پاڪستان جو سياسي سفر ڈاکٹر اعجاز شفیع

پاڪستان جو سياسي سفر ڈاکٹر اعجاز شفیع



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽل اسٽڊيز( سي پي ايس ڊي) طرفان يوم پاڪستان جي مناسبت سان 22 مارچ تي پاڪستان جي سياسي سفر جي موضوع تي هڪ نشست رکي وئي. ان علمي نشست جو مقصد پاڪستان جي 73 سالن جي سياسي تاريخ جو جائزو وٺي نئين نسل کي اهو باور ڪرائڻو هو ته تجربن سان ڪهڙي ريت سکي سگهجي ٿو، گليپ پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز شفيع گيلاني ان موضع تي پنهنجا ويچار ونڍيا

ان نشست جو باقاعدا آغاز قومي تراني سان ڪيو ويو. جنهن بعد اداري جي سينيئر ريسرچ فيلو محترمه فضا بتول موضوع جو مختصر تعارف پيش ڪيو. گيلپ پاڪستان جي چيئرمين اعجاز گيلاني ”پاڪستان جو سياسي سفر: هڪ ڪامياب ڪهاڻي“ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي قيام کان تقريبن 73 سال بعد اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هن ملڪ جو سياسي سفر ڪامياب رهيو آهي. هن چيو ته سندس نظر ۾ پاڪستان جي سياسي سفر جي ڪاميابي جا پنج وڏا سبب آهن.

پهريون سبب ته پاڪستان جي رياست مان هڪ مسلم پاڪستاني قوم جڙي ٿي، تحريڪ پاڪستان جو بنياد بر صغير جي مسلمانن لاءِ الڳ قوم جي حيثيت سان سڃاڻپ ۽ انهن جي حقن جي فراهمي تي رکيو ويو. پاڪستان جي ٺهڻ جي وقت تمام گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته مذهب جي بنياد تي قوميت جو تصور ممڪن ناهي. پاڪستان جي وجود بعد هن ملڪ ڪيتريون ئي آزمائشيون ۽ مصيبتيون ڏٺيون آهن ، پر تمام ڪمزورين جي باوجود اسان هڪ پاڪستاني مسلم قوم جي حيثيت سان پاڻ کي مڃايو آهي،

ٻئي اهم ڪاميابي دفاع جي لحاظ کان آهي، پلوامه حملي بعد ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ا ن ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو دفاعي ادارو ڪهڙي طرح علائقائي ۽ عالمي سطح تي مادر وطن کي مضبوط رياست ثابت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي

پاڪستان جي ڪامياب سياسي سفر جو ٽيون سبب اهو آهي ته پاڪستان پنهنجي غلطين مان سکڻ وارو ملڪ آهي، غلطين مان سکندي، 1950 جي ڏهاڪي جي علائقائي عدم مساوات، 1960 جي ڏهاڪي ۾ سماجي تفرق، 1970 جي ڏهاڪي ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ 1980 جي ڏهاڪي ۾ عالمي الزامن جهڙِين غلطين کي تجربن سان درست ڪيو. انهن تجربن پاڪستان کي مظبوط بڻايو آهي

گيلپ پاڪستان جي چيئرمين نشاندهي ڪئي ته پاڪستاني بنيادي طور تي لچڪدار زندگي جا عادي آهن ۽ هڪ اعتدال پسند قوم آهي جيڪا پاڪستان جي چوٿين ڪاميابي آهي، آخر ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي، جيڪو ڏکين حالتن جي باوجود ترقي ڪري رهيو آهي ۽ نئين چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي

سيشن جي ٻئي حصي ۾ داداڀائي انسٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن جي قانون جي شعبي جي شاگردن ڊاڪٽر گيلاني کان موضوع سان مطعلق مختلف سوال ڪيا . نوجوان شاگردن ۽ ڊاڪٽر گيلاني وچ ۾ بحث مباحثي واري سيشن نئين نسل ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو احساس اجاگر ڪيو