مضمون

سعودي عرب ۾ ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي تبديليون


مسلمان دنيا ۽ معاشي طور دنيا جي اهم ملڪ سعودي عرب ۾ گذريل ڪجهه سالن کان، خاص ڪري اڳوڻي سعودي بادشاهه شاهه عبدالله جي لاڏاڻي ۽ تخت شاهه سلمان حوالي ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب ۾ تمام وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن

وچ اوڀر جو طاقتور ملڪ پنهنجي معيشيت تيل ۽ ان سان لاڳاپيل خام مال تي ڀاڙڻ ۾ وڏي پئماني تي تبديلي اچي رهي آهي، جنهن جو وڏو سبب تيل سان ڳنڊيل توانائي نه صرف مهانگي ٿيڻ پر اها ماحول لاءِ پڻ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي، جنهنڪري دنيا جا ترقي يافتا ملڪ پنهنجي معيشيت جي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آڻي رهيا آهن. ان جي شروعات پيرس ۾ 2015ع ۾ 195 ملڪن گلوبل وارمنگ ۽ ماحول جي بچاءَ لاءِ معاهدن سان ٿي چڪي آهي، جنهن موجب دنيا جي اڪثريت پنهنجي معيشيت ۾ توانائي لاءِ متبادل تيار ڪري رهي آهي، جيڪو متبادل نه صرف ماحول دوست هوندو پر توانائي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ آسان هوندو. جيئن هوا ۽ سج مان توانائي حاصل ڪرڻ جا منصوبا سڄي دنيا اندر زور وٺي رهيا آهن. اهي ملڪ ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاربان سان ڳنڍيل معاشي سرگرمين کي گهٽائي رهيا آهن. معاهدي تي صحيح ڪندڙ ملڪ اها پاليسي 2020ع کان عملي طور لاڳو ڪرڻ شروع ڪندا

ان معاهدي کانپوءِ دنيا اندر تيل ۽ ان سان لاڳاپيل شين جو وڪرو مسقبل ۾ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب انهن ملڪن جي معيشيت تي ناڪاري اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ سعودي عرب جيئن ته سڀ کان وڌيڪ تيل پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ اول نمبر تي رهيو آهي، انڪري گذريل ڪجهه سالن دوران جيئن ئي تيل جي وڪري ۾ گهٽتائي آئي ته ان جو سڀ کان پهريون اثر سعودي معيشيت تي پيو

سعودي عرب جي حڪمرانن ۾ پهريون ڀيرو ان احساس جنم ورتو ته سندن معيشيت مستقل طور خام تيل ۽ ان سان لاڳاپيل شين تي نه هلي سگهندي ۽ کين پنهنجي معيشيت کي متبادل ڳولهڻو ئي پوندو

سعودي بادشاهه شاهه سلمان جي اقتدار هٿن ۾ اچڻ بعد سندس پٽ محمد بن سلمان ان حوالي سان نه صرف سعودي جي معيشيت ۾ بنيادي تبديليون آڻي رهيو آهي پر ان سان گڏ سعودي معاشري ۾ پڻ وڏيون تبديلون آنديون پيون وڃن، جيڪي اڄ کان هڪ سال پهرين ڪنهن سوچيون به نه هونديون

سعودي عرب معيشيت جي حوالي سان طاقتور ملڪ آهي پر اتان جو معاشرو تمام گهڻو رجعت پسند ۽ پٺتي پيل آهي، جتي سماجي طور ڏهاڪن کان ڪي به وڏيون تبديليون ناهن آيون انڪري جديد دؤر ۾ جيستائين معاشرو جديد خيالن، ٽيڪنيڪل ڪم ڪارين، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين جديد هنرن کان واقف ناهي ته اهو مستقل طور ترقي نه ڪري سگهندو. سعودي معاشري کي جديد معاشي ۽ سماجي گهرجن کي پوري ڪرڻ ۽ رياست اندران مزاحمت کي روڪڻ لاءِ اهي تبديليون شايد وقت جي ضرورت آهن

سعودي ولي عهد محمد سلمان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سعودي معاشري ۾ ڏهاڪن کان تبديليون نه اچڻ جو وڏو سبب 1979ع ۾ مڪي ۾ پيش آيل واقعو هو، جنهن کانپوءِ سعودي رياست ۾ ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سختيون ڪيون هيون ۽ سينيما بند ڪرڻ سان گڏ تفريح جا ڪيترن ئي ذريعن تي پابنديون مڙهيون ويون هيون

سعودي عرب جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، جيڪي ملڪي معيشيت ۾ سڌي ريت حصو نه وٺي رهيون آهن. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب جيستائين ڪنهن ملڪ جون عورتون معاشي سرگرمين جون حصو نٿيون ٿين تيستائين ان معاشري جو ترقي ڪرڻ ناممڪن آهي. شايد ان ڳالهه کي سعودي ولي عهد سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ ڏهاڪن کانپوءِ سعودي عورتن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ حصو ٿيڻ جي باضابطه اجازت ڏني پئي وڃي

سعودي ولي عهد محمد سلمان پاران ملڪ جي معاشي توڙي سماجي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ وزن 2030ع منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ وڏين تبديلين جي شرعات ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اهڙا سڌارا ڪيا ويندا جتي سڀني ثقافتن ۽ مذهبن جي ماڻهن لاءِ رستا کليل هجن. سندس چوڻ هو ته هنن جي ملڪ جي ستر سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي، هو نوجوانن کي اهڙي زندگي ڏيڻ چاهين ٿا جنهن ۾ سندن رياست ۽ مذهب رواداري، رحمدلي ۽ پنهنجي روايتن جي ترجماني ڪري

سعودي ولي عهد معيشيت کي تيل ڀاڙڻ بدران ثقافتي، سياحتي ۽ تفريحي سرگرمين سان پڻ معيشيت کي ڳنڍڻ چاهي ٿو

ان منصوبي تحت سعودي عرب ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو جوڙڻ سان گڏ سعودي عرب ۾ سياحت، تفريح، راندين ۽ سينيما کولڻ سان گڏ وڏي پئماني تي عورتن کي ملڪ جي معاشي سرگرمين جو حصو بڻايو پيو وڃي. گڏوگڏ سعودي عرب جي اندروني توڙي پرڏيهي پاليسين کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سعودي ولي عهد پنهنجي تاريخي اتحادين، خاص ڪري برطانيه ۽ آمريڪا جو دورو ڪري رهيو آهي. دوري جو مقصد لاڳاپا مضبوط ڪرڻ سان گڏ تجارتي ۽ دفاعي نوعيت جا اربين ڊالرن جا معاهدا پڻ ڪرڻ آهي،جنهن جي شروعات برطانيه کان ڪئي وئي آهي

سعودي عرب ۾ سماجي ۽ معاشي طور ايندڙ تبديلين کي خلاصو پيش ڪجي ته اهو هن ريت آهي

عورتن لاءِ سخت قانون ختم ڪري کين معاشي ۽ سماجي سرگرمين جو حصو بڻائڻ

سعودي عرب۾ گذريل هڪ سال دوران عورتن لاءِ قانون نرم ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان سعودي حڪومت ڪيترائي منصوبا جوڙيا آهن، انهن منصوبن تحت ملڪ ۾ سعودي عورتن کي پهريون دفعو کين خودمختيار بڻائڻ لاءِ کين مڙس کانسواءِ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن موجب هاڻي سعودي عورتن کي ڪو به ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ڪنهن محرم کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هوندي.عورتن کي پهريون ڀيرو ڊرائيونگ ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي ۽ شاهي فرمان موجب هو هلندڙ سال جون کان 2018ع ڊرائيونگ ڪري سگهنديون، جنهن ۾ موٽر سائيڪل، ٽرڪ ۽ ٻيون گاڏيون پڻ شامل هونديون. 4 مارچ تي سعودي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ميراٿن ريس ڪرائي وئي ۽ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن جي موسيقي ڪنسرٽ پڻ منقعد ٿي، جيڪا سعودي عرب جهڙي معاشري ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي. ان کانسواءِ عورتن کي سڪيورٽي ادارن ۾ پڻ ڀرتي ڪيو پيو وڃي. سعودي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي اسٽيڊيم ۾ راند ڏسڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي آهي ۽ گڏو گڏ سعودي عورتن کي ڪيترين ئي معاشي سرگرمين جو حصو بڻائڻ لاءِ قانونن ۾ نرمي سان گڏ کين همٿايو پيو وڃي ته جيئن هو سعودي معيشيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن

سينيما گهر ۽ انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي بحالي

سعودي جنرل انٽرٽينمينٽ اٿارٽي جي سربراهه احمد بن عقيل الخطيب جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ تفريحي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايندڙ ڏهه سالن دوران 64 ارب آمريڪي ڊالر خرچ ڪيا ويندا، جنهن ۾ صرف هلندڙ سال دوران پنج سئو تفريح سان لاڳاپيل سرگرميون ڪرايون وينديون

سعودي انٽرٽينمينٽ جي سربراهه موجب ماضي ۾ سرمائيدار ڪم ڪار لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ۽ ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هو سعودي عرب ۾ ان جي نمائش ڪندا هئا پر هاڻي انٽرٽينمينٽ سان لاڳاپيل ڪم ملڪ اندر ٿيندو ۽ 2030ع تائين انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ وڏيون تبديليون اينديون ۽ ان حوالي سان ملڪ جي پهرين اوپرا هائوس جي اڏاوت رياض ۾ شروع ڪئي وئي آهي

گذريل ڊسمبر ۾ سعودي حڪومت پاران سينيما تان پابندي پڻ هٽائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ اندر ڏيهي توڙي پرڏيهي فلمن جي نمائش ٿيندي ۽ ان سان اربين ڊالر سرڪاري خزاني ۾ پڻ شامل ٿيندا

نوان شهر اڏڻ

ملڪ اندر سيڙپڪاري ۽ نوان موقعا پيدا ڪرڻ سميت تفريح ۽ سياحت لاءِ ملڪ جي راڄڌاني رياض ڀرسان آمريڪي شهر لاس ويگاس جي ايراضي جيترو هڪ شهر جوڙيو پيو وڃي. ان شهر اڏڻ جو مقصد ملڪ ۾ اينٽرٽينمينٽ انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن سان سعودي ۾ هزارن جي تعداد ۾ نه صرف ملازمت جا موقعا پيدا ٿيندا، پر ان سان سعودي عرب جي معيشت تي به هاڪاري ۽ جٽادار اثر پوندا. شهر جوڙڻ جو مقصد پرڏيهي سرمائيڪارن کي سعودي عرب اندر سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ همٿائڻ آهي. ان حوالي سان ملڪ اندر پرڏيهين لاءِ قانون نرم ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن

سياحت کي هٿي

سعودي عرب ۾ روايتي طور اڪثريت آبادي ملازمت کان پري رهندي آئي آهي، جڏهن ته عورتون ملڪ جي مختلف شعبن ۾ نه هجڻ جي برابر آهن. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو چوڻ آهي ته هو 2030ع تائين ملڪ جي مختلف شعبن ۾ نمائندگي ڏسڻ چاهي ٿو. سعودي عرب ۾ ڪيترا ئي تاريخي ماڳ آهن، جيڪي جيڪڏهن سياحت لاءِ کوليا وڃن ته ملڪ اندر سياحت معيشت ۾ حصو وجهي سگهي ٿي

ان حوالي سان سعودي جي ساحلي علائقن تي اهڙا خاص فري زونس جوڙيا پيا وڃن، جتي ملڪ جو قانون لاڳو نه ٿيندو ۽ پرڏيهه مان آيل سياح پنهنجي نجي زندگي موجب تفريح حاصل ڪري سگهندا

سعودي عرب ۾ ايندڙ تبديليون ۽ ان جا پاڪستان مٿان اثر

سعودي عرب ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اثر پاڪستان مٿان پڻ پوندا، پر خاص ڪري اتي رهندڙ مزدور طبقي ۽ مختلف شعبن ۾ خدمتون ڏيندڙ تي تمام گهڻو اثر پئجي رهيو آهي. هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ آيل هڪ رپورٽ موجب سعودي عرب پاڪستانين جي ٽوٽل ملازمت مان ٽئين حصي تائين روزگار جا موقعا ختم ڪري رهيو آهي. پاڪستان بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيس ايمپلائمينٽ جي انگ اکرن موجب 2016ع تائين اٺ لک 39 هزار 353 مان گهٽجي نومبر 2017 تائين اڌ نمبر تائين پهتا آهن

پاڪستان جي معيشيت ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو اهم حصو آهي، ۽ خاص ڪري سعودي عرب ۾ رهندڙن جو انڪري پاڪستان کي سعودي عرب سان سنجيده ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ته جيئن اتي موجود پاڪستانين جا مفاد محفوظ ڪري سگهجن. ٻي صورت ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ پاڪستان پنهنجي شهرين کي ملازمت ڏيڻ يا پيدا ڪرڻ جي اڃان تائين صلاحيت نٿو رکي. پاڪستان مٿان سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي جا هميشه اثر رهيا آهن، انڪري سعودي عرب جي وچ اوڀر بابت تبديل ٿيندڙ پاليسي ۽ ايران سان خراب لاڳاپن جي صورت ۾ اها صورتحال پاڪستان لاءِ چئلينج هوندي، هڪ طرف ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻي طرف سعودي عرب سان پاڪستان جا تاريخي ۽ گهاٽا لاڳاپا آهن. هن وقت تائين پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب سان پنهنجا لاڳاپا بهتر انداز ۾ رکيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڪٿي ڪٿي ٽياڪڙي جو ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي. پر اهي لاڳاپا مستقل طور ائين ئي رهندا ان باري ۾ ڪا ڳالهه رکڻ وقت کان اڳ هوندي



SaudiArabia Vision2030 SaudiWomen WeCan Feminism