مضمون

فلسطيني مزاحمت جي علامت: احد تميمي


رحمت علي

فلسطين جيڪو ڊگهي عرصي کان عدم استحڪام، ظلم ۽ بربريت جو شڪار رهندو پئي آيو آهي. ٻي عالمي جنگ بعد جڏهن اسرائيل جو وجود پيو هو ۽ جڏهن فلسطين جا ٻه ٽڪر ڪري هڪ تي اسرائيل جو قبضو ڄمايو ويو هو، تڏهن کان هيل تائين فلسطين ۾ ابتر صورتحال قائم آهي، جيڪا سڌرڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ائين به ناهي ته اها صورتحال پنهنجي ليکي پيدا ٿي آهي، ان پٺيان عالمي طاقت رکندڙ ملڪ آمريڪا ۽ سندس ساٿارين سميت ٻيون طاقتون به شامل آهن، جن اسرائيل جي مڪمل حمايت ڪندي کين کُلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ته اهو جيئن فلسطين سان جيئن وڻيس ڪري. بيت المقدس کي راڄڌاني بڻائڻ وارو معاملو هجي يا آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي وارو معاملو، مطلب ته فلسطيني هر ڏاڍ ۽ ظلم خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. تازو اسرائيلي جي سالگرهه واري ڏهاڙي کي فلسطينين ڪارو ڏينهن ملهائيندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته سرحد ڀرسان اسرائيلي فوج جي انڌا ڌند فائرنگ ۾ سوين فلسطيني شهيد ڪيا ويا ۽ هزارين زخمي پڻ ڪيا ويا. اهڙي ظلم ۽ بربريت انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين ملڪن نالي ماتر مذمت ڪئي، پر فلسطينين جي حق ۾ ڪا به شيءِ عملي طور نه ڪرائي سگهيا.

هڪ اهم پاسو اهو آهي ته فلسطين نه رڳو ٻئين عالمي جنگ کان ڏاڍ جو شڪار رهندو آيو آهي، پر ان کان اڳ به هن خطي تي قبضا ٿيندا ۽ ختم ٿيندا رهيا آهن، ان جو سبب خاص جڳهه آهي، جيڪا عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن لاءِ انتهائي مقدس آهي، اها جاءِ بيت المقدس آهي، جنهن کي ٽئي مذهب پنهنجي عقيدي موجب نهايت مقدس سمجهن ٿا.

هاڻي جڏهن دنيا جي گولي تي نظر ڦيرائجي ٿي ته خبر پوي ته هن خطي جا ماڻهو انتهائي بربريت جو شڪار آهن. جئين اڳ به اهو ذڪر ٿيو ته فلسطيني هر حال ۾ سراپا احتجاج بڻيل رهيا آهن، ۽ هاڻي به فلسطين ۾ مزاحمت جاري آهي. ان جو هڪ ارڏو ڪردار نوجوان ناري عهد تميمي آهي، جيڪا فلسطيني مزاحمت جي نئين علامت طور اڀري سامهون آهي. عهد تميمي 8 مهينن جو قيد ڪاٽڻ بعد هاڻي آزاد ٿي آهي. کيس ڇو گرفتار ڪيو ويو ۽ اها ڇو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي آهي، ان بابت ڳالهائينداسين.

هڪ اسرائيلي فوجي کي چماٽ هڻندڙ 17 ورهين جي فلسطيني ناري عهد تميمي کي 8 مهينا قيد جي سزا مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي. نبي صالع نالي علائقي ۾ عهد تميمي هڪ اسرائيلي فوجي کي چماٽ هنئي هئي. عهد تميمي تي 12 الزام هنيا ويا هئا، جن مان چئن ۾ هوءَ ڏوهي قرار ڏني وئي، انهن ۾ چڙڏيارڻ جو الزام به شامل هو.کيس 8 مهينا قيد ۽ 5 هزار شيڪلز ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ياد رهي ته اهو واقعو 15 ڊسمبر 2017 تي پيش آيو هو، ۽ ان وقت عهد تميمي جي عمر 16 سال هئي، ۽ ان واقعي جي وڊيو سندس امڙ ٺاهي هئي. کيس پنهنجي گهر ٻاهران هڪ اسرائيلي فوجي کي چماٽ ماريندي ڏسي سگهجي ٿو، ان بعد کيس گرفتار ڪيو ويو هو. ان واقعي بعد عهد تميمي جي ماءُ خلاف به سوشل ميڊيا تي چڙ ڏيارڻ جا شقون لڳايون ويون. سزا ۾ اهو وقت شامل هو جيڪو ا ڪيس جي فيصلي کان اڳ هنن گرفتاري ۾ گذاريو هو.

فلسطينين لاءِ عهد تميمي اسرائيلي قبضي خلاف احتجاج جي هڪ علامت بڻجي وئي، جڏهن ته ٻي پاسي اسرائيلي کيس هڪ پرتشدد انسان سمجهن ٿا، جيڪا شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات بند ڪمري ۾ 13 فيبروري تي ولاريل اولهه اردن ۾ اوفر فوجي عدالت ۾ ٿي، سندس وڪيل ان ڪيس لاءِ اوپن ٽرائل جي درخواست ڪئي هئي، پر جج طرفان گهٽ ڄمار جي مفاد ۾ ٻڌڻي ان ڪيمرا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عهد تميمي جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوجين سان سندس رويو جو سبب اهو هو ته ان ڏينهن هن فوجين طرفان جڏهن ته اسرائيلي فوج جو چوڻ هو ته هن فوجين کي عهد تميمي جي گهر ان لاءِ اماڻيو هو، ڇاڪاڻ ته اتان فلسطيني نوجوان پٿراءُ ڪري رهيا هئا. بعد ۾ اهو به سامهون آيو ته تميمي جي ڪزن جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته هو بائيڪ تان هيٺ ڪرڻ سبب زخمي ٿيو هو.

ٻه سال اڳ عهد تميمي جي ئي هڪ وڊيو منظر عام تي آئي هئي، جنهن ۾ کيس هڪ اسرائيلي فوجي جي هٿ کي چڪ هڻندي ڏسي سگهجي ٿو. ان اسرائيلي فوجيءَ سندس ڀاءُ کي پٿر اڇلائڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو هو. پنهنجي ڪزن کي رٻڙ جي هڪ گولي هڻڻ وري وڊيو ڏٺي هئي. عهد تميمي پهريون ڀيرو 11 ورهين جي ڄمار ۾ منظر عام تي آئي هئي، جڏهن کيس هڪ وڊيو ۾ هڪ فوجي کي مڪي سان ڊيڄاريندي ڏسي سگهجي ٿو. عهد تميمي جي آزادي ءَ لاءِ سندس امڙ طرفان هلايل آئن لائن مهم تي 17 لک ماڻهن دستخط ڪيون. ان کان اڳ انساني حقن جي ڪيترين ئي تنظيمن جو چوڻ هو ته عهد تميمي جو ڪيس ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته اسرائيلي فوج ڪيئن فلسطيني نوجوانن سان خراب رويو ڪري ٿي. اسرائيلي فوج جي انگ اکرن موجب گذريل ٽن سالن ۾ نوجوانن لاءِ جوڙيل خاص فوجي عدالتن ۾ 14 سئو فلسطينين خلاف ڪيس هليا ويا آهن..............