مضمون

قصور سانحو ۽ اسان جو ردعمل


قصور ۾ معصوم زينب جي قتل کانپوءِ ملڪ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ اغوا جو معاملي بحث مباحثي هيـٺ آهي. ان خوفناڪ حادثي اسان سڀني جو ڌيان ٻارن سان ٿيندڙ ظلم ڏانهن ڇڪايو آهي. پر اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته زينب جو اهو واقعو پهريون ۽ آخري ناهي. تازو ئي دادو ڀرسان موري ۾ ٻارڙي سان زيادتي جو ڪيس سامهون آيو آهي، هن سماج ۾ اهو مسئلو تمام ڳنڀير آهي ۽ ان کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي

سوال اهو آهي ته ڇا اسان زينب ڪيس جهڙا واقعا مستقبل ۾ روڪي سگهڻ جي صلاحيت رکون ٿا؟ هاڻي جڏهن زينب جو قاتل گرفتار ٿي چڪو آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو سک جو ساهه کڻندا ته هڪ وحشي جيل پٺيان آهي پر اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته اهو مسئلو سماج ۾ تمام گهرو ٿي چڪو آهي

پاڪستان ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا رپورٽ نه ٿيندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته ٻارن سان زيادتي بابت اسان وٽ انگ اکر گهٽ آهن، حڪومتي ليول تي به ساڳيو حال آهي ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن وٽ ان حوالي سان ڪي به انگ اکر ناهن.انگ اکر نه هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته هتي اهڙا واقعا پيش ئي نٿا ٿين

ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ اداري ساحل، Sahil cruel numbers report موجب گذريل سال جنوري کان جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 1764 ٻارڙن سان زيادتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا

جنهن مان 752 اهڙا ڪيس هئا، جن ۾ ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان واقف هئا، جڏهن ته 291 ويجهي مائٽن اجنبي جي مدد سان ان ڏوهه ۾ شريڪ ٿيا. ان اداري موجب ٻارن سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ واقعا ته رپورٽ ئي نٿا ٿين، جنهنڪري ان ڏوهه ۾ ملوث جوابدار آزاد گهمن ٿا جنهنڪري اهڙا واقعا ٿيڻ جا امڪان اڃان وڌي وڃن ٿا

ان لاءِ اسان ائين ڪري سگهون ٿا ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن کي ان حوالي سان بنيادي تعليم ڏيون، جنهن لاءِ گهر ۽ اسڪول مان شروعات ڪرڻي پوندي ۽ گلن جهڙن ٻارڙن کي ان بابت آگاهي ڏيڻي پوندي

ٻارن سان ٿيندڙ جسماني ڏاڍائين جي حوالي سان جيڪا به تحقيق سامهون آئي آهي، ان مان خبر پئي آهي ته ان ڏوهه ۾ هميشه ٻارن جا ويجها مائٽ هوندا آهن، جيڪي ٻارن کي ڪا لالچ يا بهانو بڻائي جنسي حوس جو شڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان لاءِ والدين کي پنهنجي ٻارن جو ويجهو ايندڙ مائٽن جي رويي تي نظر رکڻي پوندي

ٻارن جو جنسي شڪار ڪندڙ اڪثر رشتيداري جو فائدو وٺندي ٻارن جي ويجهو ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته اڪثر والدين ويجهي مائٽن يا سڃاتل ماڻهن تي آساني سان ڀروسو ڪندا آهن ۽ نتيجو اهو نڪري ٿو جيڪا اسان کي تحقيق ٻڌائي رهي آهي

سپريم ڪورٽ زينب قتل ڪيس ۾ اينڪرپرسن شاهد مسعود جي الزامن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ جي آءِ ٽي ته ٺاهي آهي، پر صحافت ۾ ايئن ثبوتن جي بغير الزام بازي ڪرڻ سان سڄي معاشري ۾ هڪ غلط پيغام ويو آهي، ميڊيا هن وقت سماج کي سوچرائي ٿي پر جيڪڏهن خبرون صرف قياس آرائين تي ٻڌل هونديون ۽ بنا ڪنهن ثبوتن جي صحافي اهڙيون دعوائون ڪندا ته معاشري تي ان جا ناڪاري اثر پوندا. انويسٽيگٽو صحافت بدران هاڻي الزامن ذريعي خبرون پيدا ڪري ٿي. حقيقت اها آهي ته زينب واقعي کانپوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا ان کي خاص ڪوريج نه ڏني هئي، قصور جو واقعو تڏهن اهم بڻجي ويو جڏهن ته اتي جي شهرين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سخت احتجاج ڪيو ۽ پوليس ان دوران فائرنگ ڪندي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو. ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي خبر وائرل ٿي وڃڻ ڪري رياستي ادارن ان طرف ڌيان ڏنو

پر اسان هر ڪيس ۾ حڪومت، ميڊيا يا ٻين اختيارين کان اها اميد نٿا رکي سگهون ته اهڙن واقعن ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي م آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪندي آواز اٿارين

ان لاءِ تمام گهڻن سڌارن جي ضرورت آهي. اهي سڌارا تعيلمي ادارن کان ويندي قانون ۾ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچي سگهجي

مثال طور سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ موجود ڪارو ڪاري واري رسم خلاف آهستي آهستي ئي پر ان حوالي سان بهتر قانون جوڙيا ويا آهن، ساڳي طريقي سان جنسي ڏاڍائي خاص ڪري ٻارن سان جنسي ڏاڍائي کي وڌ ۾ وڌ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته مسئلو ڪيترو به نازڪ هجي اسان ان بابت جيستائين ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين ڳالهه اڳتي نه وڌندي. ٻارڙن کي محفوظ بچائڻ لاءِ بهتر قانون جڙڻ سٺو سنوڻ آهي پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته والدين ان معاملي کان آگاهه رهن

ان حوالي سان نصاب ۾ ٻارڙن جي حفاظت لاءِ سبق شامل ڪرڻ گهرجن، اهو تمام گهڻو نازڪ معاملو آهي، جيڪو ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ نصاب جو حصو آهي. ان حوالي سان ڪجهه اين جي او ٻارڙن جي حفاظت جي حوالي سان بهتر ڪم ڪري رهيو آهن، انهن کان مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته انهن کي ٻارڙن جي حفاظت جي حوالي سان تجربو آهي

اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته هي سماج ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي، دهشتگردي ۽ بيروزگاري جي ڪري ڪيترن ئي اندروني توڙي ٻاهرين علائقن مان لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي ۽ انڪري وڏن شهرن ۾ مختلف قومون قبيلا رهن ٿا، انڪري پراڻي سماجي نظام ۾ جيڪو هڪٻئي مٿان ڀروسو هوندو هيو اهو گهڻي حد تائين ختم ٿي ويو آهي. ان جو اهو مطلب به ناهي ته اسان هڪٻئي مٿان ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏيون پر بدلجندڙ حقيقتن کي نظر ۾ رکندي والدين کي پنهنجي ٻارڙن جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا

ٻار جي اهڙي ئي تربيت ٿيندي، جهڙو معاشرو هوندو، هي ملڪ انتهائي غربت اڻبرابري ۽ سماجي انصاف نه هجڻ ڪري خطرناڪ حد تي پهچي ويو آهي. معاشري ۾ جهڙي ٻار جي تربيت ڪئي ويندي اهو ٻار انهن روين کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيندو ۽ ان ئي آڌار تي هو پنهنجي شخصيت ٺاهيندو. اهي رويا سماجي ۽ نفسياتي هوندا آهن جيڪي ڪنهن به ماڻهو جي شخصيت جڙڻ جو بنياد هوندا آهن. قصور واقعي جو جوابدار عمران به هن سماج جي پيداوار آهي، انڪري هن سماج ۾ جيڪي اوڻايون آهن، جيڪي اهڙا وحشي پيدا ڪن ٿيون، انهن سبب تي سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي

ٻار جي تربيت ۾ سڀ کان اهم ڪردار ماءُ جو هوندو آهي، پر اسان کي هن سماج جي عورت جو به تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پدشاهي سماج ۾ رهون ٿا. جتي عورت مرد جي ملڪيت سمجهي وڃي ٿي، انڪري سماج جو وڏو حصو عورت اڻبرابري ۽ متڀيد رويي کي منهن ڏئي ٿي. هر سماج جي ترقي ۾ مرد سان گڏ عورت جو ڪردار به هڪجيترو هوندو آهي، جيڪڏهن سماج ۾ عورت کي برابري جا حق ۽ موقعا نه هوندا ته اهو سماج ترقي نه ڪري سگهندو. ساڳي طرح سان ان جا اثر ٻارن تي به پوندا آهن

ٻارن جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته اسان انهن جي چر پر تي نظر رکون ۽ کين صحيح غلط جي سڃاڻپ ڪرايون، انهن ۾ ڪنهن به قسم جي اڻبرابري نه ڪيون، جيئن ملالا يوسفزئي ڊيووس ۾ ٻارن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کين ننڍپڻ ۾ انهن کي برابري جي تعليم ڏيون ته هو وڏا ٿي هڪ بهتر شهري ثابت ٿي سگهن ٿا. تربيت کانسواءِ تعليم اڻپوري آهي، انڪري تعليم سان گڏ معاشري اندر کين جيترو شعور ڏئي سگهون اسان کي ان حوالي سان ڪوتاهي ڪرڻ جي گنجائش ناهي ائين ڪرڻ سان ئي اسان قصور جهڙي واقعن کان پنهنجي ٻارن کي بچائي سگهون ٿا