مضمون

پورهيتن جو عالمي ڏينهن


هر سال پهرين مئي تي سڄي دنيا جا پورهيت هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي رستن تي نڪرندا آهن. ساڳي ڏينهن تي اڄ کان132 سال اڳ 1886ع ۾ آمريڪا جي سڀني شهرن ۾ ڪم جو وقت اٺ ڪلاڪ ڪرائڻ لاءِ احتجاجي سڏ ڏنا ويا، اهي احتجاج رسمي نه هيا پر پورهيت ان عزم سان احتجاج ڪري رهيا هئا ته جيستائين ڪم ڪرڻ جو وقت گهٽائي اٺ ڪلاڪ نه ڪيو ويندو، هو پنهنجي جدوجهد تان پوئتي نه هٽندا. ٻين آمريڪي شهرن جيان شڪاگو ۾ پڻ هزارين مزدور، جيڪي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم هئا، هو ڏينهن جا 16 ڪلاڪ ڪم ڪندا هئا، روزانو پورهئي جو وقت گهٽائڻ لاءِ هو بيهي رهيا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي۾ ڪيترائي پورهيت شهيد ٿيا

شڪاگو ۾ پورهيتن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪجهه ساٿين جي گرفتاري باوجود هو پنهنجي حقن جي مطالبي کان پوئتي نه هٽيا ۽ نيٺ آمريڪي حڪومت ڪم جو وقت رسمي ۽ قانوني طور اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيو. اها فتح صرف شڪاگو جي شهيدن جي نه هئي پر ان جي وارثي سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ محنت ڪندڙن ڪئي. اها به حقيقت آهي ته قانوني طور تي اها جنگ ته پورهيت کٽي ويا پر کين عملي طور ان قانون کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ کين اڃان وڌيڪ ڏهاڪا لڳا

سوال اهو آهي ته اڄ شڪاگو کي لڳ ڀڳ 132 سالن جو وقت ٿيو آهي، پر ان جي باوجود هي ڏينهن ايتري اهميت جوڳو ڇو آهي؟ اڄ به پهرين مئي تي دنيا جي 80 ملڪن ۾ لکين پورهيت رستن تي نڪرن ٿا. پورهيتن جي جدوجهد کي ڀلي صدي گذري وئي آهي پر اڄ به ڪروڙين پورهيت ان ڳالهه کان اڻڄاڻ آهن ته ڪي سندن حق ٿيندا آهن

جيڪي پورهيتن وٽ ٿورا گهڻا حق آهن، ان جي پٺيان جدوجهد جي هڪ تاريخ آهي۽ پورهيتن جي نالي تي انساني تاريخ ۾ ڪيتريون ئي بغاوتون ٿينديون رهيون آهن. رومن دور ۾ اسپارٽيڪس نالي نوجوان غلامن جي بغاوت جو نعرو بلند ڪيو ۽ ظلم خلاف منظم جدوجهد ڪرڻ جي شروعات ڪيائين، جيڪا ناڪام ته ٿي هئي پر تاريخي طور اها مظلومن ۽ محڪومن لاءِ اتساهه پيدا ڪندي رهي آهي. ايران ۾ مزدڪ جي تحريڪ هڪ ٻي اهڙي تاريخي جدوجهد رهي آهي، جڏهن شيون پيدا ڪندڙ پورهيتن پنهنجي محنت هٿن ۾ کڻڻ ۽ پيداواري نظام تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ڪميون جي بغاوت هجي يا سنڌ ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي جهوڪ ۾ جيڪو کيڙي سو کائي وارو انقلابي نعرو ۽ روس ۾ 1917ع ۾ مزدورن جو انقلاب وغيره اهي جدوجهدون ۽ تحريڪون ان ڳالهه جو اظهار رهيون آهن ته گڏيل انساني محنت چند ماڻهن جي هٿن ۾ نه پر اڪثريت جوثمر آهي، جنهن مان سڀني کي فائدو ملڻ گهرجي

اڄ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي پورهيت ڪم تي ويندا ۽ کين پنهنجن حقن جي به خبر نه هوندي. پاڪستان ۾ پوهيتن جي اڪثريت غير رسمي شعبن ۾ ڪم ڪري آهي. رجسٽرڊ پورهيت صرف سرڪاري ادارن ۾ بچيا آهن ۽ فيڪٽرين، بٺن، زمين تي پورهيو ڪندڙن منظم ناهن. انهيءَ منظم نه هئڻ ڪري سندن ڪو به آواز ناهي، انڪري هو سرڪار پاران مقرر ڪيل بنيادي اجرت به حاصل ناهن ڪري سگهندا.تاريخي طور تي منظم جدوجهد ئي حقن ڏيارڻ ۾ فيصلا ڪن ثابت ٿي آهي. ان کانسواءِ استحصال ۽ جبر ختم ڪرڻ ناممڪن رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جو اهو پيغام رهيو آهي، جيئن جون ايليا چيو هو ته تاريخ ني قومون ڪو ديا هي يه سبق، حق مانگنا توهين هي، حق ڇين ليا جائي

دنيا جي تاريخي جدوجهدن ۾ جيئن ته عورتن جو اوترو ئي اهم ڪردار رهيو آهي، جيترو مردن جو پر دنيا جون تقريبن سڀئي ثقافتن ۾ جاگيرداري نظام اچڻ سان گڏ عورت جي سماجي حيثيت گهٽ رهي ۽ سندس ڪم ۽ سماج اڏڻ جي ڪردار ۾ کائن اوتري اهميت نه ملي جيترو سندس ڪردار ۽ ڪم رهيو آهي. پورهيت جي حقن جي جدوجهد ۾ به مردن ۽ عورتن جو ڪردار هڪ جيترو رهيو آهي پر عورتن کي جنس جي بنياد تي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جنهن جو سبب پدرشاهي نظام آهي، جنهن انساني سماج کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. عورت کي جنسي بنياد تي ڪمزور، نازڪ ۽ نفيس چئي سندن تاريخ ۾ ڪردار کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. جيئن هڪ جرمني جي عورت تاريخدان لکيو ته تاريخ جا سڀ ڪتاب ڪوڙ ڳالهائين ٿا، هو چون ٿا ته تاريخ ۾ سندس وجود ئي ناهي رهيو. دنيا اندر صنعتي انقلاب آيو ته مرد سان گڏ عورت فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪرڻ لڳي پر کيس مرد جي مقابلي ۾ اجرت گهٽ ملندي هئي. ان سان گڏ عورتن جو وڏو انگ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ گهر ۾ ڪم ڪار ڪندو هيو، ٻار پالڻ ۽ گهر جو سڄو ڪم سندن حوالي رهيو. انڪري صنعتي انقلاب کانپوءِ عورت جو ٻيڻو استحصال ٿيو.صنعتي ۽ سائنسي انقلاب سان گڏ جيئن جديد رياستن جا نوان بنياد پيا ته صرف مردن کي شهري هجڻ جا حق ڏنا ويا.عورت کي سماج، سياست ۽ معاشي معاملن بابت ٿيندڙ فيصلن کان پري رکيو ويو. ويهين صدي جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ واحد ملڪ هو، جتي عورتن کي صرف ووٽ ڏيڻ جو حق مڃيو ويو. برطانيه جنهن دنيا جي ٽئين حصي تي قبضو ڪري اتان جي دولت اچي پنهنجي ملڪ ۾ گڏ ڪئي اتي عورتن جو پڻ استحصال ٿيندو رهيو. هڪ طرف کين فيڪٽرين ۽ ٻين جڳهين تي گهٽ معاوضو ڏنو ويو ته ٻي طرف کين شهري جي حيثيت سان ڪي حق نه هئا. ان خلاف برطانيه ۾ عورتن جدوجهد پڻ شروع ڪئي، جنهن کي سفراجيٽ جي تحريڪ سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي

هن وقت به عورتون جيڪو گهر ۾ پورهيو ڪن ٿيون، ٻار پالن ٿيون ان کي پورهيو تسليم ناهي ڪيو ويندو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي قانوني طور مڃيو ويو آهي ته گهر ۾ ٿيندڙ ڪم به پورهيو آهي.پاڪستان ۾ گهرن ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي خاص اهميت ناهي ڏني ويندي، نه ئي سندن ڪٿي نمائندگي آهي، نه ئي سرڪار اها وفاقي هجي يا صوبائي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. ان جي باوجود ته جيڪي عورتون فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿيون. گذريل سال جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ غير رسمي مزدور آهن، جن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک عورتون شامل آهن، جيڪي گهرن ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪنديون آهن، ان سان گڏ عورتون سرن جي بٺن، ماهيگيري، زمين تي پورهيو ڪرڻ سميت هر شعبي جو حصو آهن پر سندن حالت مرد پورهيتن جي مقابلي ۾ گهڻي خراب آهي. ان جي باوجود ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ قانون سازي ڪئي آهي پر ان قانون تي عمل نٿو ٿئي

انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب کانپوءِ اڄڪلهه پورهيت جي معنيٰ تمام گهڻي وسيع ٿي وئي آهي. پورهيت صرف اهي ناهن جيڪي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا پر ٽيڪنالاجي، پيداوار جي نون طريقن ۽ لڳاتار تبديلي سبب نوان شعبا کلي رهيا آهن، جن ۾ ڪم ڪندڙ ان طريقي سان منظم ناهن، جيئن هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت هوندا آهن. سرمائيداري ۾ پيداوري ذريعي جي لڳاتار تبديلي پڻ پورهيت جي ڪردار ۾ تبديلي آڻيندي رهي آهي. سماج ۾ خانگي شعبن وڌڻ ڪري ۽ سرمائيداري مضبوط ٿيڻ ڪري پورهيت اڳي کان وڌيڪ غير منظم آهي. اڻويهين صدي جي عظيم فلسفي ۽ انقلابي ڪارل مارڪس سرمائيداري لاءِ چيو هو ته سرمائيداري اندر پنهنجو پاڻ ۽ هن دنيا کي تباهه ڪرڻ جو خاصيتون آهن، جن ذريعي نه صرف پورهيتن جو استحصال ٿئي ٿو پر معاشرو پڻ غير يقيني واري صورتحال جو شڪار ٿئي ٿو. مارڪس جون اهي ڳالهيون اڄ سوڌو صحي ثابت ٿي رهيون آهن، هڪ طرف دنيا جي دولت جو حصو چند ماڻهن جي هٿ ۾ گڏجي رهيو آهي ته ٻي طرف انسان ذات پنهنجي تاريخ ۾ اڄ جهڙي اڻ برابري ڪڏنهن به ناهي ڏٺي. آڪسفيم جي 2017ع ۾ آيل رپورٽ موجب دنيا جي 82 سيڪڙو دولت صرف دنيا جي هڪ سيڪڙو آبادي جي هٿ ۾ آهي

پاڪستان ۾ پورهيتن جي ابتڙ صنعتڪارن، واپارين جو آواز ايوانن ۾ ٻڌو وڃي ٿو ته چونڊن ۾ بيهندڙن جي اڪثريت ان طبقي سان واسطو رکي ٿي. پورهيتن جي لاءِ آواز اٿاريندڙ تنظيمون ڪمزور ۽ منظم آهن تنهنڪري سندن آواز نٿي ٻڌي وڃي ٿي، جنهنڪري پورهيتن جي حقن ۾ تمام گهٽ قانون سازي ٿئي ٿي. جاگيردارن، صنعتڪارن ۽ واپارين جو ان جي ابتڙ آواز ٻڌو به وڃي ٿو ته سندن لاءِ هر بجيٽ ۾ خاص پئڪيج پڻ رکيا ويندا آهن

پورهيت جيڪي اڄ جهنڊا کڻي ان اميد ۾ نڪتا هوندا ته هڪ ڏينهن کين برابري جو موقعو ملندو پر ڇا جيستائين سرمائيداري نظام موجود آهي ته پورهيت جو استحصال ختم ٿيندو؟ ان حوالي سان وڌيڪ بحث مباحثي ۽ ان حوالي سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي ته ڇا سرمائيداري جو متبادل ٿي سگهي ٿو؟