مضمون

پاڻي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ ۾ پاڻي جو بحران


ٻاويهه مارچ تي پاڻي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، پاڻي جي عالمي ڏينهن جي انڪري به اهميت آهي ته هن وقت ڌرتي تي رهندڙ ست ارب ماڻهن مان 2 ارب ماڻهون يا ته سڌي ريت پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، يا وري انهن وٽ واپرائڻ لاءِ صاف پاڻي موجود ناهي. دنيا پاڻي جي شديد بحران طرف وڌي رهي آهي ۽ سياسي، سماجي ۽ معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ پاڻي جي ذخيرن تي پاڻي جي جنگ لڳڻ جي امڪانن کي به رد نٿو ڪري سگهجي. ان صورتحال ۾ جهڙي ريت پاڪستان جي آبادي وڌي رهي آهي ته مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ اڃان شديد ٿي ويندي ۽ جيڪا پاڻ سان تباهه ڪندڙ صورتحال آڻي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ 1950 جي ڏهاڪي ۾ 5000 ميٽر في ماڻهو پاڻي موجود هيو جيڪو هاڻي 800 ميٽر في ماڻهو تائين پهچي ويو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻي جو مسئلو ڪيترو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي

سڄي دنيا ۾ جتي پاڻي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پاڻي جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ٿئي پئي ته ساڳئي وقت سنڌ کي سيراب ڪندڙ سنڌو درياءُ توڙي سنڌ جي سمورين شاخن بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي. سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ ته سدائين پاڻي جي کوٽ رهي آهي پر زرخيز علائقن ۽ آڳاٽي هنڌن تي به هاڻي پاڻي جي فراهمي الڳ مسئلو آهي

پاڪستان ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي ورهائڻ واري اداري انڊس ريور سسٽم اٿارٽي ارسا جي ٽيڪنيڪي ڪميٽي اسلام آباد ۾ اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته چيو ته سياري ۾ برفباري ۽ مينهن گهجڻ سبب خريف جي فصلن لاءِ پاڻي جي ذخيرن ۾ 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي سگهي ٿي

ارسا اهو پڻ چيو ته دريائن ۾ پاڻي جي وهڪرو گهٽ ٿيڻ ڪري منگلا ڊيم به مڪمل طور ڀرجي نه سگهيو آهي ۽ خريف سيزن ۾ دريائن ۾ پاڻي پڻ گهٽ آيو آهي

ارسا موجب دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو 95 ملين ايڪڙ فٽ رهڻ جو امڪان آهي موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي جو پاڪستان مٿان تمام گهڻو اثر پيو آهي ۽ انڪري دريائن جي وهڪري ۾ 15 کان 20 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي

پاڪستان وٽ هن وقت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت صرف 30 ڏينهن جي آهي، ان سان گڏو گڏ سڄي دنيا ۾ پاڻي جو 40 سيڪڙو ذخيرو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پاڪستان وٽ صرف 10 ڏينهن جي صلاحيت موجود آهي

پاڪستان جي اڪثريتي آبادي اڄ به ذراعت سان ڳنڊيل آهي، پر ان حوالي سان اعليٰ اختيارين پاران جڙندڙ پاليسين ۾ ان کي اها مناسب جڳهه نٿي ڏني وڃي جيڪا ڏيڻ گهرجي

گدلي پاڻي سبب ٿيندڙ بيماريون

گدلي پاڻي سبب ٿيندڙ بيمارين ڪري هر سال پاڪستان ۾ 53 هزار ٻار فوت ٿي ويندا آهن، جڏهن ته جر وارو پاڻي جيڪو پيئڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان ۾ سينکيو ملڻ سبب چمڙي سميت ٻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن

سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ضلعا ٿرپارڪر ۽ ميرپور خاص به آهن، ٿر جي جتي 80 سيڪڙو آبادي ذراعت ۽ پاڻي سان ڳنڊيل آهي اتي ٿرپارڪر ضلعي جي پاڻي ۾ سينکيو انتهائي خطرناڪ حد تائين وڌيو آهي، پاڻي ۾ PPM جي شرح 20 هزار کان 40 هزار تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب اها شرح فقط 500 تائين هجڻ گهرجي. گذريل 10 سالن اندر آيل زلزلي جي جهٽڪن سبب پوري سنڌ جي جرن جي پاڻي ۾ سينکئي جي سطح وڌي ويئي آهي ۽ سنڌ جي ڪنهن به علائقي جي جر جو پاڻي سينکئي کان پاڪ نه آهي، ان ڪري ماڻهن کي گهرن ۾ نئين بورنگ ڪرائڻ وقت مختلف سطحن تائين پاڻي جي پهريان سينکئي جي چڪاس ڪرائڻ گهرجي

صاف پاڻي مهيا نه هجڻ سبب کارو ۽ گندو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ڪيتريون ئي بيماريون جهڙوڪ ڪاري، سائي، دم ، ٽي بي ،ارڙي ۽ چمڙي، پيٽ جي بيماري سميت ٻيون بيماريون منهن ڪڍي رهيون آهن. سنڌو دريا هن وقت دنيا جي سمورن دريائن کان وڌيڪ گدلو بڻجي چڪو آهي

پاڪستان جي مٺي پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر جا ملاح پاڻي کوٽ سبب بيروزگار آهن ۽ پيئڻ واري پاڻي لاءِ پڻ پريشان آهن، سپريم ڪورٽ 2010ع ۾ ڍنڍ جي بحالي جو حڪم ڏنو هو پر هن وقت تائين ڍنڍ ۾ آلودگي گهٽائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا

سپريم ڪورٽ پاران سنڌ اندر جوڙيل واٽر ڪميشن هن وقت تائين بهتر ڪم ڪيو آهي واٽر ڪميشن ڪيترن ئي علائقن جو دورو ڪري گندو پاڻي پيئڻ واري پاڻي ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف ايڪشن پڻ کنيو آهي

سنڌ ۾ اهو مسئلو تيستائين حل نه ٿيندو جيستائين تعلقي کان يوسي ليول تائين صاف پاڻي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان ڳالهه کان اسان چڱي ريت واقف آهيون ته پاڻي صاف نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. صاف پاڻي فراهمي ته هڪ خواب ٿيندو پيو وڃي، ۽ ان جي ابتڙ هاڻي پاڻي جي نجڪاري شروع ٿي وئي آهي. پاڻي ۽ هوا انهن قدرتي وسلين ۾ شامل هيون جيڪي انسان کي طبقي جي بنياد تي نه پر قدرت سڀني کي برابري جي بنياد تي ڏيندي آئي آهي، انسان پاڻ به قدرت جو حصو آهي، پر جهڙي ريت اسان قدرت خلاف جنگ جوٽي رکي آهي، اها سرمائيداري نظام جي ڏنل آهي، جيڪو نظام نفعي ۽ شين جي وڪري لاءِ ڪا به حد مقرر ناهي. انڪري جيڪڏهن هنگامي بنيادن تي پاڻي جي نجڪاري کي هٿي ڏيڻ پاڻي جي بچاءَ ۽ وڌيڪ بهتر طريقي سان استعمال لاءِ قدم نه کنيا ويا ته بحران وڌيڪ شديد ٿي ويندو

ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇوڙ ٿيڻ

سنڌ اندر ٻيو اهم جيڪو مسئلو رهيو آهي اهو سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سامونڊي پٽي ۽ سنڌو جي پوڇڙ ۾ سامونڊي تباھ ڪاريون ھتان جو نقشو ئي تبديل ڪري رهيو آهن

ڊائون اسٽريم ۾ ارسا معاهدي موجب حصي جو مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب جتي هتان جي زراعت تباھه ٿي آھي اتي سمنڊ پڻ بي قابو ٿي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آھي. سرڪاري سروي انگ اکرن موجب سمنڊ 35 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ اڃان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سان گڏ مٺي پاڻي ڇڏڻ ڪري جيڪا آبي جيوت جنم وٺندي آهي اها به ختم ٿي رهي آهي

پاڻي جي ماهر ادريس راجپوت ۽ ڄاڻو ماهربه مختلف موقعن تي واضح ڪري چڪا آهن ته ڊائون اسٽريم ۾ ارسا ٺاھ موجب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته 2025 تائين لاڙ جا سجاول ،ٺٽو ۽ بدين ضلعا سمنڊ جي وات ۾ اچڻ کان ڪير روڪي نه سگهندو. ايندڙ 50سالن ۾ انهن شهرن جي وجود کي پڻ خطرو لاحق آهي. ان کان علاوه سنڌجي ڍنڍن ۾گند ڪچرو ڦٽو ٿيڻ سبب انهن جو پاڻي هڪ طرف آلوده ٿئي پيو ٻي طرف آبي جيوت پڻ مري رهي آهي

جنگي بنيادن تي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاڻي جي استعمال بابت عوام کي وڌ کان وڌ آگاهه ڪرڻ سان گڏ پاڻي صاف ڪرڻ ۽ پاڻي جي ڪفايتي استعمال پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي

ايندڙ پندرنهن سالن ۾ جيڪڏهن پاڻي جي حوالي سان روايتي سوچ تبديل نه ڪئي وئي ته پاڻي سان گڏ زراعت تي وڏو اثر پوندو ۽ پاڻي جي کوٽ سان گڏ خوراڪ جي کوٽ پڻ جنم وٺندي



World Water Day Save Water Water Crisis Water Issue Sindh