مضمون

حقن کان محروم طبقي ”عورت“ جي حالت


هن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عورت پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ کيس مڪمل آزادي سان گڏوگڏ مردن جيترا حق به مليا آهن. پر هتي هن ملڪ جي اڌ آبادي عورتون آهن، جنهن جي تقريبن ڳپل حصي کي اُڀ سان ڳالهيون ڪندڙ حويلين، اونچي ڪوٽن ۽ چوءديواري ڀتين ۾ بند ڪري رڳو ماني ٻوڙ پچائڻ، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ کين پالڻ ۽ گھريلو ڪم ڪار جي ڌنڌي ۾ جنبائي سندن جون صلاحيتين ۽ خوابن کي ختم ڪيو وڃي ٿو

هن سماج ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ عورت ڪيترين ئي اذيتن کي ڀوڳي ٿي. عورت کي هڪ وکر (Commodity) سمجهي مرد پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪري ٿو. ڪڏهن هوءَ سدائين گھريلو تشدد جو شڪارآهي ته ڪڏهن کيس ٺلها ڪوڙا الزام هڻي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، ته ڪٿي زوري مذهب مٽرايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري کيس جيئرو ساڙيو وڃي ٿو ته ڪٿي جوا ۾ هارائي ڌارين جي گھر اڇلايو وڃي ٿو ته ڪٿي حق بخشرائي، قرآن سان شادي ڪرائي ٿي وڃي ته ڪٿي وري ڏنڊ، خون بها ۾ ۽ بدو ڪري ڏني وڃي ٿي. ان جي انسان طور حيثيت مڃي ئي نٿي وڃي. گناھ جو گهر ۽ پير جي جتي سمجهي وڃي ٿي

هتي هر سال سون جي ڳاڻيٽي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي خاندان يا برادري جي غيرت بچائڻ لاءِ قتل ڪيون وڃن ٿيون. انهن واقعن ۾ هر آئي ڏينهن تيزي ايندي ٿي وڃي. جيڪڏهن سنڌي اخبارون ئي کڻي ڏسو ته توهان کي اخباري صفحا اهڙن واقعن جي خبرن سان ڀريل نظر ايندا. اهڙن واقعن جو رڪارڊ سالياني بنياد تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان وٽ محفوظ آهي، جنهن جي هر سال واري رپورٽ پڙهي ڏسندئو ته توهان ئي حيران ڪندڙ انگ ملندا ته ڪيتري وڏي انگ ۾ هر سال عورتون قتل ٿين ٿيون، ۽ ڪيترين ئي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو

هتي هر سال سون جي ڳاڻيٽي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي خاندان يا برادري جي غيرت بچائڻ لاءِ قتل ڪيون وڃن ٿيون. انهن واقعن ۾ هر آئي ڏينهن تيزي ايندي ٿي وڃي. جيڪڏهن سنڌي اخبارون ئي کڻي ڏسو ته توهان کي اخباري صفحا اهڙن واقعن جي خبرن سان ڀريل نظر ايندا. اهڙن واقعن جو رڪارڊ سالياني بنياد تي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان وٽ محفوظ آهي، جنهن جي هر سال واري رپورٽ پڙهي ڏسندئو ته توهان ئي حيران ڪندڙ انگ ملندا ته ڪيتري وڏي انگ ۾ هر سال عورتون قتل ٿين ٿيون، ۽ ڪيترين ئي عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو

هن ملڪ اندر عورتن جي اهڙي بدتر صورتحال خود ثابتي ڏي ٿي ته هتي عورت جو ڪهڙو مقام آهي. هتي نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل جي بها لڳندي آهي. قاتلن کي ڀرپور ڇوٽ مليل آهي کين ڪو به روڪڻ وارو ناهي. هتي عورتن جون سرعام سسيون ڌڙ ڪپيون وڃن ٿيون، ڪونج جهڙي ڳچين کي ڪهاڙي سان وڍ ڏنا ٿا وڃن. هتي عورتن کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو. دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ ڪٿي به اهڙي قسم جي واقعن ڀرپور مذمت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جي روڪٿام لاءِ ڪيترائي قانون جوڙيا وڃن ٿا. جڏهن اسين دنيا جي سڌريل ملڪن ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته خبر پوندي ته اتي عورتن جي حوالي سان ڪي مطمئن ڪندڙ اپاءَ ورتل آهن جنهن ذريعي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو پر افسوس جو ٽئين دنيا جي ملڪ پاڪستان ۾ اهڙي قسم جا ٺلها قانون ته جوڙيا وڃن ٿا پر عمل نٿو ڪرايو وڃي. جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران ميمبر ملڪن کي ٽي ڀيرا قرارِداد منظور ڪندي چيو آهي هر ميمبر ملڪ غيرت جي نالي تي قتل يا تشدد جي واقعن جي روڪٿام لاءِ قانون ۾ تبديلي آڻي ۽ ان سان گڏوگڏ تعليمي ۽ سماجي فورمن تان ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، پر لڳي ٿو ته اسان انهن ملڪن ۾ شمار ٿيون ٿا جن تي اهڙيون قراردادون اثرانداز نٿيون ٿين. جنهن ڪري ئي هر سال سون جي تعداد ۾ معصوم عورتن جي زندگين جو ڏيئو اجھامي وڃي ٿو ۽ قاتلن جو وار به ونگو نٿو ٿئي

ڪجهه وقت اڳ گڏيل قومن پاران پاڪستان اندر عورتن جي غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل ۽ وڌندڙ تشدد تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو هو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ تحرڪ وٺي ۽ ملوث ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي. گڏيل قومن پاران اهو پڻ چيو ويو هو ته دنيا جي عالمي توڙي ملڪي قانون موجب عورتن جي حقن ۽ آزادي جي ذميواري رياست جي آهي، اها رياست ۽ عدليا جي ذميواري آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي ۽ ملوث ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾آڻين

ان کانسواءِ پاڪستان طرفان عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي واري ميثاق (سيڊا) جي منظوري جي ٻن ڏهاڪن بعد به سماج ۽ رياست ۽ غير رياستي عنصر عورتن جي حقن جي لتاڙ ڪندا رهن ٿا ۽ ملڪ ۾ جنسي متڀيد واري ثقافت پروان چڙهندي رهي آهي

ملڪ ۾ عورتن جي تحفظ واري نظام کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قانونسازي بابت ڪيتريون ئي اڳڀرايون ٿيون پر عورتن خلاف تشدد جي واقعن ۾ ڪا به خاطر خواهه گهٽتائي ڏسڻ ۾ نه آئي، ماءُ جي صحت بابت مسئلا برقرار آهن، عورتون تعليم ۾ به پٺتي رهيون ۽ کين معاشي آزادي جي حصول لاءِ تمام گهٽ موقعا ميسر ٿيا

1996 ۾ سيڊا جي منظوري ڪندي پاڪستان هر سطح تي مردن ۽ عورتن جي برابري کي يقيني بڻائڻ ۽ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جو عهد ڪيو هو. پر ملڪ ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، اهڙي طرح گذريل سال ۾ به جنسي برابراي واري لسٽ ۾ پاڪستان 144 مان 143هين نمبر تي آهي. عالمي معاشي فورم (ڊبليو اي ايم) جي رپورٽ موجب جنسي برابري جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جي آخري ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو

2006 واري رپورٽ جي پهرين ايڊيشن موجب پاڪستان 112هين نمبر تي هو ۽ ان کانپوءِ ان جي درجي بندي هر سال ڪِرندي رهي. 2013 ۾ 135هين ۽ 2014 ۾ 141هين ۽ 2015 ۾ 143هين نمبر تي رهيو.

تشدد جي مختلف شڪلن جي اظهار جو نتيجو عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ نڪري ٿو. اهو ظاهري ۽ لڪل ٻنهي شڪلن ۾ موجود آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ متاثرن جي سالياني انگ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ٿي پئي ٿو. جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ ڪجهه ئي واقعا رپورٽ ٿيندا آهن، اهي ڪجهه واقعا ئي رياست کي تشدد جي خاتمي لاءِ ترت قدم کڻڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجن. تشدد جي خاتامي لاءِ 2016 ۾ ڪيترائي قانون ۽ ٺهراءَ منظور ڪيا ويا، پر اهي اڄ ڏينهن تائين لاڳو ناهن ڪيا ويا

25 نومبر تي سنڌ اسيمبلي گڏيل راءِ موجب هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ عورتن خلاف جسماني ۽ ذهني بدسلوڪي جي روڪٿام لاءِ قدم کڻن ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ قانون جوڙين. پنجاب حڪومت متاثر عورتن لاءِ حفاظتي خدتمن کي بهتر بڻائڻ لا3 نومبر ۾ اعلان ڪيو ته ملتان ۾ عورتن خلاف تشدد بابت پهريون مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو جلدي ڪم جي شروعات ڪندو. عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو ايڪٽ 2016 تحت جوڙيل ان مرڪز جو مقصد عورتن جي تحفظ ۽ سندن مدد لاءِ قانوني ۽ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان مرڪز ۾ ٻه وڪيل ۽ 39 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. اهو قانون مڙني ضلعن ۾ اهڙن مرڪزن جي قيام جي تجويز ڏئي ٿو. اهي مرڪز هڪ ئي ڇت هيٺ پوليس جي جاچ، سرڪاري شاهدن، قانوني امداد ۽ طبي معائني جهڙيون سهولتون فراهم ڪندا

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪلز (25-27-35-37 ) تي عمل ڪيو وڃي ته پوءِ ئي صورتحال بهتر بڻجي سگهي ٿي

مٿي ڄاڻايل آئين جي آرٽيڪلز موجب

سڀ شهري قانون آڏو هڪجهڙي حيثيت رکن ٿا، برابري قانوني تحفظ جا حق دار آهن، رڳو جنس جي ڪري ڪنهن شهري خلاف امتيازي سلوڪ نه رکيو ويندو. ڪنهن به شهري کي جيڪو پاڪستان جي سروسز ۾ مقرري جي اهليت رکي ٿو، رڳو جنس جي ڪري کيس مقرري جي سلسلي ۾ امتيازي سلوڪ جو نشانو نه بڻايو ويندو. قومي زندگي جي سڀني شعبن ۾، عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. رياست ازدواجي زندگي، خاندان ۽ ماءُ جي تحفظ فراهم ڪندي. رياست ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته عورتن کي انهن شعبن ۾ ملازم نه رکيو ويندو جيڪو ان جي جنس سان ٺهڪي نه ٿي. هاڻ جڏهن گڏيل قومن پاران پاڪستان اندر عورتن جي حوالي سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي عورتن جي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي ته ان تي پورو لهڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. عورتن جي تحفظ بابت نئون موثر بل نه صرف پاس ڪرايو وڃي پر ان تي سو سيڪڙو عملداري به ڪرائي وڃي ته جيئن کين اهڙو پر امن ماحول ڏنو وڃي جنهن ۾ هو نه صرف محفوظ رهي سگهن پر ان سان گڏوگڏ زندگي سان واڳيل هر شعبي ۾ مردن جيان ڪم ڪري پنهنجون صلاحيتون مڃرائن. ائين ڪرڻ سان ملڪ جي خوشحاليءَ سان گڏوگڏ دنيا جي نظر ۾ به ساک بهتر ٿيندي.



Women Day Women Rights Respect Women Feminism Women Empowerment