مضمون

ايران جوهري معاهدو ۽ آمريڪي فيصلو


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2015ع ۾ايران ۽ 6 عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيل جوهري معاهدي مان نڪرڻ جو اعلان ڪندي ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جن جو اثر انهن ملڪن ۽ ادارن تي به پوندو جيڪي 2015 ۾ پابنديون نرم ٿيڻ بعد ايران سان ڪاروباري لاڳاپا قائم رکيون آيا آهن.جوهري معاهدي کان دستبردار ٿي

ٽرمپ 2016 ۾ پنهنجي صدارتي چونڊ مهم جو هڪ واعدو پورو ڪيو آهي. جنهن تي ٽرمپ چيو ته هو جيڪو واعدو ڪندو آهي ته ان کي پورو به ڪندو آهي. صدر ٽرمپ ماضي ۾ ان معاهدي کي تباهي ۽ پاگل پن قرار ڏئي چڪو آهي. صدر ٽرمپ هلندڙ سال جي جنوري ۾خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪانگريس ۽ يورپي ملڪن ان معاهدي جي تباهه ڪندڙ خامين کي ختم نه ڪيو ته 12 مئي تي آمريڪا ان معاهدي مان نڪري ويندو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 9 مئي تي وائيٽ هائوس ۾اعلان ڪندي چيو ته آمريڪا 2015 ۾ ٿيل جوهري معاهدي مان نڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ايران خلاف ٻيهر سخت پابنديون لڳايون وينديون. جوهري معاهدي جو مقصد آمريڪا ۽سندس اتحادين کي محفوظ رکڻو هيو پر ان معاهدي ايران کي يورينئيم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. آمريڪي صدر ٽرمپ اهو به چيو ته ايران جوهري معاهدو آمريڪا لاءِ شرمندگي جو سبب آهي.

ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ ايران تي سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ ان سان گڏ ايران سان جوهري هٿيارن جي مقصد ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي به سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ جي وارننگ ڏني.

ايران جو ردعمل

ايران جي صدر حسن روحاني آمريڪي صدر جي ان فيصلي کي نفسياتي جنگ قرار ڏنو آهي. حسن روحاني ٽرمپ جي اعلان بعد قوم کي ٽي وي تي خطاب ڪندي چيو ته عوام ان فيصلي جي معاشي نتيجن جو فڪر نه ڪري. هاڻي کين اهو ڏسڻو پوندو ته اهي پنج عظيم ملڪ ڇا ٿا ڪن. حسن روحاني اهو به چيو ته جيڪڏهن ايران جي مفادن کي نه رکيو ويو ته هو عوام سان ڳالهائيدو ۽ کين انهن فيصلن کان آگاهه ڪندو جيڪي ورتا ويا آهن. پر ان فيصلي جا پاڪستان، ڀارت سميت دنيا جي ٻين ملڪن تي اثر پوندا جن جا ايران سان سرماياڪاري سميت ٻين منصوبن تي معاهدا ٿيل آهن. انهن ملڪن تي آمريڪا جون ايران تي پابنديون لڳائن بعد اثر ڪيترو ٿيندو اها وقت اچڻ تي خبر پئجي ويندي. سعودي عرب ، گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل سواءِ ٻيا ملڪ ايران سان جوهري معاهدي جي حق ۾ آهن.

يورپي يونين

آمريڪي صدر جي ايران معاهدي کان دستبرداري جي اعلان بعد ان معاهدي ۾ شامل ٻين عالمي طاقتن ايران جوهري معاهدي کي قائم رکڻ جو عزم ڪيو آهي. کين آمريڪي فيصلي تي افسوس ۽ خدشا آهن. صدر ٽرمپ جي اعلان بعد برطانيا، فرانس ۽ جرمني جي حڪومتن طرفان جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سندن حڪومتون پر عزم آهن ته ايران جوهري معاهدو برقرار رهي ۽ هو رهيل ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪم ڪندا رهنداته جيئن اهو يقيني بڻايو وڃي ته حالتون ائين ئي رهن. انهن ملڪن آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته هو انهن معاملن ۾ رڪاوٽ نه وجهي

. ان معاهدي تي صحيحون ڪندڙ ٻين ملڪن ۾ چين ۽ روس آهن. يورپي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي فرانس ، برطانيا ۽ جرمني جي اعليٰ اختيارين جي ايراني اختيارن سان ملاقات طئي ٿي وئي آهي جنهن ۾ مستقبل ۾ معاهدي تي عملدرآمد جاري رکڻ جي طريقيڪار تي ڳالهايو ويندو. يورپي اڳواڻن صدر ٽرمپ کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ته معاهدي کي ختم نه ڪيو وڃي ۽ جيڪي خدشا آهن انهن کي هڪٻئي معاهدي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو.

جوهري معاهدو

جوهري معاهدو 2015 ۾ ايران ۽ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪونسل جي پنجن مستقل ميمبر ملڪن آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين ۽ روس سميت جرمني وچ ۾ ٿيو هو. ايران يورينئيم جي پيداوار 5 سيڪڙو کان وڌيڪ روڪي ڇڏيندو ۽ وچين سطح تائين يورينئيم جي ذخيري کي ناڪام بڻائيندو. آراڪ جي هنڌ تي پاڻي جي جوهري منصوبي تي وڌيڪ ڪم نه ڪيو ويندو. جوهري هٿيارن جي عالمي اداري کي نتنانز ۽ فردو ۾ واقع جوهري تنصيبات تائين روزانا جي بنياد تي پهچ ڏني ويندي.انهن قدمن جي بدلي ۾ ڇهن مهينن تائين جوهري سرگرمين جي ڪري ايران تي ڪا به نئين پابندي نه لڳائي ويندي. ايران جي تيل وڪرو ڪرڻ جي موجوده حد برقرار رهندي جنهن جي بدلي ايران کي 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو منافعو حاصل ٿي سگهندو.

دفاعي ۽ سفارتي معاملن جي تجزيه نگار جوناٿن مارڪس لکي ٿو ته هاڻي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته تهران ۾ هڪ ويڙهه جاري آهي، جنهن ۾ کٽيندڙ اهو فيصلو ڪندو ته اهو معاهدو بچندو يا نه ؟ جيڪڏهن اعتدال پسند حاوي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ يورپي ملڪ ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ان مان جيڪا شيءِ داءَ تي آهي اهي ايران خلاف آمريڪي پابنديون نه بلڪه واڌو پابنديون آهن، جيڪي آمريڪي عالمي ڪمپنين کي تهران سان ڪم ڪرڻ کان روڪين ٿيون. جيڪڏهن ايران معاهدو ٽٽي ويو ۽ ايران ٻيهر جوهري سرگرميون شروع ڪندو ته ڇڪتاڻ وڌي ويندي ۽ وچ اوڀر ۾ جنگ جو خطرو پڻ آهي.

2 اپريل 2015 ۾ ايران جوهري معاهدي جي اعلان تي ايران تي معاشي پابندين ۾ نرمي اچڻ تي عوام جشن ڪيو هو ۽ صدر روحاني ۽ پرڏيهي وزير جي حق ۾ نعرا هنيا پر هاڻي دنيا ٽرمپ جي ڳنڀير فيصلي تي پريشاني سان گڏ افسوس جو اظهار ڪري رهي آهي.