مضمون

فلسطين ۽ ڪشمير ۾ تشدد: هڪ سفارتي موقف جي ضروروت آهي


گذريل مهيني جي آخر ۾ اهڙن علائقن ۾ تشدد جي نئين لهر اڀري، جيڪي تاريخي طور تي تڪراري علائقا آهن. فلسطين ۽ ڪشيمر جي اختلافن جا پهلو مختلف آهن پر اهي رياست جي اندر بغاوت کي ختم ڪر ڻ لاءِ ملندِڙ جلندڙ رياستن جا مثال آهن

ٻئي تضاد هڪ اهم عالمي رياست جا به دعويدار آهن جنهن جا رهواسي پڻ مناسب فيصلي موجب ناهن. ٻئي فلسطين ۽ ڪشمير مسلم اڪثريت وارا علائقا آهن، اهڙي طرح انهن جي سڃاڻپ پڻ اهم بڻجي ويندي جڏهن انهن تضادن ڏي ڏٺو ويندو آهي. ڪشمير مسئلو جيڪو پاڪستان جي گهر جي ويجهو آهي. ڇاڪاڻ ته ان تي ٽي جنگيون پڻ ٿيون آهن. پر فلسطين جو مسئلو به مسلم دنيا جي سڃاڻپ سان پاڪستان لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي .تازن واقعن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ تشدد ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ عالمي فورم تي سفارتي موقف قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ته جيئن گڏيل قومون پنهجو موقف واضع ڏين.

هندستاني ولاريل ڪشمير ۾ 19 شهري مارجي ويا آهن، انهن مان اڪثر مقامي ۽ ڏکڻ ڪشمير جي رهواسين جي هئي.هلندڙ سال جي شروعات کان ئي شوپين ڳوٺ جا هندستاني فوج هٿان مارجي ويا آهن ۽ احتجاج پڻ ريڪارڊ ڪرايو. جنهن کي پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجه آصف بدترين رياستي دهشتگردي جو ڏينهن قرار ڏنو هو. تشدد بعد علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو مقامي ماڻهن تشدد ڪري ماتم برپا ڪيو ويو. پاڪستان طرفان ان جي مذمت ڪئي وئي. گهڻن سرڪاري آفيشلز ٽوئيٽ جي ذريعي پڻ ڪئي پر ڀارتي فورسز جي ائڪشن جي مذمت لاءِ ڪو تحرڪ نه ورتو ويو

فلسطين ۾، اوڀر سرحد واري غزه پٽي فضائي جيل ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.جنهن غزه جي وڌنڌڙ و يڙهاڪن جي ڪري ماڻهن جي زندگي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. 30 مارچ 2018 تي غزا جي سرحدي علائقن جي رهواسين زميني سرحد جي ويجهو جمعي جي ڏينهن ” غزا ڏانهن واپسي لاءِ مارچ تحريڪ“ جي شروعات ڌرتي جو ڏينهن ملهائي ڪري ڪئي. جيڪو پهرين ڀيرو 30 مارچ 1976 ع تي ملهايو ويو

جڏهن اسرائيلي حڪومت جي خلاف احتجاج جي دوران 6 فلسطيني شهرين کي اسرائيلي فوج ماريو هو. عظيم ڌرتي ڏانهن واپسي مارچ تحريڪ ۾ 17فلسطيني مظاهرين مارجي ويا.ڪويت جي مطالبي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسرائيل جي ائڪشن جي مذمت ڪئي وئي.

فلسطين ۽ ڪشمير جا ٻئي واقعا پاڪستان لاءِ هڪ مضبوط سفارتي پيغام موڪلڻ لاءِ اهم موقعو آهي. ۽ هڪ واضع پيغام ڀارت ڏي پڻ موڪلي. ٻنهي ولاريل علائقن ۾ پهريائين اهڙي قسم جي حالتن ۾ پاڪستان سندن حمايت ڪئي آهي. ۽ ان کي تبديل نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کي انساني حقن جي ڀڄڪڙي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ گهرجي.

پاڪستان کي واضع طور تي ڀارت ۽ اسرائيل جا موقف رد ڪرڻ گهرجن. خاص ڪري ڀارت ۽ اسرئيل جو پاڻ ۾ اتحاد پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي. ڪشمير ۽ فلسطين جي بربريت بابت عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ نرم طاقت جو به استعمال ٿيڻ گهرجي. ۽ اهڙي طرح عام ماڻهن تائين ان مسئلي جي ڄاڻ سان بيروڪريٽڪ ڊولپمينٽس حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهي ٿي.