اڱاريجي ڏينهن نيويارڪ ۾ ٿيل دهشتگردن جي ڪارروائي جي سرڪاري سطح تي ڪنهن به ذميواري جي دعويٰ ناهي ڪئي پر ان حملي جي ڪري داعش جي وفاداري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي ۽گروپ جي حامين آن لائين حملي جو جشن ملهايو. پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ڇا ان جو ماضي جي ايونٽن ۾ ٿيل داعش جي حملن جهڙو سياسي اثر ڇڏيندو؟داعش وڏي پئماني تي ننڍن ۽ وڏن دهشتگرد حملن جي ذميواري قبول ڪرڻ جون دعوائون ڪندي رهي آهي جنهن ۾ هدف جي چونڊ يا مصيبت ۾ پوڻ جي باوجود داعش هر هنڌ موجود هجڻ ۽ انپريڊڪٽيبل خطري جو احساس کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان عمل ۾ دنيا ۾ دهشتگردي جي طاقت گهٽ ٿي سگهي ٿي

اوڀر ۾ حملن جو وهڪرو منظم ۽ متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ ڳري قيمت جي لاڳت سان اچي پيو. جيڪو ظاهري طرح تي غير معمولي نظر اچي ٿو. ماڻهو تشدد تي گونگا ٿي وڃن ٿا.جيئن هڪ ڀيرو جهٽڪو لڳڻ وارو تشدد عام ٿي ويندو جيڪو گهڻِي عرصي تائين ان جي ڪاوڙ يا رحم کي ختم ڪرڻ جي قابل ناهي رهي سگهندو

۽ اهڙي ريت انهن جوعجيب رويو لڳاتار جاري رهي ٿو ، داعش سان گڏ قرض کڻڻ جوڪريڊٽ کڻي ٿي جتي ڪير به ٿي سگهي ٿو، مثال طور ڪينيڊا،فرانس ۽ آمريڪا ۾ آڪٽوبر جي پهرين هفتي جي آخر ۾ ٽي الڳ الڳ لڳاتار حملا ڪيا ويا. صوماليا جي هڪ پناهگير انهاپسند نظرين جي واڌاري طور البرٽا ۾ ماڻهن تي چاقو ۽ گاڏين سان حملو ڪيو. هڪ حملي آور مارسيل ۾ ٽرين اسٽيشن ۾ عورتن کي پڪڙي قتل ڪيو. لاس ويگاس ۾ ، هڪ آمريڪي هٿياربند ماڻهن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جو لاڳاپو داعش سان نه هو جيڪو آمريڪا جي جديد تاريخ جو وڏو حملو هو جنهن جي داعش ذميواري قبول ڪئي

داعش هڪ ”ڪچن سنڪ اپروچ“ جي انداز ۾ حملن جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳي.اهو گروپ صرف وڏي تباهي ڪندڙ حملن جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪندو ڇاڪاڻ ته انهن پئرس جي باتاڪلين ۾ نومبر مهيني 2015ع ۾ چاقوسان حملوڪيو هو جنهن ۾ هڪ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو هو. داعش جي خلاف عالمي سطح تي هڪ تيز رفتار حملن وارو آپريشن شروع ڪجي جنهن سان داعش جي حڪمت عملي ٽٽي پئي خاص ڪري اوڀر ۾ دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ ممڪن آهي. جنگ تي تحقيق ڪندڙ هڪ اداري موجب هلندڙ سال يورپ ۾ 54 دهشتگرد حملن جي ڪوششن جو لاڳاپو اسلامي رياست سان ڳنڍيل آهي

دهشتگردي جي گهڻن واقعن جو اهو عام مفهوم ڪڍيوويندو آهي ته ماڻهو گهڻا خوف ۾ ورتل رهن پر تحقيق ان جي مختلف ٻڌائي ٿي. اڪيلو فرد پنهنجي ذاتي زندگي جي حصي طور ٿورو تشدد کي متحد ۽ عام ڪرڻ جي طريقن جي ڳولها ڪن ٿا ۽ خطرن جي نشاندي لاءِ اسٽريٽيجڪ جي چونڊ ڪن ٿا. اهو سچ آهي ته ڇا اسين هرڀيري تڪرارن، متاثر ٿيندڙ پاڙيسرين يا دهشتگردي بابت ڳالهيون ٿا. اسين ڪجهه هنڌن تان گذرڻ کان لنوايون ٿا ۽ اونداهي بعد علائقن جي صاف رستن تان نڪرون ٿا ۽اهي روزمرهه جي زندگي ۾ ماڻهن لاءِ نرمائيءَ جي نشاندهي بڻجن ٿا جن جي فريب کان پورو ڏينهن لڪڻ يا بچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي

اسلامي رياست جي حڪمت عملي ڪجهه ڊگهي سياسي حل جي ڳالهين لاءِ غور ناهي ڪيو پر روين کي انتقام تائين يقيني بڻائڻ، معاشري کي ورهاست کان روڪڻ ۽ حڪومتن کي ردعمل لاءِ اڳتي وڌائمن ۽ آخرڪار هشتگردن جي مدد سان گهڻوموثر طريقن سان ڀرپور بيان ڪرڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اوڀر ، اسلام سان جنگ ڪري ٿو.سال جي شرووعات ۾ جڏهن ٽرمپ انتظاميان ڪيترن ئي مسلم اڪثريت رکندڙ ملڪن تي سفري پابندي لڳائي ، ان اسلامي رياست جي بنياد تي ان پيغام کي مظبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ته مسلمانن کي هر هنڌ نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ داعش انهن جي ايمان ۽ عقيدي جي محافظ آهي. (ٽرمپ نيويارڪ حملي جي فوري طور تي داعش کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ يا واپسي وڃڻ جي ضرورت ناهي بابت ٽوئيٽ ڪيو هو.)

اهي ردعمل گهڻا تڪراري آهن ۽ فقط داعش جي حڪمت عملي ۾ مدد ڏين ٿيون جن ان جي اثرائتي ڪم کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.وقت جي حساب سان سماجي تحريڪون ۽ دهشتگرد تنظيمون جن جون سرگرميون هلنديون رهن ٿيون انهن جو لاڳاپو اجتماعيت سان ئي هوندو آهي ۽ اڪثر انهن جي ڪاررواوين جو ٻيهر ڌيان ڇڪائڻ ۽ ميڊيا ۾ رهڻ چاهيندا آهن. جيئن گرانٽ وارڊ لا پنهنجي ڪتاب پوليٽيڪل ٽيرازم ۾ اشارو ڪري ٿو ته ته ڪنهن ب گروهه جس هر هر حملا سماجي بي وسي جو نتيجو آهن.هڪ ٻيو شاندار حملو مذمتي بيان بازي جي سائيڪل کي ٽوڙيندو آهي ۽ ان جي سڪيورٽي جي احساس کي ختم ڪرڻ ممڪن آهي. سماجي تحريڪن جي هڪ نامياري اسڪالر وليم گالسن ڪجهه وقت پهرين لکيو هو ته ناقابل اعتبار ۽ پاڻ مرادو بهتر ٽيليوزن جوڙن ٿيون. ۽ گروهن کي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز برقرار رکڻ لاءِ انتهائي غير معمولي ۽ ڊرامائي ڪاررواين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو

1970جي ڏهاڪي جي شروعات دوران دهشتگرد ي جي ماهر برائن مائيڪل جينڪنس لکيو هو ته دهشتگردي ٿيٽر آهي . جيڪو سمورو سچ آهي پر دهشتگردي جي واقعن بابت ميڊيا جي چوڌاري هر ڪلاڪ ان هڪ منٽ جي دهشتگردي جي اطلاع ڏني ويندي آهي. جيڪا اڄ به وڏي مصيبت آهي. لڳاتار ميڊيا جي ادارن کي علائقي جي اندر يا ٻاهر تشدد ڏانهن ڌيان کي برقرار رکرائڻ لاءِ ٿئي ٿو.آخرڪار، دهشتگردي جو اهم مقصد سڀني کان وڌيڪ ممڪن ناظرين تائين سياسي پيغام پهچائڻ آهي

اڱاري جي ڏينهن نيورڪار ڪ شهر ۾ گاڏي تي ٿيل حملو هڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِاهم ڪوشش جو اوڀر ۾ هڪ ٻيو مثال هو. حملو اها ثابت ڪري ٿو ته نيويارڪ شهر دهشتگردي جي ڪاررواين جي ٽاپ لسٽ ۾ هجڻ جون نشاندهي ڪري ٿو. ۽ ان خلاف قدم ڪرڻ جي بدران اڃا تائين موقعي تي حملوڪرڻ لاءِ تيار رهندا جيستائين اهي هڪ کان وڌيڪ وڏن حملن تي قابو ٿي سگهن