مضمون

اردگان جي فتح ۽ هاڻي واري دور جو ترڪي


گذريل مهيني جي 24هين تاريخ تي ترڪي ۾ ٿيل صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن ۾ جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي ۽ ملي حرڪت پارٽين جو گڏيل اميدوار موجوده صدر رجب طيب اردگان صدر چونڊجي ويو. صدارتي عهدي لاءِ ٿيل چونڊن ۾ اردگان 53سيڪڙو، جڏهن ته مخالف اميدوار محرم انجي 31 سيڪڙو ووٽ کنيا. ٻي پاسي پارلياماني چونڊن ۾ رجيب طيب اردگارن اتحادي پارٽي ملي حرڪت پارٽي جي مدد سان 41 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته مخالف ڌريون 23 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهيون.

ترڪي ۾ پهريون ڀيرو صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون گڏ ڪرايون ويون. گرانڊ ترڪش نيشنل اسيمبلي جي 6 سئو سيٽن ۽ صدارت لاءِ ٿيل چونڊون ترڪي جي سياسي تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب چونڊن ۾ ووٽرن جو آئوٽ 85 کان وڌيڪ رهيو. جنهن مان ظاهر ٿئي پيو ته اهو ترڪي جي چونڊن جي تاريخ ۾ غيرمعمولي ٽرن آئوٽ آهي. هنن چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 5 سئو کان 6 سئو ڪيون ويون، ووٽر جي عمر 18 ورهيه رکي وئي ۽ گذريل سال اپريل ۾ ٿيل ريفرنڊم ذريعي صدر کي مليل اختيار ترڪي کي پارلياماني کان مرڪزيت پسند صدارتي نظام ۾وجهي ڇڏيو آهي.

:ريفرنڊم

تازيون ٿيل چونڊون گذريل سال اپريل ۾ ٿيل ريفرنڊن بعد ڪرايون ويون، ريفرنڊم ۾ رجب طيب اردگان 18هين آئيني ترميم منظور ڪرائي ڏيڍ سيڪڙو وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ان آئيني ترميم کانپوءِ به قومي اسيمبلي ئي ملڪ ۾ آئيني تبديليون ڪرڻ جو حق رکندي. ريفرنڊم تحت پارلياماني اختيار صدر ڏنهن منتقل ٿي ويا، اهڙي طرح اردگان سال اڳ چونڊون ڪرايون، جنهن جو کيس فائدو پڻ ٿيو.

تازو ٿيل چونڊن ۾ صدر چونڊجڻ لاءِ 50 سيڪڙو ووٽ کڻڻ ضروري هو، ٻي صورت ۾ چونڊن جو ٻيون مرحلو شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهي ٻه اميدوار حصو وٺي سگهندا جن پهرين مرحلي ۾پهرين ۽ ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي هجي. اهڙي طرح ٻي مرحلي ۾ سرسي ماڻيندڙ صدر چونڊجي ويندو. پر صدر اردگان پهرين مرحلي ۾ ئي 2.38 سيڪڙو وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس سامهون بيٺل چئن اهم صدارتي اميدوارن شڪست کاڌي. ٻي نمبر تي آيل اميدوار محرم انجي کي پڻ سٺي موٽ ملي. پر اردگان پنهنجي اتحادي تنگ نظر قومپرست نظريو رکندڙ ملي حرڪت پارٽي جي مدد سان چونڊون کٽڻ ۾ سوڀارو ٿيو.

ڏسجي ته جيڪڏهن ترڪ صدر رجب طيب اردگان ڪنهن پارٽي سان اتحاد نه ڪري ها ته پوءِ چونڊن جا نتيجا ٻيا هجن ها، مطلب اردگان هارجي وڃي ها. ٻي پاسي محرم انجي ان پارٽي جو اميدوار آهي، جيڪا ڪمال اتا ترڪ جو سوشل ڊيموڪريٽڪ نظريو رکي ٿي. اها ريپبليڪن پارٽي آهي. چونڊن دوران محرم انجي هڪ مقبول ترين ليڊر طور سامهو آيو آهي، جنهن چونڊ مهم جي ٿورن ڏينهن ۾ وڏن عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪري پاڻ مڃايو آهي، سندس عوامي ميڙاڪن کي خطاب وارا منظر صدراردگان هوائي دوري ذريعي ڏٺا. ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ٿو ته محرم انجي اردگان لاءِ پڻ وڏو چيلينج آهي.

هاڻي جڏهن چونڊن کٽڻ بعد جيڪي اختيار اردگان کي مليا آهن، انهن کي استعمال ڪندي اردگان اڃا وڌيڪ اهڙو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن آمريت واري دور ۾ آمر ڪندو هجي. هڪ ٻي ڳالهه ته جڏهن جمهوري حڪومت ۾ رڳو هڪ ماڻهو ايترا گهڻا اختيار هوندا ته ان سان جمهوريت جي نفي ئي ٿيندي، جنهن جو اظهار ريپبليڪن پارٽي جي اڳواڻن پڻ ڪيو آهي.

2016 جي ناڪام فوجي بغاوت بعد اردگان ترڪ سياست ۾ سخت گير ترڪ قومپرستي جو موقف اختيار ڪيو آهي، نه رڳو ترڪي اندر پر عليحدگي پسند ڪردن خلاف فوجي آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، پر سرحد کان ٻاهر شام، عراق ۾ به ڪارروايون ڪيون ويون.

هاڻي اچون ٿا ته چونڊن بعد ڇا ٿيندو. چونڊن بعد ترڪي ۾ نئون آئين لاڳو ڪيو ويندو، جنهن موجب صدر کي تمام گهڻا اختيار هوندا. وزير اعظم جو عهدي جي خاتمي بعد وزيراعظم جا اختيار به صدر رکندو. صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ، وزير نامزد ڪرڻ ۽ نائب صدر نامزد ڪرڻ کانسواءِ جرنيلن، ججن ۽ اعليٰ سرڪاري عهدن جي نامزدگيءَ وار هڙئي اختيار رکندو. اتي اهم ڳالهه اها به آهي ته اردگان ترڪي کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪئين ڪڍندو؟ چيلنجز جن کي ترڪي منهن ڏئي رهي آهي، انهن منجهان ڪردن جو مسئلو، خطي جي مسئلن ۾ ڦاٿل، ڪمزور ٿيندڙ جمهوريت ۽ ٻيا کوڙ مسئلا آهن. اهڙي ريت اهي مسئلا به اردگان لاءِ وڏيون ڏکيايون آڻي سگهن ٿا. رجب طيب اردگان جيڪو 2003 کان هن وقت تائين اقتدار ۾ رهندو پئي آيو آهي.

اهو وقت (2003) هو جڏهن ترڪي جي جمهوريت سگهاري هئي، معيشت اڀرندڙ هئي، ان وقت اهو ترڪي هو جنهن اتحادي هوندي به آمريڪا کي عراق جنگ دوران پنهنجي سرحدن تي حملي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي. هاڻي انداز لڳايو ته ان ترڪي ۽ هاڻي واري ترڪي ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. اردگان جي حڪمراني دوران عوام به گهٽ ڀوڳيو ناهي. ننڍو مثال 2016 واري ناڪام فوجي بغاوت کانپوءِ واري صورتحال جو آهي، ان وقت کان اردگان ايمرجنسي لڳائي جيڪا هنن چونڊن ۽ هن وقت تائين لڳل آهي. ان دوران ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن، ججن ۽ فوجين سميت ٻين آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍي جيل ڀيڙو ڪيو ويو.

نئين مدي لاءِ صدارتي عهدو سنڀالڻ بعد رجب طيب اردگان لاءِ نئين دور جا شروعاتي مهينا تمام اهم آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان سڄي صورتحال کي اردگان ڪئين ٿو منهن ڏئي.