مضمون

نئين اليڪشن پراڻا چهرا


پاڪستان جي 71 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جهڙي تهڙي جمهوريت ڏهاڪو پورو ڪيو آهي. پهرين پيپلز پارٽي مرڪز ۾ ۽ ان وقت جي چئني صوبن جي حڪومتن پنهنجو آئينو مدو 2013 ۾پورو ڪيو. پر ملڪي پارليامينٽ مان چونڊيل وزيراعظم پنهنجو آئينومدو پوروناهن ڪري سگهيا.پاڪستان پيپلز پارٽي جو چونڊيل وزيراعظم يوسف رضا گيلاني توهين عدالت جي ڪيس ۾ 5 سال نااهل ٿيو ته نواز شريف به عدالت جي فيصلي سان گذريل سال 28 جولائي تي نااهل ٿيو. پ پ توڙي ن ليگ جمهوريت جا 5،5 سال پورا ڪرڻ بعد پنهنجي ساک قائم نه رکي سگهيون. پاڪستان پيپلز پارٽي کي 2013 جي چونڊن ۾ سنڌ کان سواءِ ڪنهن ٻئي صوبي مان خاص موٽ نه ملي سگهي . ن ليگ جي نواز شريف جي نااهلي بعد پارٽي اندر ٽوڙ ڦوڙ جيڪا ٿي آهي اها پڻ پارٽي تي گهڻو اثر وجهندي.

ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلن جي سيٽن تي عام چونڊون 25 جولائي تي ٿينديون. جن تي 20 ارب روپيا خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جيڪا ملڪي تاريخ جي مهانگي چونڊ هوندي. 2008ع ۾هڪ ارب 85 ڪروڙ جڏهن ته 2013 جي چونڊن تي 4 ارب 73 ارب روپيا ڪروڙ خرچ آيو هو.قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 849 جنرل سيٽن تي چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿينديون، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جون 272، پنجاب جون 279، سنڌ جون 130، ڪي پي ڪي جون 99 جڏهن ته بلوچستان جون 51 جنرل سيٽون آهن.

25 جولائي تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ باقي 31 ڏينهن بچا آهن پر منهنجي ڄاڻ موجب هن وقت تائين ٽنهي قومي پارٽين(ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف) پنهنجو پنهنجو چونڊ منشور جو اعلان ناهي ڪيو. نه ئي ڪنهن به وفاقي سطح جي پارٽي چئني صوبن ۾ پنهنجن اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا آهن.پر ٽئي پارٽيون پنهنجن پنهجن صوبن تائين محدود نظر اچي رهيون آهن. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اڪثر ٽڪيٽون پراڻن چهرن کي ڏنيون آهن. ان سان گڏ ٽڪيٽون نه ملڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ناراض اڳواڻ وفاداريون تبديل ڪري ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي کي 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ صرف هڪ ڀيرو پنجاب صوبي ۾ حڪومت ملي ۽ هاڻي 2018 ۾ پ پ کي پنجاب ۾ اميدوار ئي نٿا ملن.ان جو مطلب پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ختم ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ به ٻين پارٽين کان شامل ٿيندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن. پارٽي جي اهڙي عمل خلاف پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران بني گالا ۾ ڪجهه ڏينهن ڌرڻو لڳايو ويو.پي ٽي آءِ کي نوجوانن جي پارٽي چيو ويندو آهي پر هن هڪ 25 سالن جي نوجوان کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي. ن ليگ چوڌري نثار کي ٽڪيٽ جاري نه ڪئي ۽ تڪن تي نون چهرن بدران سالن کان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن. ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ زعيم قادري به باغي بڻجي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.جيڪو ن ليگ جي مٿي جو سور پڻ آهي. نواز شريف جي نااهلي بعد پارٽي جا اڳواڻ پي ٽي آءِ ۽ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جيڪو پڻ سندس ايندڙ چونڊن ۾ ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندي نظر پيو اچي.

نعرا ۽ سياسي واعدا ته ايندڙ اميدوارن طرفان گهڻا ٿي چڪا آهن پر عوام جي بنيادي مسئلن طرف نظر ڪرم هنن جو خاص ناهي. هڪ ته ملڪ جي گهڻي آبادي چونڊ مهم جي سرگرمي جي آگاهي کان اڻڄاڻ به آهي. روايتي سياسي حڪمت عملي تحت چونڊ ميدان تي لهندڙ اميدوارن کان پوئين پنجن سالن جي ڪارگردگي بابت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. سڀئي پارٽيون شاندار ڪارگردگي جي دعويٰ سان عوام جون اکيون ٿڌيون رکڻ جي ڪوشش ڪنديون . پر انهن روايتي جاگيردارن، سردارن خلاف هاڻي بغاوت ٿي چڪي آهي. ڊيرا غازي خان ۾ اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پٽ جمال لغاري کان نوجوانن چونڊ مهم دوران رستا روڪ ڪري کائنس پڇاڻو ڪيو. جيڪو جواب ڏيڻ بدارن واپسي هليو ويو.