابعا اختر



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ( سي پي ايس ڊي ) طرفان ڏکڻ ايشيا جي جوهري معاملن تي هڪ علمي نشست ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ يونيورسٽي آف لاهور جي سينٽر فار سڪيورٽي ، اسٽريٽجي اينڊ پاليسي جي ڊائريڪٽر رابعه اختر خطاب ڪيو.

ڊاڪٽر رابعه اختر موضوع جي شروعات ڊيٽرنس جي اهميت تي روشني وجهندي برنارڊ بروڊي جي هن قول سان ڪئي ته رياستي ڊيٽرنس جي ناڪامي، افراتفري ۽ تباهي جو ذريعو بڻجي ٿي. ڏکڻ ايشيا جي جوهري معاملن جي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس ڊاڪٽرائين ۾ ٽي عنصر شامل آهن : اسٽريجڪ ڊيٽرنس ، آپريشنل ڊيٽرنس ۽ ڀارت جي سمورن جاگرافيائي خطن تائين پاڪستاني نيوڪليئر حملي جي صلاحيت .

پلوامه حملي بعد پاڪستان ڀارت ڇڪتاڻ تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر رابعه اختر چيو ته پاڪستان نيوڪليئر ڊيٽرنس جي نظريئي ۾ حدن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن جي صور ت ۾ ڀارت کي پاڪستان طرفان نيوڪليئر حملي سان منهن ڏيڻو پوندو. هن وضاحت ڪندي چيو ته بالاڪوٽ حملي ۾ انهن چئن حدن مان ڪنهن به هڪ کان تجاوز نه ڪيو ويو ان لاءِ پاڪستان جو نيوڪليئر ڊيٽرنس ناڪام نه ٿيو

ڈاکٹر رابعہ نے پاکستان کے فل سپیکٹرم ڈیٹرنس ڈاکٹراٰئین سے متعلق چھ نکات بیان کیے۔ اول، بالا کوٹ واقعہ میں پاکستان کے نیوکلیر ڈیٹرنس کے نظریہ کو غلط تاثر سے پیش کیا گیا۔ نیوکلیر ڈیٹرنس کا نظریہ محظ پاکستان کے جغرافیائی حدود کی خلاف ورزی سے مشروط نہیں بلکہ اس کے لیے یہ ضروری ہے کہ بھارت پاکستان کے کسی علاقہ پر قبضہ کر لے۔ دوم، بھارت کے حملے سے لے کر پاکستان کے ایٹمی ردعمل کے درمیان محدود جنگ کا امکان موجود ہے جسے اکثر نظر انداز کر دیا جاتا ہے۔ سوئم، عمومی خیال کہ روایتی عدم توازن پاکستان کو ایک ایٹمی ردعمل پر مجبور کرے گا جو کہ حالیہ کشیدگی میں پاکستان کے کامیاب جوابی حملہ سے غلط ثابت ہو گیا ہے۔ چوتھا، پاکستان بھارتی میزائل کا جواب دینے کی بھی مکمل صلاحیت رکھتا ہے۔ پانچواں، بھارت "نو فرسٹ سٹرائک" کے نظریہ سے ہٹتا دکھائی دے رہا ہے۔ ڈاکٹر رابعہ نے زور دیا کہ دونوں ممالک کو جنگ سے نہیں بلکہ مذاکرات سے مسائل کا حل تلاش کرنا چاہئے تاکہ ممکنہ حادثاتی حملہ کے خطرہ سے بچا جا سکے۔

ڊاڪٽر رابعه اختر پاڪستان جي فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس ڊاڪٽرائين بابت ڪجھ نڪتا بيان ڪيا. پهرين ڳالهه ته بالاڪوٽ واقعي ۾ پاڪستان جي نيوڪليئر ڊيٽرنس جي نظريئي کي غلط تاثر سان پيش ڪيو ويو. نيوڪليئر ڊيٽرنس جو نظريو صرف پاڪستان جي جاگرافيائي حدن جي ڀڃڪڙِي سان لاڳاپيل ناهي، پر ان لاءِ اهو ضروري آهي ته ڀارت ، پاڪستان جي ڪنهن به علائقي تي قبضو ڪري وٺي. ٻئي ڳالهه ته ، ڀارت جي حملي کان وٺي پاڪستان جي ائٽمي رد عمل جي وچ ۾ محدود جنگ جو امڪان موجود آهي، جنهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ٽئين ڳالهه ته عام خيال اهو آهي ته روايتي حملو پاڪستان کي هڪ ائٽمي ردعمل تي مجبور ڪندو ، جيڪو تازي ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان طرفان ڪامياب جوابي حملي سان غلط ثابت ٿي ويو آهي. چوٿين ڳالهه ته پاڪستان . ڀارتي ميزائل جي جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. پنجون نڪتو اهو آهي ته ڀارت” نو فرسٽ اسٽرائيڪ “ جي نظرئي کان پوئتي هٽندو نظر پيو اچي. ڊاڪٽر رابعه چيو ته ٻنهي ملڪن کي جنگ سان نه پر ڳالهين سان مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ممڪن حادثاتي حملي جي خطري کان بچي سگهجي.

ڊاڪٽر رابعه اختر جي خطاب بعد سوالن و جواب جو سيشن به ٿيو ،جنهن ۾ موضوع جي مناسبت سان سوال ڪيا ويا .تقريب جي آخر ۾ سي پي ايس ڊي جي ايگزيٽو ڊائريڪٽر جناب عمر خان شرڪاء جو شڪريو ادا ڪيو.