گول ميز ڪانفرس :ڪانسٽي ٽيوشنل ايوليوشن آف پاڪستان

گول ميز ڪانفرس :ڪانسٽي ٽيوشنل ايوليوشن آف پاڪستان



سينٽر فار پيس، سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز طرفان پاڪستان جي آئيني ارتقا جي موضوع تي گول ميز ڪانفرس دادا ڀائي انسٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن ڪيمپس ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ سياسي شخصيات، قانون جي ماهرن ، وڪيل برادري، صحافين ۽ قانون جي شعبي جي استادن موضوع جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. پاڪستان جي آئين تي بحث لاءِ پروگرام کي ٻن سيشنز ۾ ورهايو ويو. تقريب جو پهريون سيشن آئين جي بنيادي اسلامي جمهوري اساس جو تحفظ ۽ ٻيو سيشن آئيني ترميمن جا فائدا ۽ نقصان تي مشتمل هئو

پپهريون سيشن: آئين جي بنيادي اساس جو تحفظ

سدادا ڀائي انسٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار افتتاحي خطاب ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو، هن پنهنجي تعليمي تجربي جي روشني ۾ سي پي ايس ڊي جي ڪاوشن کي ساراهيو.هن آئيني ارتقا جي موضوع تي ڳالهائيندي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي نصحيت ڪندي چيو ته هر يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي ” ان ڪانسٽي ٽيوشنل امينڊمينٽس“ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ته جيئن غير آئيني ترميمن جي خبر پئجي سگهي.

عالمي سيمينار اسٽريٽجڪ دٻاءُ: عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا

عالمي سيمينار اسٽريٽجڪ دٻاءُ: عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽل اسٽڊيز (سي پي ايس ڊي) پاران هڪ ڏينهن جو عالمي سيمينار اسٽريجڪ دٻاءُ،عالمي تحرڪ ۽ ڏکڻ ايشيا جي موضوع جي نالي سان 12 مارچ 2019 تي ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ ڪوٺايو ويو . سيمينار ڪوٺائڻ جو مقصد اسٽريجڪ دٻاءَ ۽ ان جي ڏکڻ ايشيا ۾ گلوبل جيو پوليٽيڪل، جيو اڪنامڪ ۽ سڪيورٽي ڊائنمڪس ۽ انهن جي اثرن کي وڌيڪ سمجهڻ هيو. ان کان علاوه سيمينار جو مقصد پاليسي جي نقطي نظر کي سمجهڻ ۽ پاڪستان جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي آرڊر جي منتقلي ۾ اسٽريجڪ دٻاءَ کي مئوثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ سفارشن تي غور و فڪر ڪرڻ هو.

سي پي ايس ڊي صدر ليفٽيننٽ جنرل آغامحمد عمر فاروق سيمنار جي پهرين سيشن جي افتتاحي خطاب ۾ چيو ته نئين گلوبل آرڊر جي لاءِ آمريڪا ۽ انڊيا جو هڪ ٿيڻ خاص ڪري ڏکڻ ايشيا جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. جنرل عمر فاروق دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي فرق کي واضع ڪرڻ سان گڏ اسٽريجڪ دٻاءَ جي ٿيوري تي پڻ روشني وڌي. پهرين سيشن جي ٻئي مقرر مائيڪل ڪگل مين ” آمريڪي صدر ٽرمپ جي گلوبل آرڊر جي

پاڪستان جو سياسي سفر

پاڪستان جو سياسي سفر



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽل اسٽڊيز( سي پي ايس ڊي) طرفان يوم پاڪستان جي مناسبت سان 22 مارچ تي پاڪستان جي سياسي سفر جي موضوع تي هڪ نشست رکي وئي. ان علمي نشست جو مقصد پاڪستان جي 73 سالن جي سياسي تاريخ جو جائزو وٺي نئين نسل کي اهو باور ڪرائڻو هو ته تجربن سان ڪهڙي ريت سکي سگهجي ٿو، گليپ پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز شفيع گيلاني ان موضع تي پنهنجا ويچار ونڍيا

ان نشست جو باقاعدا آغاز قومي تراني سان ڪيو ويو. جنهن بعد اداري جي سينيئر ريسرچ فيلو محترمه فضا بتول موضوع جو مختصر تعارف پيش ڪيو. گيلپ پاڪستان جي چيئرمين اعجاز گيلاني ”پاڪستان جو سياسي سفر: هڪ ڪامياب ڪهاڻي“ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي قيام کان تقريبن 73 سال بعد اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هن ملڪ جو سياسي سفر ڪامياب رهيو آهي. هن چيو ته سندس نظر ۾ پاڪستان جي سياسي سفر جي ڪاميابي جا پنج وڏا سبب آهن

ڏکڻ ايشيا جا جوهري معاملا

ڏکڻ ايشيا جا جوهري معاملا



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ( سي پي ايس ڊي ) طرفان ڏکڻ ايشيا جي جوهري معاملن تي هڪ علمي نشست ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ يونيورسٽي آف لاهور جي سينٽر فار سڪيورٽي ، اسٽريٽجي اينڊ پاليسي جي ڊائريڪٽر رابعه اختر خطاب ڪيو.

ڊاڪٽر رابعه اختر موضوع جي شروعات ڊيٽرنس جي اهميت تي روشني وجهندي برنارڊ بروڊي جي هن قول سان ڪئي ته رياستي ڊيٽرنس جي ناڪامي، افراتفري ۽ تباهي جو ذريعو بڻجي ٿي. ڏکڻ ايشيا جي جوهري معاملن جي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس ڊاڪٽرائين ۾ ٽي عنصر شامل آهن : اسٽريجڪ ڊيٽرنس ، آپريشنل ڊيٽرنس ۽ ڀارت جي سمورن جاگرافيائي خطن تائين پاڪستاني نيوڪليئر حملي جي صلاحيت

انرجي سڪيورٽي پاليسي

انرجي سڪيورٽي پاليسي



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊیویلپمينٽل اسٽڊيز (سي پي ايس ڊي) پاران پاڪستان ۾ توانائي جي بحران تي قابو پاٰئڻ لاءِ ”انرجي سڪيورٽي پاليسي“ جي عنوان سان 3 ڊسمبر تي سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ توانائي جي صنعت جي مختلف شعبن کي هڪجيتري اهميت ڏني وئي. پروگرام کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو جنهن ۾ پهريون حصو پاڻي ۽ بجلي ، ٻيو حصو قدرتي تيل ۽ گيس جي صنعت ۽ ٽيون حصو توانائي جي متبادل ذريعن بابت ٿيو.

افتتاحي سيشن

سي پي ايس ڊي صدر ۽ اڳوڻي ليفٽينيٽ جنرل آغا محمد عمر فاروق سيمينار جي شروعات سيمينار جي اهميت ۽ مقصد کي بيان ڪندي ڪئي. هن چيو ته سيمينار ۾ ماهرن طرفان ڏنل راءِ توانائي جي صنعت ۾ ترقي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي . آغا محمد عمر فاروق چيو ته هن سيمينار ۾ پيش ڪيل راءِ جي روشني ۾ انرجي ايڪشن پلان جي نالي سان هڪ گڏيل رپورٽ تيار ڪئي ويندي

جنگ ۽ تڪرار دوران عالمي امن

جنگ ۽ تڪرار دوران عالمي امن



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز(سي پي ايس ڊي) پاران” جنگ ۽ تڪرار دوران عالمي امن “ جي عنوان سان ٻن ڏينهن وارو عالمي سيمينار 17 سيپٽمبر کان 18 سيپٽمبر تائين اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ چين، ڀارت، روس ، آمريڪا ، ترڪي ۽ ميزبان پاڪستان سميت 7 ملڪن جي نامور دانشورن خطاب ڪيو.

سيمينار جي مهمان خاص چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل زبير حيات خطاب ڪندي گڏيل مسئلا حل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته امن انسانيت جي برابريءَ لاءِ هجڻ گهرجي ۽ امن امان جي صورتحال جي ڳولها ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنرل زبير حيات پرامن وسيلن سان گڏ امن جي ڳولها ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل زبير حيات سي پي ايس ڊي پاران ٻن ڏينهن جو عالمي سيمينار منعقد ڪرڻ تي اداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سي پي ايس ڊي پنهنجي پليٽ فارم تي ڏيهي توڙي پرڏيهي اسڪالرن کي گڏ ڪري سٺو قدم کنيو آهي.

“ڪراچي عروس البلاد - ” ڪراچي ۾ پاڻي جو انتظامي بحران

“ڪراچي عروس البلاد - ” ڪراچي ۾ پاڻي جو انتظامي بحران



سينٽر فار پيس، سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سي پي ايس ڊي پاران ”ڪراچي ۾ پاڻي جو انتظامي بحران“ سان گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. اها ڪراچي جي مسئلن جي حوالي سان ٿيندڙ سيريز جي پهرين گول ميز ڪانفرنس هئي.

ڪانفرنس دوران پاڻي جي حوالي سان هڪ پريزينٽيشن پيش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ستاره امتياز حاصل ڪندڙ وجاهت صديقي جي صدارت ۾ ڪانفرنس جي شروعات ڪئي وئي. جنهن ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ پروفيسرن، ماهرن ۽ پاليسي جوڙيندڙ شرڪت ڪئي.

پروگرام جو آغاز قرآن جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ سي پي ايس ڊي جي بورڊ آف گورنر جي ميمبر شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. هن ڪراچي جي پاڪستان جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته شهر جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي فراهمي آهي. هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته پاڻي جي مسئلي جي حوالي سان بهتر ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ آخر ۾ ان مسئلي جي لاءِ بهتر حل پڻ پيش ڪيا ويندا.

نيشنل سيمينار . رائج تصورن مان اميد جو ڪرڻو

نيشنل سيمينار . رائج تصورن مان اميد جو ڪرڻو



سينٽرفار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ (سي پي ايس ڊي) پاران ”رائج تصورن مان اميد جو ڪرڻو“ جي عنوان سان هڪ قومي سيمينار 30 مارچ 2018 تي منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي ڪارروائي ٻن سيشن تي مشتمل هئي. جيڪي آزاد ڪمشير جي صدر سردار مسعود خان ۽ جناب جاويد جبار جي صدارت هيٺ منعقد ڪيا ويا. سمينار جي شرڪت ڪندڙن ۾ تعليمي ماهر۽ پاليسي پريڪٽيشنز سان گڏ، سول سوسائٽي ، ڪاروباري شخصيتون، وڪيل ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل هئا

پهريون سيشن

سي پي ايس ڊي چيئرمين عبدالله داداڀائي پنهنجي افتتاحي تبصري سان قومي سيمينار جي پينلسٽس ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. هن سي پي ايس ڊي جي نصب العين جي وضاحت ڪئي ۽ سيمينار جي تصور تي به روشني وڌي. چيئرمين چيو ته سي پي ايس ڊي مستقبل ۾ به ملڪ جي ترقي لاءِ لازمي موقعا اجاگر ڪرڻ لاءِ ۽ اميد کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهڙا سيمينار منعقد ڪندي رهندي