مضمون

ٿر ۾ ترقياقي منصوبا، خوراڪ کوٽ ۽ صحت جي سهولتن جو جائزو


ٿرپارڪر ضلعو قدرتي معدني وسيلن سان مالامال آهي، جتي 175 بلين ٽن ڪوئلو پوريل آهي، ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ۾ آڻڻ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ اينگرو ڪول مائنينگ ڪمپني جي حوالي بلاڪ نمبر 2 ڪيل آهي جتي ڪم پڻ تيزي سان هلندڙ آهي. اينگرو پاورجين ٿر پاران 660 ميگاواٽ جي بجلي گهر سميت ڪميونٽي ڊولپمينٽ پراجيڪٽن پڻ شروع ڪيا آهن

ٿر ۾ انهن ترقياقي منصوبن سبب اتان جي آبادي کي روزگار ملي رهيو آهي، جڏهن ته خاص ڪري عورتن کي مختلف شعبن ۾ موقعا ملي رهيا آهن. ٿر ڪوئلي منصوبي تي ڪيترن ئي ماهرن پاران ماحوليات کي نقصان پهچڻ سان گڏ اتان جي ڳوٺاڻن اعتراض واريا آهن، جيڪي بحرحال معاملو هلندڙ آهي

ٿر ۾ عورتن ۽ ٻارڙن ۾ خوراڪ کوٽ جو بحران

گذريل سال ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ علاج جوم سهولتون گهٽ هجڻ ڪري ڪيترائي ٻار پيدا ٿيڻ کانپوءِ زنده رهي نٿا سگهن. ان جو سبب عورتن ۾ ميل نيوٽريشن، خوراڪ جي کوٽ وڏو سبب آهي. گڏيل قومن پاران عورتن جي حوالي سان 14 فيبروري تي هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن موجب سنڌ جو غريب عورتون نائيجيريا جي غريب عورتن کان به سهولتن جي ڀيٽ ۾ پوئتي آهي. انهن سهولتن ۾ صحت ۽ خوراڪ جي کوٽ شامل آهي.عورتن ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ صحت جي سهولتن جي اڻهوند جو سڌو اثر سندن نون ڄاول ٻارن تي ٿئي ٿو جيڪي پيدا ٿيڻ کانپوءِ زنده نٿا رهي سگهن ۽

سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ ۽ سهوليتن جي کوٽ سبب صرف هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 29 ٿي ويوآهي

ٿرپارڪر ضلعي ۾خوراڪ جي کوٽ ۽ اسپتالن ۾ سهوليتون نه هجڻ ڪري گذريل سال پنج سئو چاليهه ٻارڙا ۽ هلندڙ سال 74 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن، يونيسيف پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ پڻ پاڪستان کي تازا ڄاول ٻارڙن لاءِ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو آهي، جنهن جي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي مان آهي

صحت کاتي کان مليل ڄاڻ موجب ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ علاج جون سهوليتون نه هجڻ ڪري گذريل سال 2017 ۾ 540 ٻارڙا سول اسپتال مٺي سميت مختلف تعلقي اسپتالن ۾ فوت ٿي ويا آهن ۽ هلندڙ سال جي ڏيڊ مهيني جي عرصي ۾ 74 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن

ٿر ۾ صحت جي صورتحال

ٿرپارڪر جي مختلف تعلقن ۾ فورويل ايمبولنسون نه هئڻ ڪري ۽ ڪنهن ايمرجنسي واري صورتحال ۾ مريض کي اسپتال تائين ڪنهن پرائيويٽ گاڏي ۾ کڻائي اسپتال پهچن ٿا. ان سان گڏو گڏ فوتگي جي صورت ۾ لاش ايمبولنس بدران پرائيويٽ گاڏي ۾ پهچايو وڃي ٿو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي منظوري کان پوءِ فنانس کاتي ٻارنهن فورويل ايمبولنسن لاءِ 6 ڪروڙ رپيه ۽ ڊي ايڇ جي هائيليڪس گاڏي لاءِ 45 لک رپيه 28 سيپٽمبر 2016 تي جاري ڪيا هئا، جيڪي پئسا صحت کاتي کي جاري ڪيا ويا

سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم

سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ۽ ٿر جي اسپتالن ۾ ٻارن مان خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرائڻ لاء سنڌ حڪومت پاران ميل نيوٽريشن جا وارڊ کوليا هئا، جيڪي ڊسمبر 2017 ۾ پروجيڪٽ ختم ٿي وڃڻ ڪري بند ٿي ويا آهن ۽ ٿر جي ٻهراڙي ۾ علاج جي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء ٿر مفت موبائيل سروس پڻ شروع ڪئي ويئي جيڪا پڻ بند ٿي وئي آهي. فنڊنگ نه هئڻ ڪري موبائيل سروس واريون گاڏيون مختلف ڳوٺن ۾ بيٺل آهن

سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ قائم ڪيل هڪ سئو کان وڌيڪ اسپتالن جون بلڊنگون تيار ٿي ويون آهن پر انهن جي ايس اين اي منظور نه ٿيڻ ڪري اهي پڻ عوام کي فائدو ڏيئي نه سگهيون آهن، انهيءَ لاءِ لاڳاپيل ڌرين کي فوري طور قدم کڻڻ جھي ضرورت آهي

خوراڪ جي کوٽ ۽ ترقي

پاڪستان انهن ملڪن ۾ منجهان آهي، جيڪي ترقي ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ميل نيوٽريشنٽ خوراڪ جي کوٽ هڪ وڏو چئلينج آهي، جٽادار ترقي ماڻڻ لاءِ ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي خوراڪ جي کوٽ کي وڌيڪ سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته خوراڪ کوٽ وڏي عرصي تائين حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ معيشت سان گڏ ڊيولوپمينٽ جي تسلسل برقرار رکڻ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿي سگهي ٿي.هڪ رپورٽ موجب خوراڪ کوٽ جي نتيجي ۾ پاڪستان هر سال جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن جو واسطو بنيادي واسطو، صحت، تعليم سان آهي.ٿر ۾ جيستائين اهي بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا اهو ملڪ جي ٻين علائقن جيان معاشي توڙي سماجي ترقي ۾ اڳيان نه نڪري سگهندو

سنڌ حڪومت پاران گذريل مهيني يورپي يونين جي سهڪار سان خوراڪ کوٽ جي بهتري لاءِ هڪ منصوبو پڻ شروع ڪيو آهي.سنڌ ۾ 48 سيڪڙو ٻار پنهنجي عمر جي حساب سان گهٽ قد وارن ٿين ٿا، جنهن مان 15 سيڪڙو خوراڪ کوٽ جو شڪار آهن ۽ انهيءِ ۾ ڪو شق ناهي ته انهن جي اڪثريت ٿر مان آهي

ٿر ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، جهڙوڪ عورتن ۽ ٻارن ۾ خوراڪ کوٽ ۽ صحت جي سهولتن ڏانهن فوري طور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي

يونيسيف جي هڪ عملدار موجب مائرون پنهنجي تازي ڄاول ٻارن کي بچائڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻي سگهن ٿيون، جن ۾ تازي ڄاول ٻار کي گرم ڪپڙي ۾ويڙهي رکڻ، ٻار کي ماءُ جي کير پيارڻ سان گڏ جسماني گرمي پڻ فراهم ڪري سگهي ٿي، جيڪو ٻار جي صحت لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي