مضمون

آمريڪا جون مقتل گاهه بڻيل درسگاهون


آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر پارڪ لينڊ ۾ 15 فيبروي تي هڪ هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ واقعي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. آمريڪي پوليس موقعي تي ڪارروائي ڪندي هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو. جنهن عدالت ۾ اعتراف جرم ڪيو ۽ عدالت کيس فرد جرم لاڳوڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو

فائرنگ واقعي ۾ مارجي ويل 17 ڄڻن جا وارث هڪ پاسي پنهنجي پيارن جي وڇوڙي تي ڏک ۾ ورتل آهن ته ٻئي پاسي آمريڪا ۾ هٿيارن جي قانون ۽ ملڪيت تي هڪ ڀيرو ٻيهر بحث وڌي رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ پاران پنهنجي بيان ۾گن ڪنٽرول جو ذڪر نه ڪرڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. آمريڪي جي تعليمي ادارن ۾ فائرنگ جو اهو ڪو پهريون واقعو ناهي ، ماضي ۾ به اهڙي نوعيت جي مختلف واقعن ۾ سوين ماڻهن کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو آهي. ايوري ٽائون فار گن سيفٽي جي هڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال آمريڪا ۾اسڪول يا اسڪول جي ويجهو فائرنگ جو اهو 18هون واقعو آهي

گذريل 5 مهينن ۾ آمريڪا ۾فائرنگ جا 3 بدترين واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ فلوريڊا جي هاءِ اسڪول ۾ 19 سالن جي نوجوان نڪولس ڪروس انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 14 شاگردن سميت 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گذريل سال نومبر ۾ ٽيڪساس جي چرچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 26 شهري مارجي ويا هئا ۽ گذريل سال لاس ويگاس ۾ اسٽيفن پيڊڪ ميوزڪ ڪنسرٽ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 59 ڄڻا مارجي ويا هئا

ماضي ۾ آمريڪي تعليمي ادارن ۾پيش آيل فائرنگ جي اهم واقعن تي هڪ نظر

آمريڪا ۾ 1999 کان اڄ ڏينهن تائين تعليمي ادارن ۾ فائرنگ جا بدترين 18 واقعا ٿي چڪا آهن جن ۾ سوين شاگردن کي تعليم پوري ڪرڻ کان اڳ ئي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي.انهن مان ڪجهه اهم واقعن جي تفصيل هن ريت آهي

20 اپريل 1999ع

آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ لٽل ٽن جي لمبائن هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن 18 سالن جي ايرڪ بيرس ۽ 17 سالن جي ڪلي بولڊ فائرنگ جي نتيجي ۾12 شاگردن ۽ استادن کي قتل ڪيو هو جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ڄڻن کي زخمي ڪري پاڻ کي به ماري ڇڏيو هو

19 نومبر 1999ع

نيو ميڪسيڪو رياست جي ڊيمنگ مڊل اسڪول ۾ 12 سالن جي وڪٽر ڪارڊووا جونيئر ساٿي شاگرد کي فائرنگ ۾ ماريو هو . ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 2 سال سزا ٻڌائي وئي ۽ ٻارن جي جيل ۾ پڻ منقتل ڪيو ويو

29 فيبروري 2000ع

آمريڪي رياست مشي گن جي هڪ اسڪول ۾ 6 سالن جي ٻارڙي پنهنجي عمر شاگردياڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ننڍي عمر جي ڪر ان کي ڪا سزا نه ڏني وئي پر جنهن عورت سان هو رهندو هو ان کي غفلت ۽ هٿيار ٻار جي پهچ تائين رکڻ جي ڏوهه ۾ 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي

30 فيبروري 2006ع

اتر ڪيرولائنا ۾ هلز بورو جي اورنج هاءِ اسڪول جي ٻاهران اسڪول جي پاس آئوٽ 19 سالن جي الوارو ڪاسٽيلو پنهنجي والد کي قتل ڪيو ۽ پوءِ اسڪول جي پارڪ ۾ فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو هو

14 فيبروري 2008ع

رياست اليونس جي شهر ڊيڪلب ۾ 27 سالن جي اسٽيون ڪاميرزيڪ هڪ يونيورسٽي ڪئمپس جي هال ۾ داخل ٿيندي ئي 5 شاگردن کي فائرنگ ڪري قتل ڪر ي ڇڏيو جڏهن ته 18 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. بعد ۾ هن پنهنجو پاڻ کي به ماري ڇڏيو

14 ڊسمبر 2012ع

رياست ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ 20 سالن جي ايڊم لانزا پهرين پنهنجي ماءُ کي گهر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو، بعد ۾ علائقي جي سينڊي هيڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ پهچي 26 ڄڻن کي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو، فائرنگ بعد ايڊم لانزا آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

1 آڪٽومبر 2015

سالن جي ڪرپر مر اوريگون رياست ۾ هڪ ڪميونٽي ڪاليج ۾ ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ جوابدار به مارجي ويو

23 جنوري 2018ع

ڪنيڪٽي رياست جي مارشل هاءِ اسڪول ۾ 15 سالن جي شاگرد، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ساٿي شاگردن کي قتل ڪري ڇڏيو

آمريڪا ۾ گن ڪنٽرول تي ٿيندڙ بحث

فلوريڊا رياست ۾ 19 سالن جي نوجوان پاران اسڪول۾ فائرنگ ڪري 17 ڄڻن جي مارجڻ بعد مختلف شعبن پاران آمريڪي صدر ٽرمپ تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي۽ هٿيارن جي قانون بابت بحث پڻ ٿي رهيو آهي. صدر ٽرمپ ان واقعي بعد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي واقعي جي مذمت ڪندي لکيو ته سندسن دعائون فلوريڊا فائرنگ واقعي جي متاثر خاندانن سان گڏ آهن. هن لکيو ته آمريڪا ۾ شاگردن کي اهڙين حالتن سان منهن نه ڏيڻو پوي.آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته هو علائقي جو دورو ڪندو۽ دماغي مرِض جي به ڳالهه ڪئي. جڏهن ته صدر ٽرمپ هٿيار يا هٿيارن جي قانون جي ڳالهه نه ڪئي ۽ گذريل سال آڪٽومبر ۾ لاس ويگاس ۾ فائرنگ واقعي بعد آمريڪي صدر چيو هو ته هي وقت هٿيارن تي ڳالهائڻ جو ناهي. سياستدان ، اداڪارن ۽ ليکن سميت ٻين طبقن پاران هٿيارن جي باري ۾ پاليسي ۾ تبديلي جي مطالبي سان گڏ هٿيارن جي ملڪيت بابت قانون سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.ايوري ٽائون فار سيفٽي گن جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا ۾2013 کان اڄ تائين فائرنگ جا 291 واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن جن جي شرح هڪ هفتي ۾ هڪ واقعو بڻجي ٿي. پر اڃا تائين هٿيارن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو موثر قانون سازي ناهي ٿي سگهي . ان جو هڪ سبب اهو آهي ته ڪيترائي آمريڪي اهو سمجهن ٿا ته هٿيار رکڻ سندن آئيني حق آهي. آمريڪا ۾ والدين اختيارين کان اهي سوال ڪري رهيا آهن هو ته پنهنجي اولاد کي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ موڪلن ٿا قتل ٿيڻ جي لاءِ نه. آمريڪي عوام پاران صدر ٽرمپ کان اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته 21 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن کي هٿيار رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي

نيشنل رائيفل ايسوسئيشن(اين آر اي)

چيو ويندو آهي ته آمريڪا ۾ جيتري آبادي آهي اوتريون ئي بندوقون آهن.جنهن جي ترجماني هٿيار رکڻ جي حق جي حامي طاقتور تنظيم نيشنل رائيفل ايسوسئيشن ( اين آر اي) ڪندي آهي.جيڪا آمريڪا ۾ لابي ڪندڙ سڀ کان وڌيڪ طاقتور تنظيم آهي. ان تنظيم صدر ٽرمپ جي صدارتي مهم داوران 21 ملين ڊالر امداد ڏنو هو. جڏهن ته اين آر او ڪنهن به قانون سازي جي اڳڀرائي کي روڪڻ جي طاقت رکي ٿي. جهڙي ريت هلندڙ سال آمريڪا ۾ فائرنگ جا واقعا وڌي رهيا آهن ۽ فوتين جي تعداد ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي گن ڪنٽرول پاليسي جي تبديلي تي آمريڪي عوام سوچي ٿو پر ٽرمپ انتظاميا ان طرف ڌيان نه ڏئي رهي آهي

فار ڪيپشن

ايوري ٽائون فار سيفٽي گن جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا ۾2013 کان اڄ ڏينهن تائين فائرنگ جا 291 واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن جن جي شرح هڪ هفتي ۾ هڪ واقعو بڻجي ٿي. پر اڃا تائين هٿيارن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي موثر قانون سازي ناهي ٿي سگهي . ان جو هڪ سبب اهو آهي ته ڪيترائي آمريڪي اهو سمجهن ٿا ته هٿيار رکڻ سندن آئيني حق آهي. آمريڪا ۾ والدين اختيارين کان اهي سوال ڪري رهيا آهن هو ته پنهنجي اولاد کي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ موڪلن ٿا قتل ٿيڻ جي لاءِ نه