مضمون

ستر سالن بعد فاٽا ڪي پي ڪي ۾ ضم


پاڪستان جي وجود کان وٺي 1980 جي ڏهاڪي جي شروعات تائين ملڪ جي قبائلي علائقن کي برطانوي سامراج جي ڇڏيل فرنٽيئر ڪرائمز ريگيوليشن تحت هلايو ويو، جيڪو ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت جي ترجيحن ۾ نه رهيو. ويجهي ماضي ۾ فاٽا جي علائقن کي ويڙهاڪن جي تربيت ۽ هٿياربند ڪرڻ جو هنڌ قرار ڏنو ويو ۽ اتر وزيرستان سميت ٻين وسيع علائقن ۾ تربيتي مرڪز ان ڳالهه جو ثبوت آهن. نيشنل ايڪشن پلان تحت انهن علائقن کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ گذريل سال مارچ ۾ وفاقي ڪابينا وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ سڌارن جي منظوري ڏني

24 مئي تي قومي اسيمبلي فاٽا کي خيبرپختون خوا ۾ ضم ڪرڻ لاءِ 31 هين آئيني ترميمي بل جي منظوري ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويو هو . جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به وڏي عرصي بعد شرڪت ڪئي. فاٽا سڌارن بابت بل جي منظوري لاءِ ڪوٺايل اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير محمود بشير فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بابت 31هين آئيني ترميمي بل پيش ڪيو. ترميمي بل جي مسودي قومي اسيمبلي جي ميمبرن صحيون ڪيون جڏهن ته بل جي حمايت ۾ 229 ميمبرن ووٽ ڏنو ۽ 11 ميمبرن مخالف ڪئي. ترميم جي مخالفت ڪرڻ وارن ۾ جي يو آءِ ف ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جا ميمبر شامل هئا

قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيل بل موجب آئين جي شق 246 ۾ ترميم ڪندي وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ جڏهن ته صوبن جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي لاڳاپيل صوبن يعني خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جو حصو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪي پي ڪي جو حصو بڻجندڙ فاٽا جي علائقن ۾ مهمند ايجنسي، باجوڙ ايجنسي، ڪرم، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان، خيبر ايجنسين کان علاوه پشاور، ايف آر بنون، ايف آر ڪوهاٽ، ايف آر لڪي مروت، ايف آر ڊيرا اسمائيل خان ۽ ايف آر ٽانڪ جا علائقا شامل ڪيا ويا. ڪي پي ڪي جو حصو بڻجندڙ پاٽا وارن علائقن ۾ چترال، دير، سوات ، ڪوهستان، مالا ڪنڊ ۽ مانسهره کان منسلڪ قبائلي علائقا شامل ڪيا ويا. بلوچستان جو حصو بڻجندڙ پاٽا علائقن ۾ ضلعو زوب، دڪي کان سواءِ ضلعو لورلائي، ضلعي چاغي جو تعقلو دالبدين .ضلعي سبي جا مري ۽ بگٽي قبائلي علائقا شامل ڪيا ويا. آئيني ترميم ذريعي سو سالن کان وڌيڪ عرصو قبائلي علائقن ۾ لاڳو ٿيل ايف سي آر کي پڻ ختم ڪيو ويو. فاٽا سڌارن جي بل موجب فاٽا جو ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي جي سيٽن جو تعداد 342 مان گهٽجي 336 ڪيو ويندو.جڏهن ته قبائلي علائقن جي قومي اسيمبلي وارين 12 سيٽن کي ختم ڪيو ويندو. ان جي جاءِ تي ڪي پي ڪي ۾ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون وڌنڌيون

فاٽا جو ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيڻ سان عوام جي حالتن ۾ ڪجهه تبديلي ايندي. تقريبن 60 لک تي مشمتمل آبادي جو ڪي پي ۾ شامل ٿيڻ صوبو گهڻو متاثر نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ ۾ لساني ۽ نسلي هڪجهڙائي رکن ٿا. فاٽا جو ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيڻ سان عوام مان غير يقيني واري صورتحال ڪيتري ختم ٿي ٿئي اهو ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائيندو.