مضمون

سفارتخاني جي منتقلي تي جشن ۽ فلسطينين جو قتل


آمريڪا پنهنجي اوڀر اتحادين، يورپي يونين، اسلامي ملڪن ۽ عالمي ادارن جي مخالفت باوجود به اسرائيل جو فلسطين جي ڌرتي تي آباد ٿيڻ جي 70 سال پورا ٿيڻ تي پنهنجو سفارتخانو تل ابيب مان يروشلم منتقل ڪيو. والاريل بيت المقدس ۾ آمريڪي سفارتخانو منتقل ڪرڻ خلاف فلسطينين احتجاجي مظاهرا ڪيا. جن تي اسرائيلي فوج هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 62 فلسطيني شهيد ۽ 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. اسرائيلي فوج احتجاج ڪندڙن تي بم ۽ آنسو گيس جو استعمال پڻ ڪيو. انهن شهادتن کي 2014ع ۾ غزه ۽ اسرائيل جنگ کان بعد سڀ کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ وارو ڏينهن قرار ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته هلندڙسال 30 مارچ کان فلسطينين پاران شروع ڪيل ”گريٽ مارچ آف ريٽرن “احتجاجي تحريڪ ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ڪيا ويا آهن.

آمريڪي صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران واعدو ڪيو هو ته آمريڪي سفارتخاني کي تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪيو ويندو.گذريل سال 6 ڊسمبر تي صدر ٽرمپ آمريڪا جي روايتي پاليسي کي تبديل ڪندي يروشلم کي اسرائيل جي راڄڌاني تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ٽرمپ آمريڪي ايمبيسي ايڪٽ 1995ع تحت آمريڪي سفارتخانو منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان مهيني گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ وڏي اڪثريت سان هڪ ٺهراءُ منظوي ڪيو ويو هو جنهن ۾ صدر ٽرمپ جي يروشلم بابت فيصلي کي رد ڪيو ويو. گڏيل قومن ،آمريڪا جو اوڀر اتحادين يورپي يونين ۽ اسلامي ملڪن ٽرمپ جي اهڙي تڪراري فيصلي جي شديد مخالفت ڪئي هئي ۽ آمريڪا ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد ڪري ساهه کنيو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افتتاحي تقريب کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو. آمريڪي پرڏيهي نائب وزير جان سوليون جي قيادت ۾ وفد شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٽرمپ جي ڌيءُ ايونڪا، سندس مڙس جيرڊ ڪشنر ۽ ٻيا شامل هئا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس سڀ کان وڏي اميد امن قائم ڪرڻ آهي. آمريڪا وچ اوڀر ۾ امن جي عزم تي قائم آهي. پر ان جي ابتڙ فلسطين ۾ امن بدارن اتي بي گناهه فلسطينين کي شهيد ڪري افتتاحي تقريب جو جشن ملهايو ويو. آمريڪي عملدارن افتتاحي تقريب ۾ چيو ته هو فلسطينين کي هڪ آخري معاهدي جي آڇ پڻ ڪندا. افتتاحي تقريب ۾ دنيا جي 86 ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي جن مان 33 ننڍن ننڍن ملڪن شرڪت ڪئي

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي معصوم شهرين تي فائرنگ ۽ ڪيرن ئي ماڻهن جي شهادت تي عالمي قوتن پاران افسوس جو اظهار ڪيوويو. روس، چين، برطانيا، فرانس ، ترڪي ، سعودي عرب ، پاڪستان، اردن ، ايران، مصر، مراڪش ،ڏکڻ آفريڪا، لبنان ۽ بيلجيئم سميت ٻين ملڪن طرفان اسرائيلي فوج هٿان معصوم فلسطينين جي شهادت تي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ترڪي ۽ ڏکڻ آفريڪا ، اسرائيل ۽ آمريڪا مان پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا آهن.آمريڪا فلسطينين جي قتل عام جي گڏيل قومن جي جاچ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي۽ غزهه ۾ فلسطينين جي قتل عام تي سلامتي ڪونسل جي جاچ درخواست به روڪي ڇڏي آهي. ٽرمپ انتظاميا غزه جي سرحدي پٽي تي ٿيل خونريزي تي به اسرائيل جو ساٿ ڏنو آهي. فلسطيني صدر محمود عباس ان فيصلي جي رد عمل ۾ چيو آهي ته آمريڪا سفارتخانو منتقل ڪري ڳالهين جي عمل کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو

اسرائيلي فلسطين جي سرزمين تي 15 مئي 1948ع کان آباد ٿيڻ شروع ٿيا، جن کي ڪالهه 15 مئي 2018 تي 70 سال پورا ٿيا. روايتي طور تي فلسطيني 15 مئي کي نڪبا ( تباهي جو ڏينهن) طور ملهائيندا آهن. پر هن ڀيري فلسطينين آمريڪي سفارتخاني کي تل ابيب کان يروشلم منتقلي تي احتجاج ڪيو.اسرائيل 1980ع ۾ هڪ قانون پاس ڪيو هو جنهن ۾ يروشلم کي اسرائيل جي راڄڌاني قرار ڏنو ويو جڏهن ته فلسطيني اوڀر يروشلم کي مستقبل جي فلسطيني رياست جي راڄڌاني تصور ڪندا آهن. گڏيل قومن جي چارٽر تحت ڪو به ملڪ ڪنهن به تڪراري ايراضي تي سرڪاري عمارت نٿو اڏي سگهي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ 1993ع ۾ ٿيل امن ڳالهين جي نتيجي ۾ طئي ڪيو ويو ته يروشلم جي پوزيشن ٻنهي ملڪن مان ڪو به ملڪ پنهنجي گادي وارو هنڌ ڪري استعمال نٿو ڪري سگهي. 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ جي نتيجي ۾ جڏهن اسرائيل جي فوج يروشلم واري اڀرندي علائقي تي قبضو ڪيو ، جنهن قبضي کي هن وقت تائين آمريڪا کانسواءِ گڏيل قومن سميت دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ تسليم ناهي ڪيو

اسلامي ملڪن سميت عالمي ادارا متحد ٿي آمريڪا ۽ اسرائيل تي دٻاءَ وجهي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ان مسئلي کي حل ڪن. مبصرين جو چوڻ آهي ته عرب ملڪ هڪ اهڙي معاهدي جي حق ۾ آهن جيڪو فلسطينين لاءءِ پهرين جي ڀيٽ ۾ گهٽ موزون هجي ڇاڪاڻ ته هو ايران خلاف اسرائيل کي اتحادي طور چاهن ٿا. پر ٽرمپ جو يروشلم بابت فيصلو اهڙو شهر جيڪو مسلمانن لاءِ مقدس آهي ان حڪمت عملي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. آمريڪا جي ايران جوهري معاهدي مان نڪرڻ ۽ ٽرمپ جو ولاريل بيت المقدس ۾ سفارتخانو منتقل ڪرڻ کي غلطي قرار ڏنو پيو وڃي.آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. جيڪڏهن انهن کي نه روڪيو ويو ته ان جارحيت واري باهه ۾ ٻيا ملڪ به سڙندا رهندا