مضمون

مالديپ ۾ سياسي ۽ آئيني بحران


سياحتي جنت جي نالي سان دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ مالديپ ۾ فيبروري جي پهرين هفتي بحران ان وقت شروع ٿيو جڏهن سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ پهرين فيبروري تي فيصلو ٻڌايو ته 9 اپوزيشن اڳواڻن کي آزاد ڪري سندن خلاف ٻيهر ڪيس هلايو وڃي ۽ سندن اسيمبلي ۾مميبرشپ بحال ڪئي وڃي. جڏهن ته عدالت جلاوطن اڳوڻي صدر محمد نشيد خلاف ڪيس کي به غير آئيني قرار پڻ ڏنو. مخالف ڌر جي ميمبرن جي اسيمبلي ۾ وڃڻ سان اسيمبلي ۾ مخالف ڌر کي اڪثريت حاصل ٿي وڃي ها. جنهن سان صدر يامين جي حڪومت کي خطرو پيدا ٿئي ها. عدالتي فيصلي جي ردعمل ۾ حڪومت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ کان انڪار ڪندي پارليامينٽ کي اڻڃاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ ۾5 فيبروري کان 15 ڏينهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي/p>

حڪومت ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي اعليٰ عدالت جي چيف جسٽس عبدالله سعيد سميت ٻن ججن کي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو،پر گرفتار چيف جسٽس بابت ڪرپشن جا تفصيل ظاهر نه ڪيا. جڏهن ته مالديپ جي پوليس 6 فيبروري تي ملڪ جي اڳوڻي صدرمامون عبدالقيوم کي به ناٺي سميت کيس رهائشگاهه تان گرفتار ڪري ورتو

مالديپ ۾ ردعمل

مالديپ ۾ پيدا ٿيل سياسي ۽ آئيني بحران بعد مالديپ جي پهرين چونڊيل اڳوڻي جمهوري صدر محمد نشيد ڀارت کي اپيل ڪئي ته ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ آئيني بحران جي حل لاءِ هڪ وفد موڪلين جنهن کي ڀارتي فوج جي حمايت حاصل هجي. ان سان گڏ محمد نشيد آمريڪا کي به اپيل ڪئي ته آمريڪا مالديپ جي حڪومت سان معاشي ڏي وٺ بند ڪري

عالمي ردعمل

مالديپ جي صدر يامين جي اهڙي غير جمهوري عمل کي گڏيل قومن، يورپي يونين ، آمريڪا، برطانيا سميت ٻين ملڪن پاران شديد مذمت سان گڏوگڏ صدر يامين کي عدالتي حڪم مڃڻ تي زور ڀريو ويو آهي. مالديپ جي اڳوڻن ٻن صدرن نشيد ۽ قيوم ڀارت کي سياسي بحران جي خاتمي لاءِ مدد جي اپيل ڪئي،عالمي سطح تي مالديپ جي صدر يامين پاران عدالتي فيصلو نه مڃڻ عدالت جي کلي توهين قرار ڏنو پيو وڃي ان سان گڏ اهو به چيو پيو وڃي ته اها ڪهڙي جمهوريت آهي جتي آئيني ادارن جو احترام نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي حڪم مڃيو پيو وڃي

ٽرمپ ۽ مودي جو مالديپ بحران تي ٽيليفونڪ رابطو

8 فيبروري تي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مالديپ جي موجودهه صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مالديپ جي صدر کي ملڪ ۾ آئيني ۽ جمهوري ادارن جو احترا ڪرڻ تي زور ڀريو

مالديپ ۾ 1988ع جي بغاوت

اڄ کان 30 سال اڳ نومبر 1988ع تي مالديپ جي صدر مامون عبدالقيوم خلاف بغاوت جو منصوبو مالديپ جي واپاري عبدالله لطفي ۽ سندس ساٿي احمد اسماعيل مانڪ طئي ڪيو هو.ان وقت مالديپ جي صدر قيوم ڀارت کي اپيل ڪئي هئي ته اها هن جي مدد ڪري ۽ جلدي فوج موڪلي. جنهن مالديپ ۾ بغاوت کي ختم ڪيو. ان وقت ڀارتي فوج مالديپ موڪلڻ جو فيصلو ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي ڪيو هو

مالديپ:سياحت جي جنت

مالديپ کي دنيا ۾ سياحت جي جنت جي نالي سان سڃاتوويندو آهي. مالديپ 1200 جزيرن تي مشتمل هڪ ملڪ آهي، جيڪو ڀارت جي ڏاکڻي ڪناري کان ست سو ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ واقع آهي. مالديپ جا جزيرا چين،برطانيا سميت ٻين ملڪن جي سياحتن جو مرڪز آهن. هڪ رپورٽ موجب سال 2017ع ۾ دنيا جي 1.4 ملين سياحن مالديپ جي جزيرن ڏانهن سفر ڪيو. مالديپ ايشيا جو ايراضي جي حساب سان ننڍي کان ننڍو ملڪ آهي جنهن جي ايراضي 298 اسڪوائر ڪلوميٽر تائين پکڙيل آهي

عدالتي يوٽرن

7 فيبروري تي مالديپ جي سپريم ڪورٽ يوٽرن وٺندي پنهنجو ڪيل فيصلو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن 12 پارليامينٽ جي ميمبرن جي آزادي جو حڪم واپس ورتو ۽ چيو ويو ته فيصلي جي واپسي جو فيصلو صدر يامين طرفان خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو

گذريل سال آڪٽومبر مهيني ۾ بنگلاديش جي چيف جسٽس تي حڪومت طرفان ڪرپشن سميت سنگين الزام لڳايا ويا ، جنهن تي چيف جسٽس سريندر بيماري جو بهانو ڪرائي آسٽريليا موڪليو ويو. ان جو پسمنظر هن طرح آهي ته بنگلديش ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي استعيفيٰ جي ترميم کي غيرآئيني قرا ڏيڻ جي فيصلي بعد عدالت ۽ حڪومتي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو. پارليامينيٽ جي 16 هين ترميم کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي دباءُ وجهي کيس آسٽريليا زوري دوري تي موڪيلو ويو، جنهن هڪ تحريري بيان ۾ چيو ته کيس ملڪ ۾ عدليا جي آزادي بابت ڳڻتي آهي

مالديپ جي جمهوري حڪومت جي آمريتي قدم سان انصاف جي توازن برقرار نٿو رهي سگهي. حڪومتي دٻاءُ سان عدالتي نظام ڪمزور ٿيندو. جنهن سان مالديپ ۾انصاف بابت ٻٽو معيار جو تاثر اڀري رهيو آهي. مالديپ جي موجودهه صدر محمد يامين ۽ اڳوڻي صدر محمد ناشيد وچ ۾ سياسي جنگ چين ۽ ڀارت لاءَ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهي آهي. ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائيندوته ان جو نتيجو آخر ڪهڙو نڪرندو؟