مضمون

ڇا رائو انوار ، نقيب الله ڪيس ۾ بچي سگهندو


سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مبينا مقابلا يا عدالت کان مٿانهان قتل ڪا نئين ڳالهه ناهي.بي گناهه انسانن کي هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ ڪا اهلڪارن جي ڪالهوڪي روايت ناهي. اهلڪار محافظ جي روپ ۾ ناحق انسانن جا گولين سان پروڙ لاش سندن وارثن ڏي موڪليندا رهندا آهن، جن جي لاشن کي سردخانن يا ويران رستن ۾ لاوارث ڄاڻائي اڇلايو ويندو آهي. انهن اهلڪارن جي گولين جو کاڃ مير مرتضيٰ ڀٽو کان نقيب الله محسود تائين بي گناهه انسان بڻبا رهيا آهن. جيڪو نه رڪندڙ سلسلو اڃا تائين جاري آهي. جڏهن ته بي گناهه مارجي ويلن جي وارثن جو ڪو داد ۽ فرياد به ناهي ٿيندو

سنڌ پوليس پنهنجي ناڪاري ڪردار جي ذريعي پنهنجو تعارف عوام جي محافظ يا عوام دوست پوليس بدارن ملير کان ڏهرڪي تائين عوام کي تشدد ڪرڻ، تذليل ڪرڻ ۽ مارڻ طور مقبول بڻائي ڇڏيو آهي. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدارن اهلڪار قانون کي لتاڙي انسانن کي ماري ڇڏن ته پوءِ ان ديس جي عوام جو پوليس تي ڪيترو يقين هوندو

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 13 جنوري تي 27 سالن جي نوجوان نقيب الله محسود کي ايس ايس پي ملير رائو انوار مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته سندس لاڳاپو تحريڪ طالبان ۽ پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي. نقيب الله جي اهڙي عدالت کان مٿانهين قتل تي خاص ڪري سماجي رابطن واري ويبسائيٽ تي اثرائتو آواز اٿاريو ويو ۽ ان سان مين اسٽريم ميڊيا به هم آواز بڻجڻ تي مجبور ٿي وئي. جنهن بعد عوامي ردعمل روڊن تي نڪري آيو۽ پوليس جي گردي جو شڪار ٿيل نقيب الله بابت آِءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو. جڏهن ته ٻين سياسي شخصيتن پاران ايوانن تائين ان قتل بابت آواز اٿاريو ويو۽ سپريم ڪورٽ به پاڻ مرادو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کان 27 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

نقيب الله محسود جي مبينا مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي معاملي تي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي سفارش تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ، ايس ايس پي ملير رائو انوار کي عهدي هٽايو. ان کان علاوهه جاچ ڪميٽي جي سفارش تي رائو انوار جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ واري کاتي جي سربراهه ثناالله عباسي جي سرابراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي طرفان نقيب الله محسود خلاف رائو انوار طرفان لڳايل الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا

ٽن ٻارن جو پيءُ نقيب الله ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي مڪين جي ڳوٺ رزمڪ جو رهواسي هو جيڪو 2008 کان ڪراچي ۾ رهندڙ هيو. جڏهن ته رائو انوار به 2008 کان ايس ايس پي ملير جي عهدي تي رهيو . نقيب الله جي رشتيدار نور رحمان جو چوڻ آهي ته نقيب الله کي سهراب ڳوٺ مان شير آغا هوٽل مان 2 ۽ 3 جنوري جي رات سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن کنڀيو هو، جنهن بابت کين 4 ڏينهن بعد ڄاڻ ملي. نقيب الله جي رشتيدارن کي 17 جنوري تي فون ڪال آئي ته ڇيپا جي سردخاني ۾ نقيب الله جي لاش موجود آهي ۽ سندس لاش دوست محمد هاشم وصول ڪيو

ڪراچي ۾ چوڌري اسلم به مبينا پوليس مقابلن ۾ گهڻو مشهور هو جنهن کي پڻ قتل ڪيو ويو، ان کان پوءِ رائو انوار جو نالو اچي ٿو جنهن 2016ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو هو ته هن 150 کان وڏيڪ مقابلا ڪيا. ان کان بعد به ڪيترن ئي مقابلن ۾ ماڻهن کي مارڻ جو سلسلو رکيو. رائو انوار 2008 کان 2018 ع تائين 10 سال ملير ۾ ايس ايس پي جي عهدي تي رهيو. رائو انوار 1980ع ۾ پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي عهدي تي ڀرتي ٿيو جيڪو ڪجهه وقت کان پوءِ سب انسپيڪٽر بڻيو ۽ کيس جلد ئي ايس ايڇ او جو عهدو ملي ويو. رائو انوار ايم ڪيو ايم خلاف 1992 ع جي آپريشن ۾ صف اول ۾ رهڻ تي تمام گهڻو مشهور ٿيو. هو ڪراچي کان علاوه بلوچستان صوبي ۾ پڻ ڪيترائي سال ڊيوٽي ڪري چڪو آهي. سال 2008ع ۾ پ پ جي مدد سان کيس ملير جو ايس ايس پي مقرر ڪيو. هن 2015ع ۾ ايم ڪيو ايم تي ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را سان لاڳاپا هجڻ جو الزام لڳايو هو. سال 2016ع ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن کي گرفتار ڪرڻ تي کيس عهدي تان معطل ڪيو ويو. جنهن بعد کيس سنڌ سرڪار عهدي تي بحال ڪيو۽ هاڻي نقيب الله جي مبينا مقابلي ۾ مارجي وڃڻ تي کيس معطل ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪيو ويو آهي

انساني حقن جي ڪمشين جي رپورٽ جي انگن اکرن موجب گذريل سال 2017ع دوران ڪراچي ۾ پوليس مقابلن ۾ 148 مبينا جوابدار مارجي ويا. ان حوالي سان دهشتگردي ٽوڙ کاتي جي خاص عدالت گذريل سال 68 پوليس مقابلن جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو هو. جڏهن ته پوليس پاران ڪيل ڪيترن ئي مقابلن تي انساني حقن جون تنظيمون پڻ آواز اٿارينديون رهنديون آهن. گذريل سال سي ٽي ڊي جي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب سنڌ پوليس جي 12 هزار اهلڪارن کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جو رڪارڊ شڪي آهي. انهن خلاف به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي

ملڪي آئين توڙي بنيادي عالمي انساني حقن جي قانون جي لتاڙ ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي سزا جو خوف گهٽ آئي تنهن ڪري هر آئي ڏيهن يا مهيني اهڙا واقعا رونما ٿيندا رهن ٿا

انڪائوٽر اسپيشلسٽ شوٽر طور ڃاتو ويندڙ رائو انوار به ڪيئي مبينا مقابلا ڪيا ۽ کيس خون ڦٻي ويا، پر رائو انوار، نقيب الله مبينا مقابلي ۾ ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي . جنهن جو نتيجو ايندڙ وقت ڏيندو. پر چوندا آهن ته پوليس وارن جا هٿ ڊگھا هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪجهه به ڪري سگھن ٿا

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نقيب الله سميت ٻين مبينا مقابلن جي شفاف جاچ ڪري پوليس اهلڪارن خلاف مثالي ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن بي گناهه انسانن جي قتل ۾ ملوٽ اهلڪارن سميت تحفظ ڏيندڙ به بي نقاب ٿي سگهن