انرجي سڪيورٽي پاليسي

انرجي سڪيورٽي پاليسي



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊیویلپمينٽل اسٽڊيز (سي پي ايس ڊي) پاران پاڪستان ۾ توانائي جي بحران تي قابو پاٰئڻ لاءِ ”انرجي سڪيورٽي پاليسي“ جي عنوان سان 3 ڊسمبر تي سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ توانائي جي صنعت جي مختلف شعبن کي هڪجيتري اهميت ڏني وئي. پروگرام کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو جنهن ۾ پهريون حصو پاڻي ۽ بجلي ، ٻيو حصو قدرتي تيل ۽ گيس جي صنعت ۽ ٽيون حصو توانائي جي متبادل ذريعن بابت ٿيو.

افتتاحي سيشن

سي پي ايس ڊي صدر ۽ اڳوڻي ليفٽينيٽ جنرل آغا محمد عمر فاروق سيمينار جي شروعات سيمينار جي اهميت ۽ مقصد کي بيان ڪندي ڪئي. هن چيو ته سيمينار ۾ ماهرن طرفان ڏنل راءِ توانائي جي صنعت ۾ ترقي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي . آغا محمد عمر فاروق چيو ته هن سيمينار ۾ پيش ڪيل راءِ جي روشني ۾ انرجي ايڪشن پلان جي نالي سان هڪ گڏيل رپورٽ تيار ڪئي ويندي.

افتتاحي سيشن جي پهرين مقرر معروف سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو ته پاڪستان پندرهن سالن جي وڌيڪ عرصي کان توانائي جي فقدان کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ توانائي جي پيدوار لاءِ قدرتي ذخيرن جي ڪا به گهٽتائي ناهي. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ سرڪلر ڊيپٽ جي اهم سببن کي بيان ڪندي سي پيڪ جي ذريعي طئي ٿيل ادائگين جي سخت پاليسي ۽ نيپرا تحت بجلي گهرن سان ڪيل معاهدن جي خامين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

افتتاحي سيشن جي خاص مهمان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر شمشاد اختر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻين ملڪن سان توانائي جا گڏيل منصوبا بحران مان نڪرڻ لاءِ اهم ذريعو بڻجي سگهن ٿا. ان کان علاوه توانائي بحران جي گهرج، مالياتي رسڪ ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي پيداوار جي محفوظ ذريعن ۾ اضافي جي بدلي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

پهريون سيشن: پاڻي ۽ بجلي

سيشن جي ٻئي مقرر سيد شبر زيدي چيو ته ملڪ ۾ سرماياڪاري جي کوٽ سبب توانائي جو نظام متاثر آهي . ملڪ ۾ 1952ع کان پوءِ نه ئي نوان ڊِيم ٺاهيا ويا ۽ نه ئي گيس جا نوان ذخيرا لڌا ويا آهن. توانائي جي ضروروت پوري ڪرڻ لاءِ پاڪستان ٻاهران گهرايل خام تيل تي انحصار ڪري ٿو. جنهن جي قيمت عالمي منڊي ۾ تيزي سان گهٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي. پاڪستان ۾ صارفين جي ادا ڪيل قيمت به بجلي جي اصل قيمت کان به تمام گهٽ آهي.

غياٽ خان پهرين سيشن جي اختتام ۾ چيو ته پاڪستان کي توانائي جي وسيلن جي کوٽ کان وڌيڪ پاليسي جي تسلسل تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي . هن چيو ته اسان کي ڊگهي عرصي تي مشتمل منصوبابندي ڪرڻي پوندي. پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ سواءِ توانائي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي. اسان کي ڪوئلي سميت گيس ۽ تيل جا ذخيرا به ڳولهڻا پوندا.

ٻيو سيشن : تيل ۽ گيس جي صنعت

ٻئي سيشن جي صدارت اوگرا چيئرپرسن عظميٰ عادل ڪئي جڏهن ته مقررن ۾ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊِ جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز اسد علي شاه ۽ آئل ڪمپني ايڊوائزري ڪونسل جو صدر سيد زوار حيدر شامل هو. ٻئي سيشن جي پهرين مقرر اسد علي شاه بجلي جي گهرج ۽ ورهاست دوران بجلي جي ضايع ٿيڻ ، سرڪلر ڊيپٽ ، ريفائنري جو گهٽ انگ ۽ سازگار پاليسي جي کوٽ تي روشني وڌي. اسد علي شاه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته توانائي جي صنعت جي ترقي لاءِ مضبوط حڪمت عملي ، مقامي ذريعن وسيلي توانائي جي پيداوار ۾ واڌ ۽ خانگي ڪمپنيون جوڙڻ جي اشد ضرورت آهي.

سيشن جي صدر عظميٰ عادل پاليسي ۾ هم آهنگي نه هجڻ تي سخت تنقيد ڪندي حڪومت کي توانائي جي ريگيوليشن لاءِ هڪ ادارو جوڙڻ جو مشورو ڏنو . هن مضبوط وفاق جي حمايت ڪندي چيو ته صوبن جا اختلاف توانائي جي پاليسي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهن.

ٽيون سيشن: توانائي جا متبادل ذريعا

ٽئين سيشن جي صدارت، آلٽرنيٽو انرجي ڊولپمينٽ بورڊ جي صدر امجد علي اعواڻ ڪئي. سيشن جي پهرئين مقرر جي اي پاڪستان جو صدر صارم شيخ هو،جنهن خطاب ڪندي چيوته موجوده دور جي حوالي سان توانائي سلامتي ٽن عملن جو مرڪب آهي: اقتصادي سلامتي، گنجائش ۽ استحڪام. هن تجويز پيش ڪندي چيو ته اسان کي مقامي سطح تي بجلي جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ نيٽ ورڪ ۽ ننڍا ننڍا گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻا پوندا.هن توانائي جي پيداوار جي متبادل ذريعن جي استعمال ۾ اضافي ۽ توانائي جي صنعت ۾ ڊيجيٽائيزيشن ”نواڻ ’’ تي زور ڏنو. پاڪستان جي اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين محمد نعيم سيشن جو ٻيو مقرر هو،جنهن چيو ته ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري پروجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان 2030 تائين 8 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جي قابل ٿي ويندو.جڏهن ته 2050 تائين اسين 40 هزار ميگاواٽ تائين بجلي ٺاهي سگهنداسين.هن جو چوڻ هو ته نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ذريعي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

امجد اعواڻ سيمينار جي ٽئين حصي جي آخر ۾ چيوته توانائي جي بحران کان بچڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجا ٽارگيٽ پاڻ کي مقرر ڪرڻا پوندا، مقامي وسيلن جي ذريعي توانائي جي طلب پوري ڪري سگهجي ٿي.توانائي جي حدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي پاليسي ترتيب ڏيڻي پوندي جنهن تي سڀ اتفاق ڪري سگهن.

اختتامي سيشن

اڳوڻي وفاقي وزير سهيل وجاهت صديقي سيمينار جي آخري سيشن جي شروعات توانائي بحران جي تفصيلي جائزي سان ڪئي. هن تقريب جي مقررين جي واکاڻ ڪندي چيوته هن وقت تائين جون تقريرن ۾ توانائي جي فراهمي جي سڀني اهم جزن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻ صرف ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سهيل وجاهت نيشنل انرجي اٿارٽي نالي ادارو ٺاهڻ تي زور ڏنو جيڪو توانائي سان جڙيل سڀني ادارن ۽ شعبن جي نگراني ڪندو ۽ قومي توانائي پاليسي کي ترتيب ڏيڻ جو ذميوار هوندو.

سيمينار جي خاص مهمان چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل زبير محمود خطاب ڪندي چيو ته توانائي سلامتي جو تصور قومي سلامتي جي هڪ اهم عنصر طور ڪرڻ گهرجي. توانائي سلامتي سان نه صرف معاشي استحڪام ممڪن آهي پر عالمي سياست ۾ به ان جو اهم ڪردار آهي. هن شرڪت ڪندڙن جي واکاڻ ڪندي چيو ته توانائي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ ۽ بحران تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ۾ دفاعي قيادت تمام گهڻو سنجيده آهي.

سيمينار جي اختتامي خطاب ۾ دادا ڀائي فائونڊيشن۽ سي پي ايس ڊي چیئرمین عبدالله دادا ڀائي شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته سي پي ايس ڊي جي هميشهه اها ڪوشش رهي آهي ته اهڙي قسم جي ريسرچ پيش ڪري جيڪا ملڪ لاءِ مفید ثابت ٿئي. هن چيو ته هن سيمينار ۾ ڪيل گفتگو مان لاڳاپيل ادارا فائدو حاصل ڪندا . سي پي ايس ڊي جي ڪوشش رهي آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ، ان لاءِ اسان جو ادارو اهڙي قسم جا سيمينار منعقد ڪرائيندو آهي . اسان کي يقين آهي ته حڪومت ماهرن جي تجويز ن کي ڪتب آڻي توانائي جي بحران تي قابو پائي سگهندي.