مضمون

هڪ وساريل داستان - ڪشمير جي وادي


ڪشمير جي وادي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشميرين جي نسل ڪشي ۽ لڳاتار تشدد جي ڪري دٻيل ۽ لڏندڙ رياست جي حالت ۾ رهي آهي جيڪا ان جي سماجي ڊيموگرافي کي تبديل ڪري ٿي. ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ڊگهي قبضي ڪشمير جي ماڻهن جي زندگي، ثقافت ۽ معيشيت تي تباهه ڪندڙ اثر ڇڏيا آهن

1947ع جي ورهاڱي ۾هندستاني رياست اڌ ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو.غير دائمي قبضي ڪشمير جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي تي خطرناڪ اثر ڇڏيا آهن. تاريخي طور تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ هلندڙ تڪراري رياست جي حل ۽ ڪشميري عوام کي بنيادي انساني حقن جي حفاظت ۽ خودمختياري ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا

ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ هندستاني رياست طرفان ڪشمير تي لڳاتار قبضو علائقي جي سماجي ، ثقافتي ۽ معاشي فني تعمير کي نقصان پهچائي رهيو آهي. اهو دليل ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪشمير جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي کي ختم ڪرڻ جي بدران خطي جي سياسي ۽ اسٽريٽيجڪ موجب وڌيڪ تڪراري فيصلن جو حل ڪري سگهجي

تاريخي طور تي ٽڪراءَ جي حل لاءِ جيڪي تجويزون پيش ڪيون ويون آهن اهي پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي ڪشمير جي مڪمل سماجي ۽ اقتصادي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ کان هٽي ڪري ضروري آهن. ان کان علاوه پاڪستان کي ڪشمير جي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي ترقياتي حڪمت عملي تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي

تڪرار جي نبيري لاءِ پيش ڪيل ٺهرائن جي گڏيل نقطي نظر ۾ پاڪستان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت، رهڻي ڪهڻي، معيشيٽ ۽ ورثي جهڙن مختلف پهلوئن کي متحد ڪري سگهي ٿو.ان کان علاوه تڪرار جي حل لاءِ سماجي۽ اقتصادي پيراڊيجم جي پراجيڪشن سان گڏ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارتي ولاريل ڪشمير جي عوام کي عالمي سطح تي ثقافتي رشتيداري ۾ به شامل ڪري سگهجي ٿو

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي جاگرافيائي جيڪا هماليا جي پهاڙي علائقن کان پير پنجل تائين پکڙيل آهي اها سياحن لاءِ شاندار نظارو پيش ڪري ٿي. فطرت ڪشمير کي سياحن لاءِ دلڪش فطرتي نظارن ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال ڪيو آهي، جنهن سان سياحت کي وڌائڻ ۽ ڪشمير جو داستان بيان ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي

پاڪستان جي ماس ميڊيا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قدرتي خوبصورتي جي وڏي پئماني تي منصوبابندي ڪري ماتحت ادارا کولي ڪشمير جي وادي جي خوبصورت منظرنگاري کي استعمال ڪري سگهن ٿا. ان کان سواءِ پاڪستان جا ٽيلي ويزن هائوس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي زندگي ۽ ثقافت ڏيکارڻ لاءِ شروعاتي ڪوششون ڪري سگهن ٿا

عالمي برادري کي ڪشميرجي وادي جي خوبصورتي واري تصويرکانسواءِ ڪشمير جا ماڻهو پراڊڪشن هائوسز مان لائيملائيٽ (LIMELIGHT) حاصل ڪن ٿا ته مقامي آبادي کي ترقي پذير ڊرامن ۽ فلمون ٺاهڻ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي

فطرتي خوبصورتي کان علاوهه، ڪشمير انساني وسيلن ۾ايف واءِ 2017_18 موجب خواندگي ۾ 74 سيڪڙو جي تناسب سان امير آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت بجيٽ جو 8 سيڪڙو تعليم لاءِ مختص ڪيو آهي. انساني وسيلن جي وسيع پول سان اعليٰ خواندگي جو گڏيل تناسب جمع ڪري ڪشمير جي داستان جي منصوبابندي ڪري سگهجي ٿي

پاڪستان ۾ يونيورسٽيون نجي ڪاروبار سيڪٽر جي سهڪار سان آزاد ڄمون ڪشمير جي يونيورسٽين ۾شاگردن جا اسٽوڊنٽ ايڪسچينچ پروگرام ڪري سگهن ٿيون ته جيئن ڪشمير جي ماڻهن وچ ۾ ثقافت ڏانهن ڌيان وڌائڻ ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن جي عوام کي ڪشمير جي ماڻهن جي زندگي ۽ ثقافت بابت ڄاڻ ملي سگهي

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير معدنيات سان مالا مال آهي خاص ڪري قيمتي پٿر جي ذخيرن مان 157 ملين ٽن( 79 بلين روپيا) ڪمائي ٿئي ٿي. جنهن جو امڪاني ذخيرو 264 ملين ٽن تائين پهچي سگهي ٿو. انهن معدني وسيلن ۾ روبين ۽ ٻيا نيم قيمتي پٿر شامل آهن. اهي وسيلا وڏي پئماني تي پرڏيهي ڪرنسي پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ وادي ۾ هنرمند انسانن کي روزگار جو موقعو فراهم ٿي سگهي ٿو

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 42.6 ايراضِي ٻيلن تي پکڙيل آهي. جيڪا عالمي سطح تي فائدو پهچائي ٿي ڇاڪاڻ ته انهي کي ڪوئلي جي واپار جي ذريعي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو

ان کان علاوه، پاڪستان ۽ هندستان جي تعليمي ماهرن ۽ دانشورن جو گڏيل جٿو ڪشمير جي نازڪ صورتحال بابت پنهنجي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اتوپيا جي مرڪزي خيال موجب ادب جي ترقي ۽ ڇپائي ڪرائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو

بهتر ۽ سکيو ستابو مستقبل لاءِ ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ ۽ خطي لاءِ اميد پيدا ڪرڻي پوندي. اها هڪ اميد آهي ته جيڪا ماڻهن کي روايتي سوچ جي سرحدن مان ٻاهر ڪڍندي. ڪشمير سان لاڳاپيل اتوپين ادب سان تڪرار جي حل ۽ خطي جي خوشحالي لاءِ ماڻهن ۾ اميد پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ان سان گڏ ٻنهي معاشرن ۽ رياستن وچ ۾ ڊگهي تڪرار جو جٽادار حل به نڪري سگهي ٿو

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سماجي معاشي جوڙجڪ واري پاليسي جي حوالي سان پاڪستان جو بيان مظبوط ٿي ويندو، جيڪڏهن اهو ترقي جو ماڊل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تيار ڪري، جنهن ۾ سماجي معاشي جوڙجڪ سان ڪشمير جي ماڻهن ۽ خطي جو داستان عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي

اهو پاڪستان لاٰ ضروري آهي ته پاڪستان عالمي برادري سان ڪشمير بابت اکيون ملائي ڳالهه ٻولهه ڪري. ڪشمير تهذيب جي تاريخ ، ثقافتن ۽ مذهبن جي پگهرڻ جي ٿانو جي نمائندگي ڪري ٿو. ٻڌن کان هندن کان اسلام تائين ڪشمير جي سموري خطي گڏيل سماجي جاگرافيائي پيدا ڪرڻ لاءِ وادي ۾ مختلف مذهبن کي گڏ ڪيو ۽ تنهنڪري ڪشمير جي سماجي معاشي پيراڊجم کي ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ خطي ۾ جٽادار ترقي ۽ امن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي