مضمون

سنڌ جي موجوده تعليمي صورتحال ۽ ان جو حل


پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو چئلينج ملڪ جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ نوجوان کي روزگار، تعليم ۽ ٻيا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. جديد دور ۾ بنيادي تعليم ڪنهن به معاشري کي اڏڻ لاءِ ڪافي ناهي پر ان سان گڏ هنر ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ هجڻ لازمي شرط بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن پاڪستان هڪ پائدار ۽ ترقي يافتا ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو ته هن کي پنهنجي مستقبل يعني نوجوان نسل ۽ ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻي پوندي ته جيئن هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ترقي يافتا ملڪن سان ڪلهو ڪلهي م ملائي هلندو رهي

تعليم صرف ڪنهن فرد جو پڙهي لکي پڙهي سگهڻ جو نالو ناهي، پر جديد دور جي گهرجن موجب فني ۽ ٽيڪنيڪل هنر کان واقف نوجوان گهرجن جيڪي معيشت جي ترقي لاءِ ضروري عنصر آهي

ترقي ڪندڙ ملڪ مان ترقي يافتا ملڪ بڻجڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نه صرف سائنس ٽيڪنالاجي کان واقف هجي پر سماجي سائنس م به ڀڙ هجي

سنڌ ۾ پرائمري تعليم

ايڪا نامڪ سروي آف پاڪستان جي گذريل سال واري رپورٽ موجب ملڪ آبادي جي 42 سيڪڙو اڻپڙهيل آهي. ان مان سنڌ صوبو تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي پيل آهي ۽ آبادي جو 45 سيڪڙو اڻپڙهيل آهي، ان مان به سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڻپڙهيل جو انگ 50 سيڪڙو آبادي کان به وڌيڪ سنڌ ۾ بنيادي پرائمري تعليم تي فوڪس ڪجي ته گذريل سال سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي جي پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير چيو هو ته سنڌ ۾ اٽڪل 30 لک ٻار اسڪولن ۾ داخل ناهن، ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته اٺاويهه لک ڇاهتر هزار 324 ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن

ان کان سواءِ سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بجيٽ جو وڏو حصو صرف پگهارن لاءِ مختص ڪيو ويندو آهي، جنهنڪري اسڪولن جو فرنيچر ۽ ٻيون سهولتن لاءِ بجيٽ نه بچندي آهي. سنڌ جي اڪثر اسڪولن، اهي پرائمري جا هجن يا سيڪنڊري جا اتي صاف پيئڻ جو پاڻي، باٿ روم ۽ صفائي سٿرائي جو نظام ناهي، جنهنڪري به ڪيترائي ٻار اسڪولن ۾ پڙهائي ڪرڻ لاءِ نٿا اچن

سنڌ سرڪار مالي سال 2017 ۽ 2018 لاءِ 21 بلين رپيا بجيٽ رکيا، تنهن باوجود به 45،555 اسڪولن مان 5483 اسڪول بند پيل آهن

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ اندر ملندڙ تعليم دنيا تي ٺهيو پر پنجاب ۽ خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان جهڙو معيار ناهي. پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل آهن، انهن منجهان سڀ کان وڌيڪ اڻ پڙهيل جو انگ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي. سنڌ اندر پرائمري تعليم جي معيار ۽ مقدار ۾ گهٽتائي سبب ماسٽرز يا ايم فل ڪندڙ شاگردن جو انگ ٿورڙو آهي

انهن ۾ به اڪثريت سرڪاري ۽ نيم سرڪاري يونيورسٽين مان پڙهي نڪرندڙن جي آهي، اتان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪندڙ اهي بنيادي فني ۽ ٽيڪنيڪي گهرجن تي پورو نٿا لهن، جنهنڪري مارڪيٽ ۾ ويندي آساني سان نوڪري ملڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي، بيروزگاري سان گڏ اڪثريت انهن جي به آهي، جيڪي ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ تمام ٿوري اجرت تي ڪم ڪن ٿا

تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ اداري الف اعلان پاران پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن جي حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان سنڌ بلوچستان کانپوءِ بدترين رڪارڊ ڏيکاريو. رپورٽ موجب سنڌ ۾ اڪثريتي اسڪولن ۾ انفراسٽرڪچر جي کوٽ آهي، خاص ڪري 2010 جي مهاٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪيترائي اسڪول تباهه ٿي ويا هئا، انهن مان ڪجهه علائقن ۾ ته اسڪول بحال ڪيا ويا پر انهن مان اڃان تائين خراب حالتن ۾ آهن، انهن مان ڪيترن ئي اسڪولن جي ڇت ڪري پوڻ سبب ٻار زخمي به ٿيا آهن

ان سان گڏو گڏ سئو سئو ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، سنڌ حڪومت پاران ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ پندرنهن کان ويهه هزار استادن جو جڳهون خالي آهن، جنهن حوالي سان تعليم کاتي واري سيڪريٽري اهو اعلان پڻ ڪيو هو ته جلد آءِ بي اي سکر ذريعي هزارين استادن کي ڀرتي ڪيو ويندو

هن ڀيري استادن جي ڀرتي ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته چونڊيل استادن کان اسٽم يعني سائنس ميٿميٽڪس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد اصول پٽاندر ڀرتي ڪيا وڃن. ترقي يافتا ملڪن ۾ اهي چار ئي مضمونن کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن ۾ تخليقي توڙي فني صلاحيتن ۽ اعليٰ معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيا ويندا آهن

تعليم جي نجڪاري ۽ نجي اسڪولن جي کولڻ جو رواج پڻ سنڌ اندر پرائمري تعليم جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته نجي پرائمري اسڪولن جون فيسون ايتري مهانگيون آهن جو سنڌ جي اڪثريت پنهنجي ٻارن کي انهن اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي سگهه نٿي رکي

ڪجهه تجويزون جيڪي سنڌ اندر تعليم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، خاص ڪري پرائمري تعليم لاءِ اهي اهم آهن. سنڌ اندر مجموعي تعليم بهتر ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي ته تعليم نظام جي هيٺان کان سڌارا آندا وڃن

سڀ کان پهريان سنڌ اندر پڙهائيندڙ استادن جون پگهارون وڌايون وڃن ته سندن نه صرف اعتماد بحال ٿئي، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا سميت ملڪ جي ٻين صوبن کان سنڌ اندر تعليم کاتي جي ملازمن جون پگهارون گهٽ آهن

جديد طرز تي تعليم ڏيڻ: ويهين صدي جي خاتمي ۽ 21 هين صدي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سهولتن سبب دنيا ۾ هر ڏهاڪي اندر ايتريون تبديليون اچي رهيون آهن جيڪي اوائلي دور ۾ صديون لڳي وينديون هيون. ان سان گڏ تعليم ڏيڻ، سيکارڻ ۽ سکڻ جي طريقيقار به ارتقا ڪري چڪا آهن. اڄڪلهه تعليم ۽ ٻي سکيا ۾ ڪمپيوٽر ۽ پراجيڪٽر جو استعمال تمام گهڻو اهم ٿي ويو آهي، وشول لرننگ پڻ اهم ٿي سگهي، جنهن کي سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پڙهائڻ ۾ نوان ميٿڊ استعمال ڪرڻ سان گڏ استادن کي جديد طرز تي سکيا پڻ ڏني وڃي. سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ميٿميٽڪس جديد تعليم جو لازمي حصو آهي، تيزي سان بدلجندڙ ۽ ترقي يافتا دنيا ۾ اسٽم تمام بنيادي ضروري آهي

مادري ٻولي ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ

گڏيل قومن جو تعليم ڪم ڪندڙ ادارو يونيسڪو سڄي دنيا جي ملڪن مٿان زور ڀريندو رهيو آهي ته ٻارن کي بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته تجربن ۽ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ٻار مادري ٻولي ۾ تيزي سان سکندو آهي ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن هن کي ڪا اهڙي ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي، جيڪا هن جي ماحول، آس پاس ۾ ڳالهائي نه ويندي هجي. مادري ٻولي سان ٻارن جي ڪاگنيٽو ڊولپمينٽ يعني دماغي يا ذهني اوسر تڪڙي ٿيندي آهي

سنڌ سرڪار ان حوالي سان قانون به پاس ڪري چڪي آهي، جنهن سنڌ ۾ بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني وڇي، پر نجي اسڪول ان تي عمل نه پيا ڪن انڪري ان تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي

بجيٽ: سنڌ گذريل سال بجيٽ جو 27 سيڪڙو تعليم لاءِ رکيو هو، 181.5 بلين روپيا رکيا ويا، جنهن ۾ اعليٰ تعليم، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، اسپيشل ايجوڪيشن، ۽ طبي تعليم شامل هئي. 2016 جي ڀيٽ ۾ 2017 مالي سال دوران 13 سيڪڙو وڌيڪ هئي، جنهن جو وڏو حصو تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندڙن ڏانهن وئي

بجيٽ ۾ رقم رکڻ ۽ اهي فنڊ تعليم جي بهتري لاءِ ڪم آڻڻ ۾ فرق آهي

سڄي ملڪ مان سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪول آڻڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، انڪري سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جو انگ وڌائڻ سان گڏ تعيلم جي معيار لاءِ بهتر کڻڻ جي ضرورت آهي. رڳو مقدار تي ڀاڙڻ ۽ وڏي انگ ۾ معيار کان بغير تعليم فراهم ڪرڻ به مستقبل لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪرڻ آهي. سنڌ معياري تعليم ۾ به ٻين صوبن کان پٺتي پيل آهي

ٻارن جي ڪورس اهڙو ڊزائن ڪيو وڃي ته جيئن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ٿئي ته سڀني جا هڪ جيترا حق آهن، ڀلو ڪو ڪنهن به رنگ نسل يا مذهب سان واسطو هجي. جيئن ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ساحر لڌيانوي چيو آهي ته رنگ اور نسل زات اور مذهب جو بهي هين، انسان سي ڪم تر هين، تم ميري طرح اس بات ڪو مان جائو تو ڪڇهه بات بني

ڇوڪرين جي تعليم

آفريڪن لوڪ ادب ۾ هڪ چوڻي آهي ته جيڪڏهن توهان هڪ مرد يا نينگر کي پڙهايو ته ڄڻ توهان هڪ خاندان پڙهايو پر جيڪڏهن توهان هڪ نياڻي يا عورت کي تعليم ڏني ڄڻ توهان سڄي قوم کي پڙهايو. اسان جو سماج پدرشاهي قدرن سان ڀريو پيو آهي، تنهنڪري هتي هڪ عورت جي تعليم حاصل ڪري سماج جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تمام گهڻو تمام ضروري آهي. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تمام گهڻو پٺتي پيل آهي، هن مقابلي ۽ تيزي سان تبديل ديندڙ دنيا ۾ سنڌ ٻين خطن سان تيستائين مقابلو نٿي ڪري سگهي جيستائين هتان جي اڌ آبادي تعليم پرائي مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پيدواري ذريعن ۾ شريڪ نٿي ٿئي، انڪري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇوڪرين جي تعليم طرف خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار کي ڪجهه خاص پروگرام ٺاهڻ گهرجن، جيئن آگاهي ڦهلائڻ،غريب نياڻين کي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ سميت ٻيون سهولتون ته جيئن انهن کي تعليم طرف آڻڻ جو رجحان وڌي. ڇاڪاڻ جو عورتون معاشي سرگرمين ۾ شريڪ ٿينديون ته نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي جي ڊي پي جي شرح ۾ پڻ اضافو ٿيندو