نيشنل سيمينار . رائج تصورن مان اميد جو ڪرڻو

نيشنل سيمينار . رائج تصورن مان اميد جو ڪرڻو


Report
(Click here to Download)


سينٽرفار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ (سي پي ايس ڊي) پاران ”رائج تصورن مان اميد جو ڪرڻو“ جي عنوان سان هڪ قومي سيمينار 30 مارچ 2018 تي منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي ڪارروائي ٻن سيشن تي مشتمل هئي. جيڪي آزاد ڪمشير جي صدر سردار مسعود خان ۽ جناب جاويد جبار جي صدارت هيٺ منعقد ڪيا ويا. سمينار جي شرڪت ڪندڙن ۾ تعليمي ماهر۽ پاليسي پريڪٽيشنز سان گڏ، سول سوسائٽي ، ڪاروباري شخصيتون، وڪيل ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل هئا

پهريون سيشن

سي پي ايس ڊي چيئرمين عبدالله داداڀائي پنهنجي افتتاحي تبصري سان قومي سيمينار جي پينلسٽس ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. هن سي پي ايس ڊي جي نصب العين جي وضاحت ڪئي ۽ سيمينار جي تصور تي به روشني وڌي. چيئرمين چيو ته سي پي ايس ڊي مستقبل ۾ به ملڪ جي ترقي لاءِ لازمي موقعا اجاگر ڪرڻ لاءِ ۽ اميد کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهڙا سيمينار منعقد ڪندي رهندي

ڪارروائي جو خاص مهمان آزاد ڄمون ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان هو. جنهن سيمينار جي شروعات بدلجندڙ ورلڊ آرڊر ۾ پاڪستان لاءِ اڀرندڙ موقعا ۽ چئلينجز “ جي عنوان سان ڪئي. سردار مسعود خان چيو ته طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ سياست ۽ اقتصادي شعبن ۾ عالمي معاملن جي اندر هڪ اهم تبديلي آئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ سان گڏوگڏ اڀرندڙ موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ هڪ موزون حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي

ان بعد سينيٽر مشاهد حسين ”ڏکڻ ايشا ۾ جيواسٽريٽيجڪ اتحاد ۽ پاڪستان جا اقتصادي ۽ افرادي وسيلا، موقعا ۽ ترقي“ جي موَضوع تي خيالن جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ايڪهين صدي ايشيا جي صدي آهي، جيڪا پاڪستان ٺاهيندڙن جي خواهشن موجب آهي. اسان کي پنهنجي ترقي لاءِ سي پيڪ مان فائدو وٺڻ گهرجي

ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر سلمان شاهه” گهريلو واپار۽ صنعت جي خدشن سان گڏ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اضافي لاءِ ون بيلٽ ون روڊ سي پيڪ کي عملي جامو پهرائڻ“ جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي بهترين ڊيموگرافڪس هن وقت منتظر آهي ته معاشي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿيار بڻايو وڃي. پاڪستان ۾ چين جي سيڙپڪاري کي روزگار جي موقعن ۽ ٻين افرادي وسيلن لاءِ فائدن ۾ تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي

ڊاڪٽر تانيه نشتر ”اميد جي ڪرڻن جي حاصلات“ جي موضوع تي ڳالهايو. هن قوم کي موجود ڪيترن ئي موقعن مان فائدن جو احساس ڏيارڻ لاءِ خاص گورننس جي دائري ۾ ادارتي اصلاحن تي زور ڏنو، هن چيو ته ان مقصد جي حاصلات لاءِ عوامي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي

نالي واري اسڪالر ڊاڪٽر اشفاق حسن خان اقتصادي اصلاحن جي ضرورت تي زور ڏيڻ لاءِ ”پاڪستان جي جٽادار اقتصادي ترقي حل ٿيندڙ معاملو“ جي عنوان تي ڳالهايو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان لاڳاپن ڪري ملڪ مالي خودمختياري سان محروم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ جي مالي ۽ اقتصادي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ افرادي وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي

ٻيو سيشن

ٻئي سيشن جي شروعات اڳوڻي وفاقي وزير جاويد جبار ڪئي. جاويد جبار ”بيانن جو دلدل، مائينڊ ڪنٽرول۽ انفارميشن ايج: رائج تصورن جو آپٽي ازم ڏانهن لاڙو“ جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪيو. جاويد جبار چيو پهرين بيانن جو دلدل جي تصور جي وضاحت ڪئي ۽ ان جي حقيقت هوندي آهي ته اها ملڪ کي متحرڪ ڪري.سندس چوڻ هوته کين هڪ قوم بڻائڻ لاءِ هڪجهڙو تعليمي نظام واضع ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر ان سان گڏوگڏ هڪ مضبوط بيان جي خاطر ۽ سوچ جي عمل کي مظبوط بڻائڻ لاءِ ان کي برقرار رکڻو آهي

پي ٽي آءِ جو نائب صدر اسد عمر ٻئي سيشن جو ٻيو مقرر هو. جنهن ”پاڪستان ۾ انتظامي ۽ حڪومتي ڍانچي جو ٺهڻ“ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اسد عمر چيو ته نظام جي موجوده ناقص صورتحال چونڊيل سياستدانن جي جبر جو نتيجو آهي، اڀرندڙ مسئلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني کي غيرجانبدارڻا طور پنهنجين گورننگ پاليسين تي نظرثاني جي ضرورت آهي

اسد عمر بعد ڪمانڊٽ ايف ڊبليو او ليفٽيننت جنرل محمد افضل ” پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ انفارسٽرڪچر ۾ تبديلي“ جي موضوع تي ڳالهايو. جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ نون موقعن جي حاصلات جي ذريعي ملڪ جي تعمير جو خيال پيش ڪيو. ٻئي سيشن جي آخري مقرر ڊي جي اين ايل سي ميجر جنرل مشتاق احمد فيصل ” سي پيڪ لاجسٽڪس: موقعا ۽ چيلينجز“ جي عنوان تي ڀرپور طريقي سان خيالن جو اظهار ڪيو

جنهن بعد 20 منٽ عام سوالن ۽ جوابن لاءِ مختص ڪيا ويا . اهو بحث ڏاڍو دلچسپ رهيو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ڀرپور سوال پڇيا جڏهن ته مقررن به بهترين نموني سان سوالن جا جواب ڏنا. بحث ۾ حڪومتي اصلاحن، سي پيڪ جا فائدا ۽ ون بيلٽ ون روڊ جا گوادر تي اثر جهڙن سوالن تي غور ڪيو ويو

سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ۽ اختتام

سي پي ايس ڊي صدر ليفٽيننٽ جنرل آغا محمد عمر فاروق(ر) شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪرڻ سان سيمنار کي پڃاڻي تي پهچايو. هن پوري سيمينار جو خلاصو پيش ڪيو ۽ ڏنل تجويزن کي بامقصد نظام ۾ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته سي پي ايس ڊي طرفان پيش ڪيل تصور جي تحت ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته سڀئي اسٽيڪ هولڊر چئلينجز سان مقابلو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ موجود وسيلن جي ڳولها ۽ انهن کي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ۾ آڻن