مضمون

آمريڪا ۾ فلوريڊا اسڪول فائرنگ واقعو پهريون نه هو


چوڏنهن فيبروري جو ڏينهن هو، ڪو عام ڏهاڙو نه هو، اهو اهڙو خاص ڏهاڙو هو، جنهن ڏينهن کي محبت جي نالي سان مختص ڪيو ويو آهي. ان ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ محبتون ونڊيون وينديون آهن، ان ڏينهن تي هر ماڻهو نفرتن کي پاسي تي رکي محبت ڀريو ماحول جوڙي يادگار گهڙيون گهارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن ڏينهن تي اڪثر ڪري ڪي ماڻهو پنهنجي والدين، ڀينرن، ڀائرن ۽ ڪٽنب سميت پارٽي جو اهتمام ڪري هڪٻئي ۾ محبتون ونڊيندا آهن، ۽ ڪي پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن ۽ استادن سان محبتن جو ڏهاڙو ملهائيندا آهن. پر ان کان علاوه هن ڏهاڙي خاص جي ٻي هڪ خاص سڃاڻپ آهي، جنهن سبب هر ماڻهو هر سال ان ڏهاڙي جو چاهت ۽ شدت سان انتظار ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڏهاڙي کي ٻن دلين وچ ۾ محبت جو ڏينهن چيو ويندو آهي. هن ڏهاڙي تي جوڙا محبت من ۾ پائي هڪٻئي سان پيار جو اظهار ڪندا آهن. هن ئي ڏهاڙي تي مرد ۽ عورتون پنهنجا همنوا چونڊيندا آهن. چوڻ جو مطلب ته هن ڏهاڙي تي جتي محبتون ئي محبتون هونديون آهن، اتي هن ڏهاڙي جي مناسبت سان وڏا ته زندگيءَ بابت فيصلو ڪري پنهنجو ساٿي چونڊيندا آهن، يا پنهنجن عزيزن سان محبت جو گهڙيون گذاريندا آهن، اتي ٻارڙا به پنهنجي سنگت ۾ اڳيان اڳيان هوندا آهن. اسڪولن ۾ اهي ٻارڙا پاڻ ۾ تحفن جي ڏي وٺ ڪندا آهن، هڪ ٻئي کي قسمين قسمين شيون ڏيندا آهن. پر وڏي حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته هن ڏهاڙي تي آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي هڪ اسڪول ۾ محبت جي احساس کان انڪاري هڪ نينگر 17 والدين جي ڏيئن کي اجهائي سندن خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا

هن سال جي 14 فيبروري تي فلوريڊا جي هڪ اسڪول ۾ فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 شاگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اهو فائرنگ جو واقعو آمريڪي رياست فلوريڊا جي بروروارڊ ڪائونٽي ۾ مارجوري اسٽون ۾ ڊگلس هاءِ اسڪول ۾ پيش آيو، جتي اسڪول جي اڳوڻي شاگرد 19 ورهين جي نڪولس ڪروز فائرنگ ڪري 17 ڄڻن جون حياتيون کسيون. فلوريڊا ۾ٿيل اهو فائرنگ وارو واقعو سال جو ارڙنهون واقعو آهي. انگ اکرن ٻڌائين ٿا ته آمريڪا ۾1999 ع کان اڄ ڏينهن تائين ڏيڍ لک اسڪولي ٻار اسڪولن ۾ اهڙن ڀيانڪ فائرنگ واقعن جي تجربي مان گذريا آهن. رڳو آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارتي دور دوران اسڪولن ۾ اهو فائرنگ جو 82هون واقعو آهي

ڏٺو وڃي ته آمريڪي درسگاهن ۾ فائرنگ جو اهو ڪو پهريون واقعو ناهي. ماضي ۾ جهاتي پائبي ته اهڙي قسم جي مختلف واقعن ۾ سوين ماڻهن کي موت جي اگهور ننڊ سمهاريو ويو آهي. آمريڪا جيڪو هڪ ترقي يافته ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ سپر پاور ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، اچو ته ان ملڪ ۾ ٿيل اهڙن واقعن تي نظر وجهي هڪ ڪڙي حقيقت باخبر ٿيون. حقيقت کان پردو هٽائڻ لاءِ آمريڪا جي مختلف رياستن جي مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سال 1999ع کان اڄ ڏينهن تائين ٿيل اهڙي قسم جي واقعن جو جائزو وٺنداسين ته انهن واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا آهن ۽ ڪيترا زخمي ٿيا آهن. تنهن ڪري هيٺ 1999ع واري سال کان 2018 جي فيبروري تائين انگ اکر پيش ڪجن ٿا

20 اپريل 1999ع تي ڪولوراڊو رياست ۾ لٽل ٽِن جي لمبائن هاءِ اسڪول جي شاگردن ۾ 18 ورهين جي ايرڪ هيرس ۽ 17 ورهين جي ڪلي بولڊ فائرنگ ڪري 12 شاگردن ۽ هڪ استاد کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ڄڻن کي زخمي ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو هو

نومبر 1999 تي ڏکڻ اولهائي رياست نيو ميڪسيڪو جي ڊيمنگ مڊل اسڪول ۾ 12 ورهين جي وڪٽر ڪارڊووا جونيئر ساٿي شاگرد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس ٻن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي ۽ کيس ٻارن وارن جيل منتقل ڪيو ويو هو

29 فيبروري 2000 تي آمريڪي رياست مشي گن جي هڪ اسڪول ۾ 6 ورهين جي نينگر پنهنجي هم عمر شاگردياڻي کي فائرنگ ڪري ابدي ننڊ سمهاريو هو، گهٽ عمر سبب کيس ڪا به سزا نه ڏني وئي هئي، پر جنهن عورت سان هو رهندو هو ان کي غفلت سبب ۽ هٿيار نينگر جي رسائي تائين رکڻ تي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي

26 مئي 2000 تي رياست فلوريڊا جي ليڪ ورتٿ ڪميونٽي مڊل اسڪول ۾ 13 ورهين جي شاگرد نيٿانين برازيل اسڪول ۾ پنهنجي آخري ڏهاڙي تي فائرنگ ڪري استاد کي قتل ڪري ڇڏيو هو. ڏوهه ثابت ٿيڻ کيس 28 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي

5 مارچ 2001 تي رياست ڪيليفورنيا جي سانتانا هاءِ اسڪول ۾ 15 ورهين جي شاگرد علم چارس ”اينڊي“ وليمز انڌا ڌند فائرنگ ڪري ٻن شاگردن کي قتل ۽ 13 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو، کيس 50 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي

24 سيپٽمبر 2003 تي رياست مني سوٽا ۾ ڪولڊ اسپرنگ جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ 15 ورهين جي جان جيسن مڪ لالن پنهنجي ساٿي شاگرد 17 ورهين جي آرون رولنز ۽ 15 ورهين جي سيٿ بارٽيل کي فائرنگ ڪري موت جي ننڊ سمهاريو هو، کيس عمر قيد جي سزا ڏني وئي هئي

21 مارچ 2005 تي رياست مني سوٽا 16 ورهين جي جيف وائز پنهنجي ڏاڏي ۽ سندس دوست کي قتل ڪرڻ بعد ريڊ ليڪ انڊين ريزرويشن تي موجود اسڪول وڃي 5 شاگردن، هڪ ٽيچر ۽ سڪيورٽي گارڊ کي ماري، آپگهات ڪري ڇڏيو هو

8 نومبر 2005 تي رياست ٽينيسي ۾ جيڪس بورو جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ 15 ورهين جي ڪينٿ بارٽلي فائرنگ ڪري اسٽنٽ پروفيسر ڪين بروس کي قتل، جڏهن ته ٻين ٻن ايڊمنسٽريٽرز کي زخمي ڪيو هو

30 آگسٽ 2006 تي اتر ڪيرولائنا ۾ هلز بورو جي اورنج هاءِ اسڪول جي اڳوڻي شآگرد 19 ورهين جي الوارو ڪاسٽيلو پهريان پنهنجي والد کي قتل ڪيو ۽ پوءِ اسڪول جي پارڪنگ ۾ فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو هو. هو مبينا طور ڪولمبائن فائرنگ واقعي مان متاثر هو، پوليس ان جي استعمال هيٺ وين مان ٻن پائپ بم ۽ ٻه رائفل به هٿ ڪيا هئا. عدالت قتل ۽ ٻيا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس بنا پيرول عمر قيد جي سزا ٻڌائي

29 سيپٽمبر 2006 تي رياست وسڪونسن ۾ 15 ورهين جي ايرڪ هين اسٽوڪ اسڪول جي پرنسپل 49 ورهين جي جان ڪلانگ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، اسڪول پرنسپل کيس هڪ ڏينهن اڳ تماڪ اسڪول آڻڻ تي هدايت ڪئي هئي

14 فيبروري 2008 تي رياست الينوئس جي شهر ڊيڪلب ۾ 27 ورهين جي اسٽيون جو ڪاميرزيڪ هڪ يونيورسٽي ڪيمپس جي هال ۾ گهڙي فائرنگ ڪري 5 شاگردن کي قتل ڪيو، جڏهن ته 18 ڄڻن کي زخمي ڪيو، جنهن بعد قاتل پاڻ کي به ماري ڇڏيو هو

26 آڪٽوبر 2008 تي آمريڪا جي يونيورسٽي آف سينٽرل آرڪنساس جي ڪيمپس ۾ چئن هٿياربندن اندر گهڙي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 شاگرد مارجي ويا هئا

27 فيبروري 2012 تي رياست اوهايو جي شهر چارڊن جي هڪ اسڪول ۾ 17 ورهين جي،ٽي جَي لين فائرنگ ڪري ٽن شاگردن کي قتل ڪري ڇڏيو هو

14 ڊسمبر 2012 تي ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ 20 ورهين جي ايڊم لانزا پهريان پنهنجي ماءُ نينسي کي گهر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو، پوءِ نيو ٽائون جي علائقي ۾ موجود سينڊي هڪ ايليمنٽري پهچي 26 ڄڻن کي موت جي ور چاڙهيو، مقتولن ۾ 20 فرسٽ گريڊر هئا. جنهن بعد قاتل آپگهات ڪري ڇڏيو هو

10 جون 2014 تي اوريگون جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ نوجوان پنهنجي ساٿي شاگرد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ سان هڪ استاد به زخمي ٿيو هو

هڪ آڪٽوبر 2015 تي اوريگون رياست جي هڪ ڪميونٽي ڪاليج ۾ 26 ورهين جي ڪرس هارپر مرسر انڌا ڌند فائرنگ ڪري 9 ڄڻن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جي فائرنگ ۾ جوابدار به مارجي ويو هو

7 ڊسمبر 2017 تي نيوميڪسيڪو رياست ۾ 21 ورهين جي شخص وليم ايچي سن شاگرد جي روپ ۾ مقامي اسڪول ۾ گهڙيو ۽ فائرنگ ڪري ٻن شاگردن کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو هو

جنوري 2018 تي ڪنيڪٽي ڪٽ رياست جي مارشل هاءِ اسڪول ۾ 15 ورهين جي شاگرد فائرنگ ڪري ٻن ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو

آخري واقعو جيڪو 14 فيبروري 2018 تي ٿيو، جنهن ۾ 17 ڄڻا قتل ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن

جيتوڻيڪ جتي هن واقعي کي نظر ۾ رکندي آمريڪي ميڊيا ۽ سڄي دنيا جي ميڊيا آمريڪا ۾ ٿيل واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، اتي آمريڪي قيادت پڻ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جيئن اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري هليري ڪلنٽن افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سال 2012 کان اسڪول ۾ فائرنگ جي اهڙن واقعن ۾ 438 ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، جن مان 138 ڄڻا قتل ڪيا ويا آهن. هليري ڪلنٽن ٻڌايو ته فلوريڊا وارو واقعو هر مهيني ٿيندڙ پنجون واقعو آهي. جتي هليري ڪلنٽن اهڙن واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اتي وڏي اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ فلوريڊا واقعي ۾ ملوث جوابدار کي دهشتگرد بدران ذهني طور پريشان (Mentally Disturbed Man) ٿيل سڏيو آهي. پاڻ صدر ٽرمپ جي شخصيت تي نٿا ڳالهايون، رڳو صداري دوران سندس ڪيل فيصلن کي ئي ڏسبو ته سندس شخصيت جي ڀلي ڀت ڄاڻ پئجي ويندي

آمريڪا ۾ هٿيارن جي روڪٿام لاءِ ڪو به بل پاس ناهي ڪرايو ويو. سينيٽر ڊاين فائنسٽين بل پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،( جنهن موجب دهشتگردن کي هٿيار وڪرو نه ڪيو ويندا، ۽ ان جي رسائي ممڪن نه ٿي سگهندي،) پر اهو بل به پاس نه ٿي سگهيو. ان جو هڪ سبب هٿيارن جي آزاداڻي واپار جي حامي لابي ۾ شامل هٿيار تيار ڪندڙ صنعت آهي. جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها صنعت هر سال ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي هٿيار تيار ڪندي آهي. هٿيارن تيار ڪندڙ صنعت سان گڏ بااثر تنظيم نيشنل رائفل ايسوسيئشن (NRA) جو به هٿيارن جي تياري ۽ وڪري ۾ وڏو هٿ آهي، ان تنظيم جي ميمبرن جو انگ 50 لک کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، سياسي اثر رکڻ سان گڏ ان تنظيم جي مالي طاقت به تمام وڏي آهي. جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته NRA جي سالياني آمدني 35 ڪروڙ ڊالر آهي

آمريڪا جي اسڪولن ، عبادتگاهن يا نائيٽ ڪلبن سميت ٻين هنڌن تي ايترن شهرين کي ماريو پيو وڃي. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اتي هٿيارن آساني سان ڪو به ماڻهو خريد ڪري سگهي ٿو. هڪ رپورٽ جي انگ اکرن موجب آمريڪا ۾ هڪ سئو مان 88 ماڻهو هٿيار رکن ٿا. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب آمريڪا ۾ پابندي کانسواءِ هٿيارن جي وڪري سبب آمريڪا ۾ قتل جي واقعن جي شرح دنيا جي ٻين سمورن ملڪن کان وڌيڪ آهي. ايترن واقعن سبب هر سال 32 هزار ماڻهو قتل ٿين ٿا

آمريڪا واحد ملڪ آهي جتي هٿيار خريد ڪرڻ ڄڻ ڪو رانديڪو خريد ڪرڻ مترادف آهي. اهو ان ڪري آهي جو آمريڪا وڏي انگ ۾ هٿيار ٺاهي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڪڻي نفو ڪمائي ٿو. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جهڙي سرمائيدار ملڪن ئي سڄي دنيا ۾ بک، بدحالي ۽ ڪسمپرسي واري صورتحال پيدا ڪئي آهي