ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت پاڪستان ۾ هر فرد لاءِ ملڪ ۾ 5 هزار ڪيوبڪ ميٽر صاف پاڻي موجود هو، پر هاڻي اها سطح هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي.جيڪا ان ڳالهه جي نشاني آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. پاڻي بابت تحقيق ڪندڙ حڪومتي ايجنسي پاڪستان ڪونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال پيدا ٿيڻ شروع ٿي هئي ۽ 2005 ۾ پاڻي جي کوٽ جي نوبت اچي وئي . پاڪستان جي موسميات کاتي جي ملڪ ۾ 2025 تائين پاڻي جي کوٽ بابت پيشنگوئي سبب غيريقيني وڌي وڃي ٿي. اها صورتحال مستقبل لاءِ خطري جي گهنٽي آهي.
21 مارچ 2017 ۾ واٽر ايڊ نالي انگن اکرن موجب دنيا ۾ 66 ڪروڙ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ۽ 80 سيڪڙو يعني 52 ڪروڙ 20 لک ماڻهو ٻهراڙي جا ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن. جنهن جو وڏو سبب ناقص منصوبابندي، انفراسٽرڪچر جي عدم دستيابي ۽ پٺتي پيل آبادي آهي. جڏهن ته انڊيا ،چين ايٿوپيا ۽ نائيجيريا ۾ گهڻي آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان پڻ محروم آهي. آگسٽ 2017 ۾ صحت جي عالمي اداري جي سائنس ايڊوانس رسالي ۾ ڇپيل رپوٽ موجب پاڪستان ۾ حاصل ڪيل زير زمين پاڻي جي 12 سو نمونن جي جاچ مان معلوم ٿيو ته ان ۾ زهريلو مادو سنکيو گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. جنهن ڪري 6 ڪروڙ شهرين جي زندگين کي خطرو آهي. ساڳئي رپورٽ موجب سموري دنيا ۾ 15 ڪروڙ ماڻهن جو سهارو زير زمين ان پاڻي تي آهي جنهن ۾ سنکيو موجود آهي.
پاڪستان جو شمار به پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار ملڪن ۾ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار ملڪن ۾ شمار ڪندي چيو هو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان کي باقائدي پاڻي جي کوٽ جو شڪار ملڪ قرار ڏنو وڃي. ساڳئي اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ صرف هڪ مهيني جي ملڪي ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي جڏهن ته پاڪستان جهڙن موسمي تبديلين جو شڪار ملڪن لاءِ تجويز ڪيو ويندو آهي ته اهڙن ملڪن وٽ ٽن سالن جي ضرورت لاءِ پاڻي موجود هجڻ گهرجي.
گرمي پد گهٽ پوڻ سبب دريائي وهڪرن ۾ هڪ لک 22 هزار ڪيوسڪ جي لاٿ ٿي وئي آهي.. 23 جون تي ارسا ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو آهي ته اسڪردو ۾ گرمي پد گهٽجڻ ڪري پاڻي جي درياهي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. درياهي وهڪرا جيڪي 3 لک 78 هزار 400 ڪيوسڪ تي پهتل هئا انهن ۾ هڪ لک 22 هزار 200 ڪيوسڪ گهٽتائي آئي آهي. اهي وهڪرا گهٽجي 2 لک 56 هزار 200 ڪيوسڪ ٿي ويا آهن.ڪجهه عرصو پهرين پاڪستان جي زراعت جو سڀ کان وڏو مسئلو سم ۽ ڪلر هو پر هاڻي زرعي پاڻي جي کوٽ مسئلو آهي.
ساڳئي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيوته پاڻي ۾ هيپاٽائٽس بي، جگر جو سرطان، رت جي کوٽ ۽ ٻارن جي واڌويجهه ۾ رڪاوٽ وارا وائرس موجود آهن، جنهن جي ڪري اهي بيماريون سنڌ ۾ پکڙجي رهيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته لاڳاپيل اختياريون پاڻي ۾ شامل وائرس جي موجود گي کان باخبر آهن. گذريل سال جولائي ۾ جاري ٿيل واٽر ڪميشن جي ٽاڪس فورس جي رپورٽ موجب سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ انساني گدلاڻ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ 14 ضلعن ۾ 83 سيڪڙو پاڻي جا نمونا انساني زندگين لاءِ خطرناڪ حد تائين نقصانڪار آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ 90 سيڪڙو پاڻي جا نمونا پيئڻ لاءِ نقصانڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.سنڌ جي 14 ضلعن جي 71 اسپتالن ۾ پاڻي جا نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ اسپتالن کي مهيا ٿيندڙ 83 سيڪڙو پاڻي جا نمونا صحت لاءِ نقصانڪار نڪتا.
پاڪستان ۾ 2018 جي چونڊن ۾ باقي مهينو بچو آهي پر ڪنهن به سياسي پارٽي نه ئي پنهنجو منشور جو اعلان ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن به پارٽي جي منشور ۾ واٽر ايمرجنسي جو ذڪر آهي. هلندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڊئم بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته هنن پنهنجي ٻچن کي پاڻي نه ڏنو ته ڇا ڏنو؟ اهو اسان جي ٻچن جو بنيادي حق آهي. ڪنهن به پارٽي جي منشور ۾ پاڻي جو ذڪر ناهي. نه ئي ڪنهن به پارٽي جي ترجيحن ۾ پاڻي جي مسئلي جو حل آهي. پاڪستان ۾ دريائن جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڏيڍ سو کان ٻه سو تائين ڊيمون موجود آهن ۽ 25 ڊئمن جا منصوبا غور هيٺ يا زير تعمير آهن.