Non Conventional Threat

ڪراچي_ پرتشدد انتهاپسندي جو خاتمو


پرتشدد انتهاپسندي هڪ پيچيدهه رجحان آهي ۽ اهو عام طور تي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي شرطن سان متفق آهي. انتهاپسندي کي مختلف معاشرن ۾ مختلف نظرن سان ڏٺووڃي ٿو. پر عام طور تي اهو نفسياتي ۽ ٽيڪٽيڪل(tactical)عنصرن جو مجموعو آهي. جنهن مان ڪو به تڪرار ٻن غير جمهوري قوتن وچ ۾ ٿيندي نظر ايندو آهي

جتي هڪ کي تشدد ذريعي جواب ڏنو ويندو آهي. پاڪستان پنهجي آزادي کان مذهبي، فرقيوارڻي ۽ نسلي مڌڀيت جي انتهاپسندي جي ڪيترن ئي مرحلن کي ڏٺو آهي. اهي گڏيل تضاد ۽ فساد جي قسطن کي ٻنهي اندورني ۽ ٻاهرين قوتن طرفان مڙني قسمن جي عسڪريت پسندن جي لاءِ فنڊنگ ۽ روايتي مدد فراهم ڪري رهيا آهن. جتي هڪ کي تشدد ذريعي جواب ڏنو ويندو آهي. پاڪستان پنهجي آزادي کان مذهبي، فرقيوارڻي ۽ نسلي مڌڀيت جي انتهاپسندي جي ڪيترن ئي مرحلن کي ڏٺو آهي. اهي گڏيل تضاد ۽ فساد جي قسطن کي ٻنهي اندورني ۽ ٻاهرين قوتن طرفان مڙني قسمن جي عسڪريت پسندن جي لاءِ فنڊنگ ۽ روايتي مدد فراهم ڪري رهيا آهن

پاڪستان ۾ انتهاپسندي ڪيترن ئي ملٽي ليئرڊ(multi-layerd) ۽ ملٽي فيسيٽيڊ (multifaceted) رجحانن جي آهي. اها صرف فرقيوارڻي انتهاپسندي، دهشتگردي جي صورت ۾ وجود نٿي رکي پر قوم پرست، عليحدگي پسند، اخلاقي طورتي تشدد ۽ رياست جي پاليسين خلاف مخالفت جي شڪل ۾ پڻ آهي. سنڌ صوبي ۾خاص طور تي ڪراچي تي سڀني کان وڌيڪ انهن تضاد وارين رڪاوٽن جو گهڻو اثر پيو آهي ۽ اها دعويٰ گذريل ڏهاڪن کان هزارين ماڻهن ڪئي آهي

ڪراچي ۾ 2013 کان 2015 ع دوران 6000 هزار کان وڌيڪ شهرين کي دهشتگردي يا ڏوهن ۾ قتل ڪيو ويو. ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهڻن ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. ڪراچي ۾ پوليس 2008 کان 2016ع دوران 12هزار کان وڌيڪ قتل جا ڪيس داخل ڪيا. سنڌ ۾ 2013ع جي چونڊن ۽ چونڊ مهم دوران تشدد جا 30 واقعا ٿيا جن مان 23 واقعا ڪراچي ۾ ٿيا جنهن ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا

جيئن ته ڪراچي ۾ اخلاقي ۽ سياسي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي، هي شهر 200 کان وڌيڪ چڱي طرح منظم ۽ وڏي پئماني تي هٿياربند گروپن ۽ ڏوهاري گينگس جو مشاهدو ڪري چڪو آهي.شهر ۾ قانون ۽ امن امان جي خراب صورتحال ڪري منظم ڏوهارين ۽ فرقيواراڻيي تشدد اڀار ورتو ۽ هن شهر کي به طالبان جي نئين تشدد پسند اداڪارن افغان طالبان، تحريڪ طالبان پاڪستان( ٽي ٽي پي) ۽ ٻين ورهايل گروهن جي روپ ۾ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. ملٽي فيسيٽيڊ تشدد گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ شهر کي مسلسل غير معمولي حالتن ۾ رکيو آهي

شهر ۾ سماجي ۽ معاشي تبديلين ، آبادي جي واڌ، نظام جي مسئلن جهڙي ريت غير معمولي شهري منصوبابندي، ڊيموگرافڪ دٻاءُ، (poor policing) ۽ غير موثر عدالتي نظام ڪري تشدد پکڙيو ۽ شهر ۾ عسڪريت پسند گروهن لاءِ هڪ مثالي پناهه گاهه بڻجي ويو. ان کانسوءِ موقعن جي کوٽ ۽ بيروزگاري، آبادي ۾ پريشان ڪندڙ واڌ ۽ تعليمي نظام جي خراب صورتحال ڪري ڪراچي کي عسڪريت پسندن ۽ ٻين انتهاپسند گروهن پنهنجي ڀرتي جو مرڪزي بنياد بڻائي ڇڏيو . تعليم، موقعا ۽ بي روزگاري ۽ تفريح کان محروم هجڻ جي ڪري شهر جي نوجوان آبادي عسڪريت پسند گروپن جي ڀرتي لاءِ پرائيم ٽارگيٽ تي آهي. وڌنڌڙ بي روزگاري جو تناسب پڻ شهر ۾ تشدد جو پڻ هڪ اهم عنصر آهي. ڪراچي ۾ 50 سيڪڙو کان گهٽ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ رهي ٿي ۽ شهر ڏانهن گهٽ مهارت رکندڙ عوام جي منتقلي پڻ شهر ۾بي روزگاري جي سطح ۾ اضافو ڪري ٿي

الف اعلان جي 2017 جي سروي رپورٽ موجب ڪراچي جي 6 ضلعن مان 4 ضلعن ۾ تعليم جو تناسب هيٺين سطح تي رهيو. ڪراچي ڏکڻ ۾ 100 سيڪڙو مان 39.68 ، ڪراچي ڪورنگي 100 سيڪڙو مان 44.58 ، ڪراچي اوڀر 100 سيڪڙو مان 45.1 سيڪڙو ۽ سينٽرل ڪراچي 100 مان 45.84 سيڪڙو رهيو

پاڪستان ۾ ڪراچي جي اهميت کي قومي سلامتي قبول ڪيو آهي. ڪراچي کي پاڪستان ۾ گهريلو سياسي استحڪام ۽ جمهوريت لاءِ اهم مڃيو ويندو آهي. شهر جي مسلسل نازڪ صورتحال ڪري سول سوسائٽي۽ نجي شعبن حڪومت کي صوبائي توڙي وفاقي سطح تي ۽ سياسي جماعتن کي شهر ۾ تشدد جي روڪٿام لاءِ عملي حل پيش ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو. گذريل ٽن سالن کان سنڌ رينجرز آپريشن پڻ رياست طرفان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سٺي ڪوشش هئي ۽ جنهن تمام سٺا نتيجا ڏنا آهن. ان صرف شهر ۾ امن امان بحال نه ڪيو پر شهر ۾ عسڪريت پسندي کي پڻ روڪيو

ڪراچي ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن تنطيمن دهشتگردي خلاف آپريشن بدران انتهاپسندي جي بنيادي سببن کي پاڙ کان پٽڻ لاءِ هولسٽڪ اپروچ (holistic approach) تي ڪم ڪيو. انهن سماج، رياست ۽ ٻين شعبن جي سهڪار سان گڏ امن امان، تڪرارن جي حل، سٺي حڪمراني، سياسي لاڳاپن جي واڌاري، قانون جي حڪمراني، تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ، نوڪريون ۽ مثبت سوچ جي واڌاري لاءِ پروگرام شروع ڪيا آهن

ڪراچي جي ترقي پذير ۽ پٺ تي پيل علائقن جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سهولت وارو ماحول مهيا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. نوجوانن لاءِ موقعن۽ تعليم جي کوٽ انهن کي تشدد ۽ انتهاپسندي لاءِ (vulnerable) بڻائن ٿا

حڪومت ۽ سول سوسائٽي طرفان نوجوانن لاءِ ترقي ۽ روزگار جي موقعن لاءِ لڳاتار موقعا، تشدد ۽ تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي جي اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهن. سنڌ حڪومت ۽ يو اين ڊي پي طرفان هڪ تازو منصوبو ”يوٿ امپلائيمينٽ پراجيڪٽ“ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي جي پٺ تي پيل ۽ ڪنفلٽ رڊن (CONFLICT-RIDDEN) علائقن جي مردن ۽ عورتن کي ڪپڙن جي صنعت ۾ تربيت ۽ نوڪري جا موقعا ڏنا ويا. اڄ ڏينهن تائين، ان منصوبي تحت 7،000 هزار فردن کي ڪپڙو ٺاهڻ جي تربيت ڏني وئي آهي ۽ 4000 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آهن. ڪراچي جي نوجوانن لاءِ (YEP) جهڙن مضبوط ۽ جٽادار نئين اسڪيمن ۽ منصوبن جي ضرورت آهي

ڪراچي مختلف نسلن، فرقن ۽ تهذيبن سان گڏ هڪ (heterogeneous) معاشرو آهي. شهر ۾ماضي جي پرتشدد واقعن ڪري خوف فرد کان معاشري تائين هڪ سماجي ۽ ثقافتي تبديلي جو سبب بڻيو

نسلي اتحاد، رواداري کي واڌارو ڏيڻ لاءِ مختلف سماجي ۽ ثقافتي مهم ۽ سرگرمين ذريعي نسلي گروهن جي تڪرار کي حل ڪري شهر جو سماجي ۽ ثقافتي اوج بحال ڪري سگهجي ٿو. اهڙي هڪ ڪوشش، گڏيل سول سوسائٽي طرفان ”مان ڪراچي آهيان“ (I am Karachi) جي ذريعي فن، ثقافت، تعليم، راندين ۽ بحث مباحثن جي ذريعي عوامي جڳهن تي اميدن۽ رواداري کي بحال ڪرڻ لاءِ آندي وئي. ٻين سرگرمين سان گڏ پوليس ۽ عدالتي سڌارن ذريعي شهر ۾ تشدد کي روڪڻ ، رياستي ادارن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ معياري تعليم ۽ انصاف تائين پهچ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪراچي جي پاليسي لاءِ (violent landscape) ۽ سيڙپڪاري تي لڳاتار نگراني رياستي سطح تائين ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار مضبوط ڪراچي تي آهي


Militancy radicalism counter radilization deradicalization counter terrorism conflict