Research Article

بيمارين جو شڪار سنڌ ۽موجوده صحت جي نظام تحت گهربل علاج مهيا ڪرڻ


سنڌ ڏکڻ_-اوڀر ايشيا جي اولاهين ڪنڊ تي واقع ايراني سرحد سان لاڳاپيل آهي، جاگرافيائي لحاظ سان اهو پاڪستان جو ٽيون وڏو صوبو آهي، جيڪو تقريبن 579 ڪلوميٽر اتر کان ڏکڻ ۽ 442 ڪلوميٽر اوڀر يا اولهه کان 281 ڪلوميٽر تائين پکڙيل آهي، جيڪو پاڪستان جي ڪل ايراضي جي 140،915 چورس ڪلوميٽر ۽ 54،408 چورس ميل جي ايراضي تي پکڙيل آهي. سنڌ جي اوڀر طرف ٿر ريگستان، اولهه ۾ کير ٿر جبل ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي، ان جي مرڪز ۾ سنڌو دريا جي چوگرد هڪ زرخيز ميدان آهي. (1) سنڌ جي آبهوا گرميءَ جي موسم ۾ گرم ۽ سياري ۾ هلڪي سردي لاءِ مشهور آهي. سنڌ جي راڄڌاني۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ۽ اقتصادي مرڪز ڪراچي آهي.

سنڌ جي آبادي

پاڪستان ۾ 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي ۾ 30.44 ملين مان 47.89 ملين تائين اضافو ڏسڻ ۾ آيو،جنهن جي 1998ع کان 2017 ع تائين سراسري سالياني واڌ جي شرح 2.41 آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارن 10 شهرن جي فهرست ۾ ڪراچي 14.91 ملين آبادي سان سرفهرست رهيو ۽ حيدرآباد 1.73 ملين آبادي سان اٺين گنجان آبادي واري شهر جي درجي تي اچي ويو

ان تڪڙي اضافي کي ذهن۾ رکندي ، صحت جي سهولتن ۾ مشڪل سان هڪ مختصر اضافو ٿيو آهي جڏهن ته آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مطئمن ڪندڙ تناسب جو اضافو هجڻ گهرجي

موسمياتي تبديليون، قدرتي آفتون، آبهوا ۾ تبديلي جو خطرو۽ انساني صحت تي اثر

پاڪستان ۾ صحت مختلف پهلوئن (Multi-dimensional) جي عنصرن تي دارومدار رکي ٿي. 2012 ۾ ٿيل هڪ سروي ۾ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي جا خطرا ۽ انساني صحت تي ان جي اثرن جي نشاندهي ڪئي وئي . (4) نتيجن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ صوبي ۾ زرعي جاگرافيائي زون سنڌ جي ڪپهه_ ڪڻڪ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ هيٺيان ضلعا شامل آهن: گهوٽڪي، حيدرآباد، خيرپور، ميرپورخاص، نوابشاهه، نوشهروفيروز، سانگهڙ، سکر، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ شامل آهن. اهي ضلعا موسمياتي تبديلن جي خطري ۾ آهن ۽ ان خطري جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ آهن۽ اهڙي ريت سماجي_اقتصادي طور تي متاثر ٿيل علائقن ۾ شامل آهن

پاڪستان جي جاگرافيائي ، وڏن زرعي ۽ پاڻي جي وسيلن تي دارومدار رکڻ جي سبب انتهائي خطري ۾ آهي. نه صرف روزگار جي مقصد لاءِ پر ملڪ جي خوراڪ جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ لاءِ به. پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن جتي گهٽ في ڪس آمدني، غربت جو عنصر ۽ رهڻ لاءِ اڻپورين سهولتن سان گڏوگڏ خراب حالتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ناقص نظام موجود آهي. جن ۾ مانيٽر ڪرڻ جو نظام ۽ هنگامي حالتن سان منهن ڏيڻ جو نظام شامل آهي. جيڪو اڻپوري حفاظتي انتظامن ۽ ناڪام اهليت جو سبب بڻجن ٿا

سنڌ 2013ع کان خشڪي واري صورتحال ۽ 2014ع کان بعد ۾ مڪمل خشڪي واري صورتحال ۾ وڪوڙيل آهي. ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ خشڪي کان متاثر ٿيندڙ ضلعا آهن. لڳاتار ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين گهٽ سطح تي برسات پوڻ سبب اناج جي پيداوار ۾ انتهائي تيزي سان گهٽتائي واقع ٿي آهي. پاڻي جي کوٽ، چاري جي کوٽ ۽ وبا جي ڪري اهي ننڍن جانورن جي موت جو سبب بڻجن ٿا

خشڪي وارن علائقن ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ وبائي بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ويجهن علائقن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ سبب ڪيترائي ٻار ۽ نوجوان زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا. خشڪي واري صورتحال جي ڪري صحت کي خطرا آهن جهڙي ريت غذا جي کوٽ ۽ وڏي پئماني تي ناقص غذا جي ڪري رت جي کوٽ سميت ٻيون بيماريون پيدا ٿينديون آهن

وڌندڙ گرمي پد ۽ هوا ۾ نمي جي کوٽ ڪري اضافي گرمي جي لهرن جو سبب بڻجي رهيو آهي، جيڪو گرمي مان پيدا ٿيندڙ مرضن ۽ موت سان گڏوگڏ ڦهلجندڙ بيماريون(ويڪٽر بورن ڊيزيز) جهڙُڪ ڊينگي بخار، دماغ جو سجڻ (انسيفالائٽس) مليريا ۽ زرد بخار جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. هڪ تحقيق جو اندازو آهي ته گرمي پد ۾ 4_3 سينٽي گريڊ تائين جو اضافو ڊينگي جي وائرس جي پکڙجڻ جي تناسب کي ٻيڻو ڪري سگهي ٿو. (6). ويڪٽر بورن(vector-borne) سبب ٻين بيمارين ۾ اضافي ٿيڻ جو امڪان آهي انهن ۾ چگاس بيماري، ( schistosomiasis) دريائي انڌپڻو ۽ نند جي بيماري به وڌنڌڙ گرمي پد ڪري وڌي رهي آهي

ساهه کڻڻ جو بيماريون، خاص ڪري دم هوا جي گدلاڻ ڪري پکڙجي رهي آهي، پولن ۽ ٻيون ايروالرجن ليول، دل جي مرض خاص طور تي ضعيف ماڻهن ۽ غريب آبادي ۾ پکڙجي رهي آهي

پاڻي جو مسئلو

سنڌ م هن وقت 50 سيڪڙو پاڻي جي گنجائش آهي ان جي مقابلي ۾ اها گهرج ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ناڪافي پاڻي جا وسيلا ، پراڻي ٽراسميشن لائين ، ليڪيج ۽ پاڻي مافيا طرفان پاڻي جي چوري پهريائين گهٽ موجود پاڻي کي وڌيڪ گهٽ ڪري رهي آهي، ڪراچي دنيا جون ڇهون پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار شهر آهي

مسئلو نه رڳو پاڻي جي مقدار سان آهي پر پاڻيءَ جي معيار سان پڻ آهي. سنڌ جي 13 ضلعن ۾ زمين جي تهه ۽ زمين جي اندر پاڻي جا سيمپل ورتا ويا جن ۾ ڪراچي جا ڇهه ئي ضلعا شامل آهن ، جيڪي انساني ضرورتن جي لاءِ ناقابل استعمال قرار ڏنا ويا

ان کان علاوهه تازي پاڻي جي وسيلن جن ۾ وڏا ڪئنال ۽ ڍنڍون جهڙوڪ منڇر مستقل گدلاڻ يا گهريلو ۽ صنعتي گدلاڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. ڍنڍون بحالي جون گهرجائو آهن ۽ اهو عمل هزارين ماهيگيرن جي معيشيت کي بحال ڪري سگهي ٿو ، جن جو گذر سفر صرف ماهيگيري تي آهي

هڪ ورلڊ وائلڊ فنڊ فار نيچر جي رپورٽ موجب جنهن جو موضوع ”پاڪستان جا خطري ۾ پاڻي جا وسيلا “ موجب پاڪستان جي اسپتالن ۾ 20 کان 40 سيڪڙو بيڊ پاڻي مان پکڙجندڙ بيمارين ۾ مبتلا مريضن سان ڀريل آهن ، جيڪي ڪل موت جي شرح ۾ هڪ ڏهائي ٽي جوسبب بڻجن ٿا. پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون پاڪستان جي لاءِ وڏي پئماني تي اقتصادي نقصان جو سبب به بڻجنديون آهن پاڻي جي اها کوٽ صحت ۽ زندگي لاءِ نقصانڪار بڻجندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ ڪيتريون بيماريون جهڙي ريت هيضه، دست، معدي ۽ ننڍي آنڊي جي سوج (گيسٽرينٽائس) ٽائيفائيڊ، مليريا، ڊينگي، چهري جون بيماريون، آکين جون بيماريون، ذهني بيماريون، گڙدن ۽ جگر جون بيماريون پکڙجن ٿيون

عام بيماريون

بيماري جوڪنٽرول ۽ روڪٿام جي مرڪز موجب، انساني موت جا اهم ترين 10 سبب آهن، جن ۾دم جي بيماري8 سيڪڙو، ڪينسر 8 سييڪڙو، نظام تنفس جي بيماري 8 سيڪڙو، اسٽروڪ5_6 سيڪڙو، دستن جي بيماري، 6 سيڪڙو، کير پيئندڙ ٻارن ۾ دماغ جي سوج 5 سيڪڙو، ڦڦڙن جو مرض 4 سيڪڙو ۽ ذيابيطس 3 سيڪڙو. (11). 2010ع ۾ هيپاٽائٽس وائرس تي ڊيٽا جي نگراني ڪئي وئي، جيڪي انگ اکر سنڌ صوبي جي پريونشن ۽ ڪنٽرول مهم سان جڙڻ جو سبب بڻيا. جنوري 2012ع ۾ نمونيا جي پکڙجڻ جي جاچ جي شروعات هڪ ڪميونٽي جي سطح تي شديد غذائي کوٽ جي پروگرام ۾ ٻارن جي انرولمينٽ جو سبب بڻيو

وزات صحت حڪومت سنڌ

پاڪستان ۾ پهريون دفعو، جون 2011 وزارت صحت جي سهڪار سان گڏ صحت جي شعبي کي مڪمل طور تي صوبن جي حوالي ڪيو ويو

هين ترمين(آئيني) ايڪٽ 2010 جي لاڳو ٿيڻ ڪري پاڪستان ۾ صحت جي شعبي سميت سڀني سماجي شعبن جي لاءِ صوبائي خودمختياري جو سبب بڻي

صوبا هاڻي صحت جي سان لاڳاپيل ڪارگردگي جي انتظامي، تنظيمي معاملن ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ ذميوار هوندا. صحت جي شعبي جي لاءِ هڪ بين الصوبائي گڏيل فهرست کي صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ هڪ وقت لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي

جنهن ۾ شامل عالمي معاهدا ڊرگ لائسنس، رجسٽريشن ۽ قيمتن جو مقرر جهڙي ريت شيون ۽ خدمتن جي ٽيڪس آمدني ۽ پيشوراڻا ڪونلسون جهڙوڪ پاڪستان ميڊيڪل ۽ دينٽل ڪونسل، نرسنگ ڪونسل ۽ فارميسي ڪونسل سميت ٻين معاملن جي وفاقي سطح تي گڏيل طور تي انجام ڏيڻ جو دائرو اختيار مڃيو ويو آهي

اهم عنصر خاص طور تي ترجيح جو تعين ۽ حڪت عملي واضع ڪرڻ ريگوليشن ،ترقي جي پروگرامن جو انتظام ۽ وفاقي سرماين سان هلندڙ جاچ پڙتال کي صوبائي ذميوارين طور تي مڃيو ويو آهي

سنڌ ۾ موجود طبعي انفراسٽرڪچر

پرائمري صحت جي سينٽرن جن ۾ ٻهراڙي جي صحت جا مرڪز بنيادي صحت يونٽس ڊسپينسري، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي چڪاس جو مرڪز، ذيلي صحت سينٽرز/ ڪلينڪس، هوميوپيٿڪ، ڊسپينسري، شهري صحت مرڪز ۽ يوناني شفاخانا سڀئي 1782 سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن.ثانوي صحت جي خدمتن ۾ 90 سهولتون ، تعلقا هيڊڪواٽر، ضلعي جا هيڊڪواٽر ۽ خاص اسپتالون شامل آهن

صوبي سنڌ ۾ ٽرشري سطح تي صرف 8 سهولتون موجود آهن، (13) جڏهن تھ فعال ۽ ڪم ڪندڙ خدمتن جا انگ اکر موجود ناهن

نيشنل پروجيڪٽ سميت 14 خاص پروگرامن جهڙوڪ اميونائيويشن تي توسيعي پروگرام ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام، ماءُ ۽ ٻار جي لاءِ هيلٿ ڪيئر پروگرام، رول بينڪ مليريا ايڇ آءِ وي/ ايڊز ڪنٽرول پروگرام، ڊينگي ڪنٽرول ۽ نجي شراڪت داري صحت جا قدم، ٽي بي ڪنٽرول، سي ٽي ڊي ۽ چائلڊ هيلٿ، خون اٿارٽي، بلائينڊس، ڪنٽرول پروگرام ۽ چائلڊ سروائول پروگرام شامل آهن.ڊونر/ غير ملڪي امدادي منصوبن ۾ جيڪب آباد انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ( يو ايس ايڊ) چلڊرين اسپتال نارٿ ڪراچي ( جايڪا) ريجنل بلڊ بينڪ ( ڪي ايف ڊبليو/ جرمن گرانٽ) جي لاءِ مالي تعاون شامل آهن ۽ غذائيت سپورٽ پروگرام سنڌ ( ورلڊ بينڪ) ۽ چائلڊ هيلٿ ڪيئر انسٽيٽيوٽ سکر (ڪوريا) جي لاءِ قرض شامل آهن

صحت جي حڪمت عملي ۽ بجٽ

سنڌ ۾صحت جي شعبي هڪ تفصيلي منصوبو واضع ڪيو آهي، صحت جي شعبي سنڌ صحت جي حڪمت عملي برائي 2012 _ 2020 هي 169 صفحن تي مشتمل دستاويز آهن جيڪي نظري اعتبار سان سنڌ جي ماڻهن جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي

2017 ۾ صحت جي لاءِ جاري بجٽ 14 ارب روپيا هئي، ايتري رقم هجڻ جي باوجود موجوده نظام کي درهم برهم ڪيو ويو

مهتاب ايس ڪريم ۽ شهلا زيدي جي طرفان ڪيل هڪ وڏو جامع مطالعو، سنڌ ۾ صحت ۽ بهبودآبادي پروگرام جي ناقص ڪارڪردگي حڪومت جي ناڪامي جي باري ۾ هن ڪيس کي پڙهندي ( هن مقالعي جو هڪ پهريون نسخو پاڪستان سوسائٽي آف ڊويلپمينٽ اڪنامسٽڪ جي 15 هين سالياني جنرل ميٽنگ ۾ پيش ڪيو ويو هو،1999 ۾ هن موضوع جو مڪمل طور تي خلاصو بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن تھ بدقسمتي اها آهي تھ هن مقالمي ۾ غور هيٺ هڪ جزو جي حقيقت اتي ئي واقع هي جتي 18 سال پهريان هيو، صحت جي جاچ پڙتال جو نظام خاص طور تي سرڪاري شعبو هن وقت تائين بي يقيني جي حالت ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ مرحلن مان بدتر ٿي چڪو آهي

سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ اين جي اوز جو گڏيل سهڪاري عمل

سنڌ جي صحت کاتي امداد گڏيل سوچ کي نظر ۾ رکندي نجي شعبن ۽ غير سرڪاري تنظيمن سان گڏ ورتو ويو، هي شرڪت صحت بابت حڪمت عملي ۾ تفصيل سان بيان ڪيا ويا ۽ ان سان گڏ هي پ پ پ آئي پروگرام جو حصو آهي

ممڪن حل

اهو ذهن ۾ رکيو وڃي ته سنڌ جي آبادي ماحولياتي تبديلين جي ٽڪراءَ ۾ آهي، ان جي جاگرافيائي، زميني ۽ سياسي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي لاءِ هڪ حل تي ٻڌل نقطي نظر جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت کي عوامي ڀلائي کي نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ۽ شدت ۽ احساسيت ۽ عوام تي انهن اثرن جي بنياد تي تمام ممڪن خطرن جي نشاندهي ڪري، صحت جي هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جوابي ردعمل بدران صحت جي سار سنڀال طرف منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ آگاهي، سرماياڪاري سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ تربيت يافته افرادي قوت جي ضرورت پوندي، جيڪي انتهائي چستي ۽ چالاڪي سان اڳتي وڌنڌي ان چيئلينج کي قبول ڪرڻ جي حامي ڀري. ڪاغذ تي مسقبل جي منصوبابندي سٺي لڳندي آهي، پر ڪتاب ڇاپڻ سان سنڌ جي مصيبت ۾ ٿيل آبادي کي نه ٿي ملي، جيستائين حڪومت اصل م مختص بجيٽ ۽ تمام وسيلن جو استعمال صحيح ڪري ۽ سنڌ جي ماڻهن کي انهن جا بنيادي حق ڏئي. صحت جي سار سنڀال جو مسئلو معاشري جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو ٿنڀو جيان هڪ ٻئي سان گڏيل مضبوط لاڳاپن تي آبادي کي برقرار رکندو آهي

عوامي تعليم، خواندگي جي شرح ،سماجي ۽ اقتصاي حيثيت، روزگار جا موقعا ۽ سڀ کان اهم آبادي جي پيدائشي ڪنٽرول جي شرح تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، تعليم ۽ آگاهي پروگرام جن جو مقصد ماڻهن کي صحت ۽ شهري ذميواري نڀائڻ لاءِ بيدار ڪرڻ هجي اهو ايترو ئي ا هم آهي. خاص طور تي هڪ ماحولياتي نقطي نظري سان، حڪومت کي صنعتي ۽ ٻين ذريعن کان پاڻي جو تحفظ ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ حفاظتي ۽ بحالي جي قدمن کي منظم ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي

طبي سياحت

آخري پر اهم ڳالهه، حڪومت کي دنيا ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ترقي سان گڏ طبي پيشوراڻين جي ترقي ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪراچي صحت جي مرڪز جي حوالي سان پاڪستان جي ٻين شهرن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو اڳتي ۽ ترقي پذير آهي. ان واضع سرسري کي طبي سياحت لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪو پڻ آمدني کي حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو موقعو ٿي سگهي ٿو. گذريل 10 سالن ۾ ڀارت صحت ۽ نگهداشت جي معيار ۽ مقدار ۾ اهڙي طرح جي اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن ۾ عالمي گراهڪن لاءِ عضون جي پيوندڪاري جي سلسلي ۾ اهم طبي سياحت جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ڪراچي عضون جي پيوندڪاري جي لاءِ هڪ مرڪز هيو پر اهو غيراخلاقي طرز عمل ۽ حڪومتي ڪوتاهين جي ڪري عضون جو عطيو بدانتّظامي جو شڪار ٿي ويو. سنڌ جي آبادي جي لاءِ ان جي حاصل ڪيل آمدني مان ڪراس سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي



Karachi HealthCare Sindh Diseases Health Policy Prosper Pakistan Healthly environment