سي پي ايس ڊي_مشائدو

چونڊون ۽ دهشتگردي


ملڪ ۾ امن وامان جي بهتر صورتحال جي ڪوششن بعد چونڊ سرگرمين دوارن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي ۽ پرتشدد واقعن ۾ 3 اميدوارن سميت 180 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن . جنهن ڪري عام چونڊن دوران خوف ۽ حراس جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. هڪ پاسي اليڪشن ۾ 2 ڏينهن بچا آهن ته ٻئي پاسي دهشتگردن جا حملا به جاري آهن.

ڪالهه ڪي پي ڪي جي ڏاکڻي صوبي ڊيرا اسمائيل خان ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير اڪرام الله خان گنڊاپور سميت 2 ڄڻا شهيد ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته ايم ايم اي جي اميدوار اڪرام دراني تي هفتي ۾ ٻيو قاتلاڻو حملو بنون ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ هو بلٽ پروف گاڏي هجڻ ڪري محفوظ رهيو. اڪرام الله خان گنڊاپور صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 99 تان تحريڪ انصاف جو اميدوار هو. سندس ڀاءُ اسرار الله گنڊاپور کي به آڪٽومبر 2013 ۾ ڊيرا اسمائيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ئي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو . اڪرام الله غنڊاپور چونڊ مهم دوران دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ ٽيون سياستدان آهي . ان کان اڳ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي هارون بلور کي 10 جولائي تي پشاور جي علائقي يڪ توت ۾ شهيد ڪيو ويو هو ۽ 13 جولائي تي سراج رئيساڻي کي به بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

10 جولائي تي پشاور جي علائقي يڪ توت ۾ اي اين پي جي ڪارنر ميٽنگ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ اي اين پي اميدوار هارون بلور سميت 22 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا . جنهن بعد 13 جولائي تي بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي کي آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو .مستونگ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 151 ڄڻن کي شهيد ڪيو ويو ۽ هڪ سو کان ماڻهو زخمي ٿي پيا. ساڳئي ڏينهن جي صبح تي ايم ايم اي جي اين 35 بنون تان اڪرام دراني جي قافلي کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 4 ڄڻا شهيد ڪيا ويا.

7 جولائي کان 13 جولائي تائين چونڊ سرگرمين تي 4 دهشتگرد حملا ڪيا ويا جن ۾ 180 ماڻهو شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

5 سال اڳ 2013 جي چونڊ مهم دوران پڻ اهڙا دهشتگردي جا واقعا ٿيا. چونڊ مهم جي هڪ مهيني دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بم ڌماڪن ، آپگهاتي حملن ۽ دهشتگردي جي 100 کان وڌيڪ وڏن واقعن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

13 جولائي تي بلوچستان جي تاريخ ۾ شدت پسندي جو وڏو حملو مستونگ ۾ ٿيو جنهن ۾ شهيدن جو انگ 151 تائين پهچي چڪو آهي . هڪ اندازي موجب بلوچستان ۾ 2013 کان هن وقت تائين 50 کان وڌيڪ آپگهاتي حملا ڪيا ويا آهن.

پاڪستان گذريل 17،18 سالن کان دهشتگرديءَ جو نه ختم ٿيندڙ عذاب ڀوڳي رهيو آهي جنهن ۾ عام ماڻهن کان ويندي فوج، پوليس حڪومتي عهديدارن ۽ سياستدانن کي بم ڌماڪن، آپگهاتي حملن ۾ نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو آهي. اهي دهشتگردن جون ڪارروائيون عوام کي جمهوري حقن کان پري رکڻ جون بزدلاڻيون ڪوششون آهن جن کي عوام ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏيندو.