مضمون

ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جو ظلم ڪٿي دنگ ڪندو


گذريل هفتي دوران صرف سنڌ صوبي جي نوابشاهه، دڙي، ميرپورخاص توڙي ٻين شهرن مان ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جا ڪيس سامهون آيا آهن، ان سان گڏ پنجاب ۾ به روزانو ڪو نه ڪو جنسي ڏاڍائي يا ان جي ڪوشش جو ڪيس سامهون اچي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته زينب واقعي کانپوءِ سامهون آيل ردعمل تمام گهڻو شديد هو ۽ ان ڪيس توڙي ٻين ڪيسن ۾ تڪڙي انصاف سان رياست ڪاوڙيل شهرين کي خاموش ڪرايو. پر حقيقت اها آهي ته ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي توڙي تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران ڪجهه ڏينهن اندر وڌيا آهن. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هي سماج وڏي بحران مان گذري رهيو آهي. اهو بحران صرف معاشي ۽ سياسي ناهي پر اخلاقي ۽ نفسياتي بحران به آهي. جيئن ته معاشي ۽ سماجي حالتون نفسياتي بحران سبب پيدا ٿيندا آهن انڪري جيستائين اهي بحران جاري رهندا، ٻارن سان ڏاڍائي، تشدد توڙي عورتن خلاف تشدد ان بحران جو ئي اظهار آهن، اهو پدرشاهي جي صورت ۾ هجي يا ٻارن سان ڏاڍائي جي صورت ۾ اهو مختلف صورتن ۾ وقت به وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو

ان حوالي سان تازو ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جي حقيقتن کي وائکو ڪيو آهي

ساحل نالي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري اداري پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ روزانو 9 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايو ويندو آهي.تازي جاري ڪيل انگ اکرن ۾ چيو ويو ته ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جي 60 سيڪڙو ڪيسن ۾ ٻارن جا ويجها مائٽ ملوث هوندا آهن

رپورٽ موجب 2017ع ۾ ٻارن جي اغوا جا 1039 واقعا پيش آيا، جڏهن ته ڇوڪرين سان 467 ۽ ڇوڪرن سان 366 ڏاڍائي جا واقعا پيش آيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 206 ڇوڪرن سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته ڇوڪرن سان اجتماعي ڏاڍائي جا 180 ۽ ڇوڪرين سان اجتمائي ڏاڍائي جا 158 ڪيس رپورٽ ٿيا

گذريل سال ٻارن سان جنسي استحصال جا ڪل 3 هزار چار سئو 45 ڪيس سامهون آيا، جيڪي 2016ع سال دوران پيش آيل واقعن کان 694 ڪيس گهٽ هئا. جن ڪيسن ۾ ٻارن کي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، ان ۾ 2016ع جي ڀيٽ ۾ 2017ع ۾ 9 سيڪڙو واڌارو آيو، جڏهن ته جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ ۾ 58 سيڪڙو ٻارڙيون، جڏهن ته 42 سيڪڙو ٻار آهن

رپورٽ موجب گذريل سال جي سڀني ڪيسن مان 17 سئو 46 ڪيس جنسي ڏاڍائي جا هئا، جڏهن ته ان انگ ۾ اغوا ٿيل ٻارن، گم ٿيل ۽ گهٽ عمر ۾ ٿيل شادي ڪرايل ٻارن جي ڪيسن جا انگ اکر شامل ناهن

انگ اکرن جي حساب سان سڀ کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا پنجاب ۾ پيش آيا، جتي ڪل ڪيسن جي 63 سيڪڙو ٿين ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ 27، بلوچستان ۾ چار ۽ ڪي پي ۾ ٻه سيڪڙو ۽ اسلام آباد مان 3 سيڪڙو ڪيس آيا

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن ڪيسن مان صرف 72 سيڪڙو ڪيس پوليس وٽ رپورٽ ٿيا ۽ ڪيترا ئي ڪيس پوليس داخل ڪرڻ کان انڪار پڻ ڪيو

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارن سان ڏاڍائي جي واقعن ۾ 13 سيڪڙو واڌارو آيو آهي. ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايئندڙن 29 سيڪڙو واقعن ۾ بند جڳهين جو استعمال ڪيو ۽ 15 سيڪڙو ڪيس کليل جڳهين تي ڪيا ويا

جيئن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيل ٻار جو سڀ کان وڏو انگ جوابدارن کان واقف هيو، جيڪي سندن سڃاتل، يا ته پاڙي ۾ رهندڙ يا مائٽ هئا. جاري ڪيل انگ اکرن ۾ گذريل سال ٻارن جي ويجهي مائٽن پاران جنسي حوس جو شڪار بڻائڻ ۾ وڌيڪ ملوث رهيا. ٻارن جي اغوا جا ڪيس سڀ کان وڌيڪ راولپبنڊي ۾ پيش آيا، جڏهن ته ڇوڪرين سان اغوا کانپوءِ زيادتي جي واقعن ۾ 13 سيڪڙو واڌارو آيو

ان رپورٽ کي جاري ٿيڻ کانپوءِ پنجاب، جتي سڀ کان وڌيڪ ڪيس پيش آيا، اتان جي حڪمتي اختيارين اهو چئي رپورٽ کي پهريان ته رد ڪيو ته اهي ڪيس خبرن مان کنيا ويا آهن، تنهنڪري انهن جي تصديق نٿي ڪري سگهجي.حڪومت کي صرف ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جي حوالي سان سخت قانون بڻائڻ جي ضرورت آهي، پر ان ۾ به ڪو شق ناهي ته صرف سخت قانونن سان اهو مسئلو حل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهو هن معاشري ۾ گهرو ٿي چڪو آهي

اسان جو سماج جيئن ته پدرشاهي يا مرد جي بالادستي وارو سماج آهي انڪري به جنسي ڏاڍائي جا ڪيس پيش اچن ٿا. پدرشاهي ۾ مرد کي ان طريقي سان نپايو ويندو آهي ته هو عورت سان گڏ ٻارن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهندا آهن، انڪري ان سان هو جيئن به پيش اچن، ان لاءِ سندن وٽ اخلاقي ۽ سماجي سبب لڪيل هوندا آهن. انڪري ٻارن سان جنسي ڏاڍائي کي روڪرائڻ لاءِ هڪ وڏو قدم اهو به ٿي سگهي ٿو ته عورت کي هڪ فرد تسليم ڪرڻ جي تعليم کي عام ڪرڻو پوندو ان سان گڏ عورت ۽ ٻارن کي صرف عضوياتي وجود سمجهڻ واري نظريي کي شڪست ڏيڻي پوندي

قصور ۾ زينب واري واقعي کانپوءِ رياست هڪ ڪيس ۾ تمام گهڻي دلچسپي ڏيکاري ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حڪومت ۽ سڄاڻ ڌرين کي خبر ناهي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته اهو مسئلو سڄي سماج اندر يعني مردن ۾ شامل ٿي ويو آهي. صرف سخت قانون نه پر سماجي سڌارا ۽ جنسي تعليم کي هٿي ڏيڻ ضروري ٿي ويو آهي. مٿي ڄاڻايل رپورٽ هن سماج توڙي رياست کي لوڏائڻ کاءِ ڪافي آهي پر ڇا هي سماج اڃان زنده آهي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٻارن سان ٿيندڙ ڀيانڪ قسم جي حقيقت سامهون اچڻ کانپوءِ ڏسون ٿا ته رياست توڙي سماج جا اسٽيڪ هولڊر ان کي ڪهڙي ريت منهن ڏين ٿا

سنڌ ۾ اڪثر اهڙا ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا، مثال طور هن وقت بڇيري ۽ دڙي ۾ ڇوڪرن سان ڏاڍائي جا ڪيس ميڊيا ۾ هلي رهيا آهن. ان مان دڙو شهر ۾ نوجوان پرڪاش سان بدفعلي ۽ وڊيو ٺاهڻ واري خبر جتي سڄي سنڌ کي لرزائي ڇڏيو آهي اتي ان جو صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال نوٽيس ورتو پر ان ڪيس ۾ بااثر جوابدار شامل آهن، جن هندو نوجوان سان بدفعلي ڪرڻ بعد ‎ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي. ان کانپوءِ جڏهن نوجوان جي وارثن واقعي خلاف آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته بااثر جوابدارن متاثر خاندان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون جنهنڪري متاثر پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي حيدرآباد منتقل ٿي ويا آهن

ان ڪيس مان واضح آهي ته ڏوهه ڪيڏو به سنگين هجي پر جيڪڏهن ان ۾ سماج جي طاقتور ۽ بااثر ماڻهو ملوث هجن ٿا ته رياست به انهن آڏو ڪجهه نٿي ڪري سگهي. رياستي ادارن، جهڙوڪ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت ۽ ان سان گڏ ڪورٽن ۾ تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري به ڪيترائي متاثر پاڻ خلاف آواز نٿا اٿارين ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙو ڏوهه ڪندڙن کي سزا نٿي ملي ۽ اهڙا ڪيس اسان جي سامهون ايندا رهن ٿا ۽ هن سماج جي بي حسي کي وڌيڪ وائکو ڪن ٿا

ٻارن سان جنسي ڏاڍائي هجي يا تشدد اهو مسئلو هن سماجي حقيقتن سان ڳنڍيل آهي، جيستائين ان حالتن کي تبديل ڪرڻ طرف ڪو قدم نه کنيو ويندوته اهڙا واقعا وقت سر ظاهر ٿيندا رهندا



Abuse Physical Abuse Justcie Minority Social Reform