مضمون

ڪشن گنگا ڊئم جو افتتاح ۽ پاڪستان جا اعتراض


ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪشن گنگا ڊئم تي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي ڇاڪاڻ ته هندستان جي وزيراعظم نريندر مودي ان ڊئم جو افتتاح ڪيو آهي. ان تي پاڪستان کي خدشا آهن ته جهلم دريا،ڪشن گنگا، چناب دريا ۽ ٻين اهڙن دريائن تي ڊئم ۽ پن بجلي ٺهڻ جي صورت ۾ انهن دريائن مان آزاد ڄمون ڪشمير ۽ پاڪستان تائين پهچندڙ پاڻي جي مقدار ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي ويندي ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو مسئلو پيدا ٿيندو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان ڪشن گنگا ڊئم جي افتتاح تي پاڪستان ان کي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي عالمي بيئنڪ وٽ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان اٽارني جنرل جي قيادت ۾ هڪ 4 رڪني وفد واشنگٽن ۾ عالمي بئنڪ جي صدر سان اڄ ملاقات ڪندو.

19 مئي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ضلعي بانڊي پوره ۾ 330 ميگاواٽ جي ڪشن گنگا ڊئم جو افتتاح ڪيو جڏهن ته ڊئم تي 2009ع ۾ ڪم شروع ٿيو هو . ياد رهي ته 5 اپريل 2018 تي ڀارت طرفان تڪراري ڪشن گنگا ڊئم جي تعمير مڪمل ٿيڻ جي تصديق بعد عالمي بئنڪ سان پنهنجي ذميواري نڀائيندي 2 وڏن ڀارتي منصوبن تي اسلام آباد جي خدشن کي سنڌ طاس معاهدو 1960 جي روشني ۾ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. عالمي بئنڪ 2016 ۾ پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي ڀارت کي ڊئم جي ڊيزائن ۾ تبديلي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .

، ٻئي ڳالهه اها ته نيلم دريا جو پاڻي روڪي ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جو مرتڪب ٿيو آهي.سنڌ طاس معاهدي جي ضامن عالمي بئنڪ آهي ۽ پاڪستان ان مسئلي کي عالمي اداري سامهون اٿاري رهيو آهي پر ڀارت پاڪستان جي اعتراضن کي نظرانداز ڪيو.

ڀارتي آبي جارحيت تي عالمي بئنڪ پاڪستان جي اعتراضن کي ڪيتري اهميت ٿي ڏي ان جو نتيجو ملاقات بعد ئي پئجي ويندو.