مضمون

ڏکڻ اتر ڪوريا ٺاهه، خطي جي امن لاءِ هڪ اميد ۽ تجربو


گذريل هفتي دوران دنيا ۾ ڪيترائي اهم واقعا ٿيا آهن، هڪ طرف آمريڪا پاران والاريل بيت المقدس ۾ پنهنجو سفارتخانو کوليو آهي ته ٻي طرف هزارين فلسطيني ان غير قانوني ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي واري عمل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن،جواب ۾ غاضب اسرائيلي فوج فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي

ان سان گڏ اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ معاملن جي بهتري پڻ اهم خبر آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ تاريخي ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران هنن جزيري نما ڪوريا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

اهو اعلان ان وقت ڪيو ويو جڏهن ڏکڻ ڪوريا جو سربراهه 9 رڪني وفد سان ڪم جونگ ان سان سرحد واري علائقي ۾ مليو. ان دوران اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سربراهه مون جِي ان ستر سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غير فوجي علائقي ۾ ملاقات پڻ ڪئي

ان ملاقات دوران ڪيتريون ئي اڳڀرايون ٿيون آهن

هتي انهن نقطن کي واضح ڪندو هلان ته جن تي ڪوريائي خطي جي اڳواڻن اتفاق ڪري معاملي کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي

ٻنهي ملڪن وچ ۾ جارحاڻي سرگرمين جو خاتمو

پروپئگنڊا تي ٻڌل ڪوريج بند ڪري ٻنهي ملڪن کي ورهائيندڙ غير فوجي علائقي کي امن واري علائقي ۾ تبديل ڪيو ويندو

خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ هٿيارن ۾ پڻ گهٽتائي آندي ويندي

ٽه ملڪي ڳالهين واري عمل ۾ آمريڪا ۽ چين جي شامل ٿيڻ جون گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون

جنگ کانپوءِ وڇڙيل خاندان ملائڻ جا بندوبست ڪيا ويندا

ريل ۽ ٻين سڌ سماءَ جي طريقن سان ملڪن کي جوڙيو ويندو ۽ ريل جي نيٽورڪ ۾ بهتري آندي ويندي

هلندڙ سال ايشين گيمز سان گڏ مستقبل ۾ ٿيندڙ عالمي راندين ۾ گڏيل طور رانديگرن جو وفد موڪليو ويندو

ٻنهي ملڪن پاران ايٽمي هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر اهو واضح ناهي ته ڪوريائي خطي کي ڪهڙي طريقي سان ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو اهو واضح ناهي ڪيو ويو پر اهو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ڏکڻ ڪوريا، اتر ڪوريا ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار پنهنجو عروج تي هيو. سڄي دنيا ان تي حيراني جو اظهار پڻ ڪيو ته ڪجهه هفتا اڳ هڪٻئي مٿان باهه ۽ ايٽمي حملن جون ڌمڪيون ڏيندڙ ڪيئن هڪ گڏيل نقطي تي گڏجي تاريخي طور هڪ علائقي ڪوريا کي جوڙڻ لاءِ اڳتي آيا آهن

ان سان گڏ ٻنهي اڳواڻن ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته اتر ڪوريا پنهنجو وقت تبديل ڪري ڏکڻ ڪوريا وارو وقت ئي مقرر ڪندي ۽ اتر ڪوريا ۾ گهڙيال کي اڌ ڪلاڪ اڳتي ڪيو ويندو

ڪم ان جونگ ٻنهي ملڪن مان اهو پهريون اڳواڻ آهي، جنهن 1953ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڏکڻ ڪوريا جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي تاريخي طور لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.ڏکڻ ڪوريا ۾ داخل ٿيندي ڪم ان جونگ پيس هائوس ڪتاب ۾ لکيو ته ‘هاڻي هڪ نئين تاريخ شروع ٿي رهي آهي، هي دور نئين تاريخ لکڻ سان امن جو دور هوندو

ان تاريخي لاڳاپن جي بحالي تي دنيا سان گڏ ڪوريائي خطي جي رهواسين پڻ حيراني جو اظهار ڪيو، ان کان وڌيڪ دنيا کي وڌيڪ حيراني تڏنهن ٿي جڏهن اتر ڪوريا جي سربراهه غير فوجي علائقي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سربراهه کي هٿ کان وٺي پنهنجي ملڪ واري سرحد ڏانهن وٺي ويو ۽ ٻئي اڳواڻ هٿن ۾ هٿ ڏيندا ٻيهر ڏکڻ ڪوريا ۾ داخل ٿيا. ان تاريخي ملاقات دوران سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع اهو رهيو ته ڇا اتر ڪوريا پنهنجي اسٽريٽجڪ اسيٽ جي حيثيت رکندڙ ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻي ويندو، ڇاڪاڻ ته سندس اهو ئي هٿيار رهيو آهي جو آمريڪا ساڻس ڇڪتاڻ کان لنوائيندو رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو اتر ڪوريا ايٽمي هٿيارن تان هٿ نه به کڻي پر اها ڳالهه واضح آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ امن جي فضا سان دنيا ٿڌو ساهه ضرور کنيو آهي

سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ جڏهن دنيا جي طاقت جو توازن هڪ طرفو ٿي ويو ۽ آمريڪا ۽ سندس اتحادي ڪيترن ئي ملڪن کي معاشي توڙي فوجي طاقت ذريعي آڻ مڃائي پر اتر ڪوريا، ڪيوبا، ايران وغيره اهي واحد ملڪ رهيا آهن جن ثابت قدمي سان سامراجي مخالفت ڪندا رهيا آهن. 1953ع ۾ لڳل جنگ سبب ڪوريائي خطو ورهائجي وڃڻ کانپوءِ ٻنهي پاسن کان هزارين خاندان درپدر ٿيا ۽ تاريخي طور تي هڪ ئي قوم نظرياتي لائين سان ورهائجي وئي

هڪڙي ملڪ ۾ نظرياتي طور ڪميونسٽ حڪومت قائم رهي، جنهن کي شروع ۾ سوويت يونين جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته ٻي پاسي ڏکڻ ڪوريا آمريڪا ۽ ٻين اولهه جي سرمائيدار رياستن جي اثر هيٺ رهي. سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ اتر ڪوريا کي ڪيترن ئي حوالن سان سوڙهو ڪيو ويو ۽ سندس چئني طرفن کان آمريڪي فوجين گهيري ۾ رکيو، ڇاڪاڻ ته اڄ به هزارين آمريڪي فوجي اتر ڪوريا ۾ مقرر آهن. اڪثر جڏهن ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون فوجون گڏيل طور ڪا فوجي مشق ڪنديون آهن ته اتر ڪوريا به پنهنجي دفاعي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي

اتر ڪوريا آمريڪا سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائيندي رهي آهي، موٽ ۾ آمريڪا جي هيجيموني واري دنيا ۾ مٿس ڪيتريون ئي معاشي پابنديون مڙهيون ويون. ان ڪري اتر ڪوريا معاشي طور سوڙهو ٿيو ۽ سندس دفاع تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ سبب معاشرو گهڻي حد تائين پسمنده رهيو آهي. پر حقيقت اها آهي ته اتر ڪوريا جي ٻاهرين دنيا سان ڳانڊاپو تمام گهڻو ڪمزور ۽ محدود رهيو آهي ۽ موٽ ۾ اتان جي حوالي سان ڪيتريون ئي اجيب غريب ڳالهيون سامهون اينديون رهيون آهن

جنهن ۾ اڪثر اولهه واري رياستن جي اثر هيٺ رهندڙ ميڊيا منفي انداز ۾ پيش ڪندي رهي آهي. چين جي معاشي ۽ فوجي طاقت جي اڀار کانپوءِ اتر ڪوريا کي سوويت يونين کانپوءِ هڪ اتحادي پڻ مليو جنهن سان سندن واپاري ۽ ٻيا لاڳاپا مضبوط رهيا آهن

ڪم جونگ ان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات

اتر، ڏکڻ ڪوريا لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي يا اهي ساڳي معمول تي ان جو دارومدار ٽرمپ ۽ ڪم ان جونگ جي ملاقات تي پڻ آهي. آمريڪي صدر اهو اعلان پڻ ڪري چڪو آهي ته هو اتر ڪوريا جي سربراهه سان 12 جون تي سنگاپور ۾ ملاقات ڪندو. ٽرمپ جو خيال آهي ته ان ملاقات ذريعي امن کي هٿي ملندي ۽ هو ڪم ان جونگ کي ايٽمي هٿيار کان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو. پر ان کان اڳ ٻي اهم اڳڀرائي پڻ ٿي آهي، جنهن ۾ اتر ڪوريا پاران سندس ملڪ ۾ قيد ٽن آمريڪين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. اهي قيدي جيئن ئي آمريڪا پهتا ته ٽرمپ انهن جو استقبال ڪيو ۽ سندن رهائي کي پنهنجي ڪاميابي به قرار ڏنو

اها سندس ڪاميابي هئي يا نه پر ڏکڻ ڪوريا طرفان هڪ سٺو قدم ضرور آهي، جيڪو جون ۾ ٿيندڙ ٽرمپ ڪم جونگ ان ملاقات کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي سگهي ٿو. ڇا آمريڪي صدر پاران ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪري کائنس ايٽمي هٿيارن تان هٿ کڻائڻ امن طرف سنجيده ڪوشش آهي يا صرف هڪ آمريڪي چال. ان جو فيصلو ته وقت ئي ڪندو پر اتر ڪوريا ايتري آساني سان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪون ڪندو. آمريڪا جي گذريل ڏهاڪن کان تاريخ ڀروسي ڪرڻ جهڙي ناهي رهي پر چين پاران وچ ۾ اچڻ سان شايد معاملا بهتر ٿين

ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن پهريان اتر ڪوريا پرڏيهي صحافين کي هڪ بريفنگ ۾ اهو اعلان ڪيو آهي ته هو ايٽمي هٿيارن جي تجربي واري جڳهه کي پڻ بند ڪري رهيا آهن. اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا تان اهو اعلان پڻ ڪيو ويو ته 23 مئي کان ايٽمي هٿيار واري سائيٽ جو ڪم باقاعدي سان شروع ڪيو ويندو. ان سان گڏ پيونگ يانگ ايٽمي هٿيارن سان لاڳاپيل سرنگون، سيٽلائيٽس، ايٽمي هٿيارن جي حوالي سان تحقيقي عمارتون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي

اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ رابطن جي بحالي ۽ پاڪ- ڀارت لاڳاپا

اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جيان پاڪستان جو تڪرار پڻ پراڻو آهي. پر پاڪ_ ڀارت لاڳاپن ۾ معمول تي اچڻ جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪشمير مسئلو رهيو آهي. ڪشمير مسئلي کانسواءِ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ ڏکيا آهن. پر اسان وٽ هڪ ٻيو مثال پڻ موجود آهي. مثال طور پاڪستان جا ئي پاڙيسري چين ۽ ڀارت ڊوڪلام واري علائقي تي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ۾ رهيا آهن ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ٻنهي وچ ۾ هڪ جنگ پڻ لڳي چڪي آهي. تاريخي طور ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان تڪرار باوجود لاڳاپا معمول تي رهيا آهن. چين ۽ ڀارت واپاري لاڳاپا بحال آهن، نتيجي طور ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو، جنهن مان ٻنهي ملڪن کي فائدو ملي رهيو آهي. چائنا پاڪستان ايڪانامڪ ڪاريڊور جهڙي منصوبي ذريعي چين خطي جي سڀني علائقن سان ڳنڊجڻ چاهي ٿو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳنڊڻ جا پڻ اشارا ملندا رهيا آهن

ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جڏهن ڏهاڪن جو تڪرار ختم ڪري ڳالهين ڪري سگهن ٿا ته پاڪ- ڀارت لاڳاپا پڻ ڪنهن ڏينهن بهتري اچي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻه پاڙيسري ملڪ گهڻي وقت تائين هڪٻئي کي نظر انداز نٿا ڪري سگهن، معاملو صرف اڳرائي واري پاليسي جو آهي

پاڪ فوج ۽ سويلين اڳواڻ ڀارت سان بهتر لاڳاپن جا اشارا ڏئي چڪا آهن پر ڀارت ۾ ايندڙ چونڊن کان اڳ ڪو بريڪ ٿرو نظر نٿو اچي. ان جي باوجود تاريخ هميشه حيران ڪندي رهندي آهي. جهڙي ريت ڏکڻ ڪوريا ۽ اتر ڪوريا ۾ معاملا بهتري طرف وڃي رهيا آهن اها اميد آهي ته تاريخي تجربو به. ڇاڪاڻ ته جيستائين ٻئين ڌريون هڪٻئي جا خدشا ختم نه ڪنديون تيستائين ٻه طرفا لاڳاپن جو اڳتي وڌڻ ڏکيو هوندو آهي. ساڳي طرح سان پاڪ- ڀارت لاڳاپا به انهن خدشن ختم ڪرڻ سان اڳتي ڪون وڌندا. ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا ۾ پڻ لاڳاپن جي بحالي جي اڃان شروعات ٿي آهي، ڏسڻو اهو آهي ته سندن وچ ۾ ڳالهيون ڪيتريون ڪامياب ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ ته اهي لاڳاپا نه صرف چين آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي ڪنهن حد تائين طئي ڪندا پر جاپان پڻ چين ۽ اتر ڪوريا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جو قدم وڌائي سگهي ٿو. مجموعي طور تي اها دنيا جي امن لاءِ بهتر خبر آهي پر جيتري دنيا اڄ غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آهي، ان ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو