مضمون

ڌرتي تي جهنم بڻيل شام


شام 15 مارچ 2011 کان جنگ جو ميدان بڻيل آهي. اها جنگ هلندڙ سال 15 مارچ تي اٺين سال ۾ داخل ٿيندي. شام جي جنگ چئن حصن ۾ ورهايل آهي۽ چئني طاقتن وارا مختلف ملڪ پنهنجي الڳ الڳ ڳ مفادن خاطر انهن جي مدد ڪري رهيا آهن . جنهن سان شام جو ئي نقصان ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي انگن اکرن موجب شام ۾ گهرو ويڙهه دوران 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ماريو ويو آهي، جنهن ۾ بي گناه عام شهرين، ٻارڙن ۽ عورتن جو وڏو انگ به شامل آهي. گهرو ويڙهه ۾ لکين ماڻهو معذور ٿي پنهنجي زندگي عذابن ۾ گذارڻ تي مجبور آهن. تازو شام ۾ انسانيت تي ٿيندڙ موتمار بمباري کي اسلامي دنيا سميت سموري دنيا ميڊيا ذريعي ڏسي رهي آهي. جنهن تي صرف گڏيل قومن سميت آڱر تي ڳڻڻ جيترن مسلم ملڪن آواز اٿاري شام جي فورسز ۽ روسي اتحادي فورسز جي ظالماڻي ڪارروائين جي مذمت ڪئي آهي. باقي دنيا جي ملڪن خاموشي کي بهتر سمجهيو آهي. جيڪڏهن ڪشمير ، فلسطين يا عراق جي مسلمانن تي ظلم هجي ها ته اهي آواز اٿارين ها. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل 24 فيبروري تي گڏيل راءِ سان اوڀر غوطا ۾ 30 ڏينهن جي جنگبندي جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. جنهن جي حمايت شام جي حمايتي ملڪ روس به ڪئي. پر پوءِ به 4 لک آبادي رکندڙ غوطا تي فضائي بمباري ۽ زميني حملا جاري آهن

شام ۾ تازي صورتحال

شام جي راڄڌاني دمشق کان 15 ڪلوميٽرن تي اوڀر غوطا جو علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي. جتي هلندڙ سال 18 فيبروي کان شامي ۽ روسي اتحادي فوج جي فضائي بمباري ۽ زميني حملا جاري آهن. جنهن جي نتيجي ۾ انساني حقن جي تنظيم جي رپورٽ موجب 1100 کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن جن ۾ 300 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن. ان کان علاوهه موتمار بمباري جي حملن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيل آهن. شامي فوج ۽ روسي اتحادي فوج طرفان شام ۾ باغين خلاف شروع ڪيل حملن جو سلسو جاري آهي. اوڀر غوطا جي 4 لک آبادي هر وقت موت جي منهن ۾ آهي. جيڪي کاڌ خوراڪ جي کوٽ سميت دوائن جي شديد کوٽ جو شڪار پڻ آهن

شامي ۽ اتحادي فوج طرفان 18 فيبروي تي غوطا تي ٻيهر قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل نئين ڪارروائي جي شروعات ڪئي هئي. ان کان بعد شامي فوج تباهه ڪندڙ فضائي حملن جي مدد سان باغين جي قبضي هيٺ آيل غوطا تي 60 سيڪڙو قبضو ڄمائي ورتو آهي ۽ باغين جي ڪنٽرول مان علائقو ڇڏائڻ لاءِ شامي فورسز جي لڳاتار پيشقدمي جاري آهي

شام ۾ جاري گهرو ويڙهه تي نظر رکندڙ مختلف تنطيمن جون رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته شام ۾ 2011 کان شروع ٿيل گهرو ويڙهه دوران 465000 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي ويا آهن. جڏهن ته حملن ۾ 10 لک کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي اذيتن واري زندگي گذاري رهيا آهن

آءِ ايم سريا آرگنائيزيشن موجب 2011 کان اڄ تايئن شام ۾ سخت گهرو ويڙهه دوران مرندڙن جو انگ 5 لک کان وڌي ويو آهي. ساڳئي تنظيم جي 2017جي انگن اکرن موجب 10204 شهري ماريا ويا. جن ۾ 2298 ٻارڙا ۽ 1536 عورتون به شامل آهن. سريا نيٽورڪ فار هيومن رائيٽس موجب شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه دوران 24،747 ڇوڪريون ۽ عورتون ماريون ويون آهن. جنهن ۾ مائرن کي پنهنجي لخت جگر ٻارڙن سميت مارڻ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. اهو صرف سرڪاري فوج ان ڪري ڪري رهي ته جيئن مخالف ان مان سبق سکي سندن آڏو هٿيار ڦٽا ڪن

ترڪي جي بمباري

شام جي صوبي عفرين جي علائقي عفرجن ۾ 4 مارچ تي ترڪي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪردن سميت شامي حڪومت جا 36 ويڙهاڪ مارجي ويا. امدادي تنظيم موجب عفرين جي علائقي عفرجن ۾ 48 ڪلاڪن دوران ٽئين ڪارروائي ڪئي. ترڪي جي سربراهي ۾ شام جي اپوزيشن سان تعلق رکندڙ ويڙهاڪن هلندڙ سال جنوري ۾ ڪردش پيپلز پروٽيڪشن جي ڳڙهه عفرين ۾ ڪارروائي جي شروعات ڪئي.جنهن جي 20 سيڪڙو علائقي تي سندن قبضو ٿي ويو آهي. ان بابت ترڪي جو موقف آهي ته وائي جي پي هڪ دهشتگرد تنظيم آهي جيڪا ڪردستان ورڪرز پارٽي سان ڳنڍيل آهي. جيڪا ٽن ڏهاڪن کان ترڪي جون حالتون خراب ڪرڻ جي ذميوار آهي. شام جي حالتن تي نظر رکندڙ تنظيم موجب ترڪي طرفان ڪيل بمباري جي نتجي ۾ 4 مارچ تائين 140 کان وڌيڪ ماڻهو موت جو شڪار بڻجي چڪا آهن. پر ترڪي انهن دعوائن کي رد ڪندي رهي آهي

سلامتي ڪونسل ۾ ٺهراءُ

گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ 24 فيبروري تي شام جي صورتحال تي ٿيل هنگامي اجلاس ۾ شام ۾ 30 ڏينهن جي جنگبندي جو ٺهراءُ گڏيل راءِ سان منظور ڪيو ويو جنهن کي پوري ملڪ ۾ لاڳو ويندو. ٺهراءَ جو مقصد باغين جي قبضي هيٺ آيل علائقن خاص ڪري غوطا ۾ ڦاٿل زخمين ۽ بيمارين ۾ مبتلا توڙي متاثر علائقن تائين امدا پهچائڻ هو. پر ان جي باوجود به علائقن تي شام ۽ روس جي بمباري جو سلسلو جاري آهي. جنهن کي گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ هنگامي امداد جي نائب سيڪريٽري مارڪ لوڪوڪ ڪونسل جي ٺهراءَ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته ٺهراءَ کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود به شامين کي وڌيڪ بمباري، ويڙهه، تباهي بربادي ۽ بک سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

شام ۾گهرو ويڙهه ڪيئن شروع ٿي

شام ۾ گهرو ويڙهه جي شروعات 15 مارچ 2011 تي ٿي. جڏهن اسد حڪومت خلاف عوام مختلف شهرن ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بدعنواني خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ بشارالاسد جي حڪومت طاقت جي ذريعي عوامي اڀار کي ڪچلي ڇڏيو. ساڳئي سال جولائي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج شروع ٿيا جيڪي ايترا طاقتور بڻجي ويا جو باغين جو ساٿ خود اسد حڪومت جي فوج ڏيڻ لڳي. جتي بغاوت ختم ٿيڻ بدران ويتر گهرو ويڙهه ۾ بدلجي وئي ۽ هڪ امن وارو ملڪ نه تصور ٿيل جنگ ۾ داخل ٿي ويو

ڪيميڪل هٿيارن جو استعمال

بشارالاسد جي حڪومت فضائي بمباري ۽ زميني حملن جي باوجود به 2013 ۾ شهرين خلاف ڪيميڪل هٿيارن جو استعمال ڪيو ۽ 2017 ۾ به اسد حڪومت شهرين خلاف ڪيميڪل هٿيارن جو استعمال ڪيو. جنهن تي کيس گڏيل قومن سميت ڪجهه ملڪ طرفان مذمت۽ تنقيد برداشت ڪرڻي پئي

شام ۾ عالمي ملڪن جي مداخلت

شام جي موجودهه صورتحال تائين پهچائڻ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جو سڌو يا اڻسڌو هٿ رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، روس، سعودي عرب، ايران ۽ ترڪي جو لاڳاپو رهيو آهي. ان سان گڏ شام ۾ هڪٻئي سان وڙهندڙ گروهه به ٻه قدم اڳتي آهن

شام جي گهڻن حصن تي شامي حڪومت، روس ۽ ايران قبضو ڪري ورتو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪجهه علائقا دهشتگرد تنظيم داعش، آزاد شامي فوج ۽ ڪردن جي قبضي هيٺ آهن. شام ۾ هلندڙ ستن سالن جي گهرو يڙهه ۾ 18 فيبروري کان شدت اچي وئي آهي. جتي هر روز فضائي بمباري ۽ زميني حملن ۾ ماڻهن جو مارجڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. جنهن لاءِ شام جي صدر بشارالاسد جو مقصد واضع آهي ته هو شام ۾ پنهنجو مڪمل ڪنٽرول چاهي ٿو. 2012 کان باغين جي قبضي ۾ آيل غوطا جو علائقو باغين جي ڪنٽرول جو آخري ڳڙهه آهي جنهن کي شامي صدر اسد واپس وٺڻ لاءِ تياري ڪري رهيو آهي. جيستائين شام ۾ عالمي قوتون ۽ انهن جا اتحادي موجود آهن ان وقت تائين شام ۾ امن ٿيڻ مشڪل آهي



Syria SyriaCrisis EastGhouta